ڇنڇر , 8 آگسٽ 2020
ensdur

ڪورونا وائرس بچاءَ جا طريقا ۽ اسان جون ذميواريون

ڪورونا وائرس بچاءَ جا طريقا ۽ اسان جون ذميواريون

سنڌي وڪيپيڊي جي سرگرم رڪن مھتاب احمد پاران سھيڙيل ۽ لکيل

معزز شھري، جيئن تہ اسان سڀ بخوبي واقف آھيون تہ ھن وقت پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس تمام تيزي سان پکڙجي رھيو آھي. جيڪڏھن ان جي روڪٿام نہ ڪئي وئي تہ تمام گھڻو نقصان ٿي سگھي ٿو، ھن وقت اسان جو ملڪ بدترين معاشي حالتن کي منھن ڏئي رھيو تنھنڪري ھر شخص کي پنھنجي حصي جي ذميواري پوري ڪرڻي پوندي، ٻي صورت ۾ ان سان مقابلو ڪرڻ ممڪن نہ آھي. ھيٺ ڪجھ ھدايتون ڏجن ٿيون جن تي عمل ڪري اسان پاڻ ۽ ٻين کي ھن وبا کان بچائي سگھون ٿا.

ڪورونا وائرس ڇا آھي؟

ڪورونا وائرس ھڪ جـراثيم آھي جيڪو ھڪ شخص کان ٻين ڏانھن تمام تيزي سان منتقل ٿي ٿو. ھي وائرس ڳلي، ڦڦڙن، معدي ۽ گردن کي نقصان پھچائي ٿو. ڪنھن بہ شخص کي سخت بيمار ڪرڻ ۾ ھن کي پنج کان ست ڏينھن لڳن ٿا. پھريان ھي خشڪ کنگھ، زڪام ۽ بخار سان شروع ٿئي ٿو، ۽ اھي تڪليف پوءِ وڌيون وڃن ٿيون ۽ ڳلي ۾ سور، ساھ کڻڻ ۾ تڪليف ۽ مٿي ۾ سور ٿئي ٿو. جيڪڏھن ھي علامتون ستن ڏينھن تائين جاري ھجن تہ فوراً پنھنجو ٽيسٽ ڪرايو.

ھي وائرس متاثر شخص سان نہ صرف ملڻ پر ان جي کنگھڻ ۽ ٿڪڻ جي ڪري پڻ پکڙجي ٿو. متاثر شخص جي استعمال ۾  ڪپڙا، پلاسٽڪ، ڪاغذ، ٿانو ۽ ڪاٺ وغيره جو سامان آھي تہ ممڪن آھي تي ھي وائرس اتي چوويھن ڪلاڪن تائين موجود ھجي.

ياد رھي: ڪجھ اھڙا بہ مريض آھن جن کي کنگھ ۽ زڪام ناھي ان جي باوجود بہ اھي وائرس کان متاثر ٿيل آھن، تنھنڪري ھڪ ٻئي سان ھٿ ملائڻ ۽ گڏ ويھڻ کان سخت پاسو ڪيو وڃي.

ذاتي بچاءُ

ٻي ڪنھن کي محفوظ رکڻ کان اڳ ضروري آھي تہ اسان سڀ کان پھريان پنھنجي حفاظت ڪريون. ان لاءِ ھيٺين ڳالھين تي عمل ڪيو وڃي.

  • پنھنجا ھٿ ھر وقت صابڻ سان ڌوتل رکڻ گھرجن
  • جيڪڏھن ڪنھن ۾ مصروف آھيو تہ ھٿن کي منھن، نڪ، اکين يا ڪنن وغيره سان نہ لڳايو
  • نماز لاءِ وضو گھر ۾ ڪيو ۽ ممڪن ھجي تي سنتون ۽ نفل بہ گھر ۾ پڙھو
  • ھٿ ملائڻ يا ڀاڪر پائڻ کان پاسو ڪريو
  • ڪٿي ميڙ ڪري نہ بيھو
  • گھڻو وقت گھر ۾ گذاريو ۽ سفر يا اچ وڃ کان پاسو ڪريو
  • ترش ميوا جھڙوڪ: نارنگيون، ليما وغيره کائو
  • تريل ۽ سڻڀين شين کان پاسو ڪريو
  • پاڻيءَ جو واھپو سٺو رکو ۽ اڃ لڳڻ بعد جلد پاڻي پيئو
  • گھر جي وڏن ۽ ٻارن سان ميل جول محدود رکو ۽ انھن کي ٻاھر وڃڻ جي اجازت نہ ڏيو
  • کنگھ ۽ زڪام ھجي تہ پنھنجي منھن کي ڍڪيو ۽ صاف ڪرڻ کانپوءِ پنھنجا ھٿ سٺي نموني ڌوئو

گھر جو بچاءُ

گھر جي حفاظت لاءِ ھي اپاءَ وٺو

  • گھر ۾ داخل ٿيڻ شرط صابڻ سان ھٿ ڌوئو
  • گھر کي ھوادار رکو ۽ جيڪڏھن ٿي سگھي تہ اُس کي روڪڻ لاءِ ڪپڙا يا پردا نہ لڳايو
  • فرش تي فنس يا ڊٽول جو باقاعدگيءَ سان پوچو ڏيو
  • گھر جي فرنيچر کي بہ صاف سٿرو رکو ۽ گھم يا گند ڄمڻ جو خيال رکو
  • گھڻو استعمال ٿيندڙ شين (درن جا ڪڙا، گرل، ٿانو وغيرہ) کي بار بار صاف ڪريو
  • مھمان اچن تہ انھن کي پھريان ھٿ ڌوئرايو
  • کاڌو پيتو جدا ٿانون ۾ کائو
  • جانورن جي ويجھو نہ وڃو

چوگردائي جو خيال

  • جيڪڏھن توھان جي آس پاس ۾ ٻاھرين ملڪ کان ڪو ماڻھو تازو آيو آھي ۽ ان کي کنگھ، زڪام، بخار ۽ ساھ کڻڻ ۾ ڏکـيائي جي شڪايت آھي تہ ان کي آگاھ ڪريو تہ ھو جلد پنھنجي حڪومت جي ڏسيل اسپتالن مان ٽيسٽ ڪرائي يا ڏنل نمبر تي رابطو ڪري.

021-99204452 or 021-99206565 or 0316-0111712

  • جيڪڏھن ٻاھرين ملڪ کان آيل شخص کي ڪا تڪليف ناھي تہ بہ انکي ٻہ ھفتا گھر ۾ رھڻ جي ھدايت ڪئي وڃي ۽ ان سان ميل جول بلڪل بہ نہ رکي وڃي
  • ممڪن ھجي تہ پاڙي ۾ روزانو ڊٽول ۽ بلورين جو اسپري ڪرايو وڃي
  • پاڙي ۾ گند ڪچرو گڏ ٿيڻ نہ ڏيو
  • جانورن جو خيال رکندڙن سان ميل جول گھٽ رکو
  • جانورن جي واڙن جي باقاعدگيءَ سان صفائي سٿرائي ڪئي وڃي

بابت Editor

ھيءُ پڻ چيڪ ڪريو

شڪر تي تفصيل وار ڳالھ ٻولھ | ظھير حسين

تحرير: سرادر ظھير حسين ملوڪاڻي حصون ڇوٿون (آخري) شڪر گذاري جا فائدا نعمتن ۾ اضافو …

ھڪڙو تبصرو

  1. جوڳي اسد راڄپر

    ڏاڍو سُٺو ۽ لاڀائتو ليک پياري مھتاب احمد سُٺي ڄاڻ ڏني👌

جواب ڏيو

توھان جي ايميل ايڊريس شايع نہ ڪئي ويندي. اھم خانن کي * جو نشان لڳايو ويو آھي