آچر , 28 فيبروري 2021
ensdur

گورنر سنڌ عمران اسماعيل آءِ جي پوليس سنڌ کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل آءِ جي سنڌ مشتاق مهر کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته ڪراچي ۾ جيڪي معاملا ٿي رهيا آهن، اُن سان متحده لنڊن جي سربراهه جو دور ياد اچي رهيو آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي گورنر چيو آهي ته  سنڌ پوليس به متحده لنڊن جي غندن جهڙو رويو رکيو آهي، آءِ جي سنڌ ناڪام ٿي ويو ۽ سياسي ڌُر بڻجي ويو آهي، هن چيو آهي ته وفاقي سرڪار سنڌ پوليس جي مامرن جو غور سان جائزو وٺي رهي آهي، پوليس کي اُن حوالي سان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، آءِ جي سنڌ وٽ آخري موقعو آهي ته پوليس جي مامرن کي سڌو ڪري.

هن وڌيڪ چيو آهي ته صوبي ۽ هن شهر ۾ جنگل جو قانون هلي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان سان اڄ صبح ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، هاڻي پاڻي مٿي کان چڙهي ويو، مان وزيراعظم کي خط به لکي آءِ جي سنڌ جي تبديلي جو مطالبو ڪيو آهي.

بابت Editor

ھيءُ پڻ چيڪ ڪريو

گڏائڻ جو گس | ڊاڪٽر عبدالرحمٰن پيرزادو

تحرير: ڊاڪٽر عبدالرحمٰن پيرزادو منھنجو اھو چوڻ آھي تہ آفتون پاڻ سان موقعا بہ کڻي …

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *