اربع , 25 نومبر 2020
ensdur

ڪورونا ڪيسن ۾ اوچتو گھٽتائي: حقيقت يا فسانو؟ | ماھم سنڌي

تحرير: ماھم سنڌي
ڪورونا وائرس سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ پنھنجي پوري جوڀن سان پکڙجي ويو آھي، جنھن جي روڪٿام ۽ وائرس کي ختم ڪرڻ جون ڪيل ناڪام ڪوششون سڀئي بي مطلب ثابت ٿي رھيون آھن. شروع ۾ ويھ کان پنجاھ ڪيس ظاھر ٿيڻ تي جڏھن ملڪ اندر بي وقتائتيون ٻانگون پئي ڏنيون ويون، تڏھن جسم سان گڏ روح بہ ڪنبيو پئي، پر اھي اذانون بہ ھاڻي تڏھن ختم ڪيون ويون آھن جڏھن ڪيس روز ھزارن جي تعداد ۾ رپورٽ ٿي رھيا آھن. ان سان گڏ سمارٽ لاڪ ڊائون جي نالي سان جيڪو نمونو چيو ويو آھي، تنھن تي بہ ڪو عمل ٿيندي نظر نہ پيو اچي، ويتر ڇنڇر آچر تي ڪجھ مارڪيٽون بند ھئڻ ڪري سومر ڏھاڙي رش ٻيڻي ٿي ويندي آھي ۽ ان رش ۾ ورلي ڪنھن کي ماسڪ ۽ ھٿن ۾ گلووز پاتل ھوند آھن. ۽ ٿورو سوچيو تہ جيڪي اھو احتياط ڪرڻ کان ڪيٻائين پيا سي ڇا تہ سينيٽائزر استعمال ڪندا ھوندا؟
ڪورونا وبا جي لاء پاڪستان کي ھڪ ارب ڊالر جي امداد وصول ٿي چڪي آھي، جنھن مان پنجاھ ڪروڙ  ڊالر عالمي بئنڪ ۽ پنجاھ ڪروڙ ڊالر ايشيائي بئنڪ ڏنا آھن. پر ان ھوندي بہ گھربل تعداد ۾ وينٽيليٽر نہ ھئڻ سبب کوٽ پنھنجي جڳھ تي برقرار آھي، ان سان گڏ ڪورونا مريضن ۽ انھن جو علاج ڪندڙ اسپتال جي عملي وٽ گھربل سھولتون پڻ موجود ناھن . ڪورونا نہ صرف عام ماڻھن کي پر وڏن سياسي سماجي نالن کي پڻ پنھنجي وڪڙ ۾ آڻي ۽ ڪن کي ماري چڪي آھي، تنھن ھوندي بہ اسان جو وزيراعظم ، ان  وبا کي سنجيدہ نہ وٺي عوام جي جان جوکم ۾ وجھي ڇڏي آھي.
ڪورونا کي ھٿ وٺي پکيڙي ڇو ۽ ڇا لاء عوام جي زندگين سان راند کيڏي وئي، تن جو پتو معلوم ناھي پر ايترو ضرور چئي سگھجي ٿو تہ وزيراعظم جي غلط پاليسين، بيانن ۾ تضاد  ۽ لاڪ ڊائون تي ٿيل اختلاف ڪورونا کي ائين پاڪستان ۾ ڦھلايو، جئين واٽر جا بند ٽوڙي پاڻي کي ٻنيءَ جي ٻارين اندر وھائي ڪنھن جو فصل کي ٻوڙڻو ھوندو آھي . وري ھفتو ڏيڍ مس ٿيو ھوندو تہ اوچتو اھا ڳالھ ميڊيا تي آندي وئي آھي تہ ڪورونا وائرس پاڪستان اندر مڪمل ضابطي ۾ اچي چڪو آھي، ۽ روزانہ جي بنيادن تي فوتگيون توڙي نوان ڪيس گھٽ رپورٽ پيا ٿين. ميڊيا تي اھا ڳالھ ايندي ئي پنجاب جٿي روز ھزارن جي تعداد ۾ ڪيس ٿيا پئي، اھي وڃي اڌ تي بيٺا آھن، ۽ سنڌ ۾ روزانہ رپورٽ ٿيل ڪيسن جي تعداد بہ ھڪ ھزار کان ھيٺ لھندي نظر اچي پئي، ۽ مٿان وري فوتگيون بہ گھٽ پيون ڏيکاريون وڃن. جيڪر اھا سموري ڳالھ سچ آھي تہ رب جا لک شڪرانا، پر وفاقي حڪومت جا اھي بيان وھم پيا وڌائين جن ۾ چيو ويو تہ ٽيسٽون گھٽايون وڃن، پوء پاڻھي ئي ڪيس گھٽ ٿي ويندا. پنجاب اندر انھي پاليسي تي عمل پڻ ڪيو پيو وڃي. جنھن سان ھليل افواھن اھو خوف بہ پکيڙي ڇڏيو آھي تہ، ڪورونا وائرس کي جھڙي ريت وڌايو ويو ھو تہ غير ملڪي امداد ملندي ۽ اھا ھڙپ ڪئي ويندي. تھڙي طرح ان کي پاڻمرادو گھٽايو پيو وڃي، ڇوتہ وڌيڪ امداد ملڻ جو ڪو آسرو آھي ڪونہ.
پر جيڪا امداد ملي آھي  سان قومي خزاني ۾ جمع ٿيڻ بعد بہ ان جو ڪو حساب ڪتاب ناھي ڏنو ويو تہ ڪٿي ۽ ڪئين خرچ ٿي؟ سو جنھن ميڊيا کي خوف ڦھلائڻ لاء استعمال ڪيو ويو ان کي ئي خوف گھٽائڻ لاء ۽ ڪورونا جي گھٽ ۾ گھٽ رپورٽنگ ڪرڻ لاء چيو ويو آھي. اھي افواھون تہ کڻي ڪوڙ مڃجن ، پر جن عوام جي رت ۽ پگھر جي قدر نہ ڪندي، عام واھپي جي شين جا اگھ وڌائي مال ڪمايو آھي ، اھي ڪجھ بہ ڪري سگھن ٿا. ورنہ ڪجھ مھينا اڳ جنھن ملڪ ۾ ڪڻڪ لٿي ھجي، اتي اٽو مھانگو، ۽ ڪمند لھڻ جي موسم ۾ کنڊ مھانگي ڪئين تہ ٿي سگھي ٿي؟ سو نالي ماتر لاڪ ڊائون جي ھوندي، جنھن ۾ گھڻي ڀاڱي احتياطي اپائن کي ٿڏيو پئي ويو، اتي ائين اوچتو ڪيسن جو گھٽجڻ بہ ڪنھن معجزي جو ڏيک ڏئي پيو.  ھڪ پاسي تہ اھا بہ ڳالھ پکڙيل آھي تہ ان وائرس کي دنيا سامھون لڪائڻ ۽ پنھنجي فتح ڏيکارڻ لاء فوتگين توڙي ڪيسن جا تعداد ھٺ وٺي گھٽايا پيا وڃن. جئين دنيا سامھون بہ سرخرو ھجون، ۽ ملڪ اندر بہ اسان جي واھ واھ ھجي، ۽ جنھن جو ماڻھو مري سو ئي ڀوڳي.  پنجاب ۾ 28 جولائي کان 5 آگسٽ تائين اوچتو مڪمل لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو ويو آھي، جنھن جا اڻ ظاھر ٿيل سبب بہ اھي ئي ھوندا تہ، وائرس تيزي سان وڌي پيو. مٿان عيدالاضحي جون گڏجاڻيون ۽ محرم جي جلسن جلوسن جي مڪمل اجازت ڏيڻ ڪنھن وڏي خطري کان گھٽ ناھي. عالمي صحت وارو ادارو بہ بار بار اھا وارننگ جاري ڪري پيو تہ ڪورونا وائرس جي ھڪ نئي لھر اچي سگھي ٿي، جيڪا وڌيڪ خطرناڪ ھوندي. پر اسان ان تي عمل ڪرڻ کان بہ آجا آھيون، ڇوتہ اسان جي فيصلن کي ۽ سمارٽ لاڪ ڊائون کي سڄي دنيا پئي فالو ڪري تہ اسان ڇو ڪنھن کي ٻڌون؟ اللہ ڪري مان غلط ھجان، پر جيڪر اھا سوچ وٺي ڪورونا کي دٻايو پيو وڃي تہ ھاڻي ڪا امداد ناھي ملڻي، ۽ ڪاروبار بند ٿيڻ سان ملڪ کي مالي نقصان پوندو تہ، خدانخواسته وڏي جاني نقصان جو خطرو پيش اچي سگھي ٿو ۽ اڃا وڌيڪ تيزي سان وائرس پکڙڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿو. ڪورونا جي وبا اڃا ٽري ناھي تہ صحت وارو خاص معاون ظفر مرزا پڻ اڌ ۾ استعيفي ڏئي وڏي غيرذميواري جو مظاھرو ڪيو آھي ، پر ان سان گڏ ھو پنھنجي ناڪامي تسليم ڪري روانو ٿئي ھا تہ وڌيڪ بھتر ھو. سو اسان کي حڪومتي رحم و ڪرم تي رھڻ بدارن اھي سڀ احتياطي اپاء وٺڻ گھرجن جيڪي گھربل آھن، ورنہ اسان ڏسون پيا تہ حڪومت کي عوامي جان کا وڌيڪ ملڪي معيشيت پياري آھي. سو ياد رکو تہ ڪورونا وائرس اڃا ڪنھن بہ ريت ختم ناھي ٿيو، ۽ ڪيس گھٽجڻ جي ڳالھ حڪومتي پاليسي جو حصو بہ ٿي سگھي ٿي.

بابت Maham Sindhi

ھيءُ پڻ چيڪ ڪريو

پنجاب ڪابينا شهبازشريف ۽ حمزه کي 5 ڏينهن لاءِ پرول تي آزاد ڪرڻ جي اجازت

پنجاب ڪابينا شهبازشريف ۽ حمزه شهباز کي 5 ڏينهن لاءِ پرول تي آزاد ڪرڻ جي …

جواب ڏيو

توھان جي ايميل ايڊريس شايع نہ ڪئي ويندي. اھم خانن کي * جو نشان لڳايو ويو آھي