آچر , 29 نومبر 2020
ensdur

ڪورونا جي وبا ۽ سنڌ | ڊاڪٽر عبدالرحمان پيرزادو

تحرير: عبدالرحمان پيرزادو (پبلڪ ھيلٿ اسپيشلسٽ)

ھن وقت جڏھن سنڌ ڪورونا جي وبا جي پھرين مرحلي مان آجي ٿيندي نظر پئي اچي.
ان نازڪ موقعي تي سڀني دوستن کي عرض تہ مھرباني ڪري جنھن معاملي جي جوڳي ڄاڻ نہ ھجي، ان تي ويھي فتوائون ڪڍڻ ڪو سٺو عمل ڪونھي. ھن وبا جي ٻين بيمارين سان ڀيٽ ڪرڻ بہ ڪو مناسب رويو ڪونھي. ڪورونا جي ھن نئين وائرس جي برپا ڪيل ڪووڊ ـ 19 جي وبا، اڄ بہ دنيا لاءِ مصيبت بڻيل آھي.
اسان جڏھن پھرين مرحلي مان نڪرئون پيا، انوقت صورتحال کي بيان ڪرڻ مھل لفظن جي مناسب چونڊ ڪرڻ گھرجي.
ياد رکجو
وبا جھڪي ٿي آھي،
ختم ڪونہ ٿي آھي
انڪري وڌيڪ احتياط ڪرڻو پوندو.
پنھنجو ۽ پنھنجي پيارن جو خيال رکو.
ڪورونا وائرس جي ڦھلاءَ ۽ ٻيھر ظاھر ٿيڻ کان روڪڻ جو سولو ۽ ڪاگر طريقو:
① کنگھ يا نڇ اچڻ جي وقت پنھنجي وات کي ڪنھن ڪپڙي سان ڍڪيو.
② ھٿن کي چڱي طرح صابڻ سان ڌوئي، صاف ڪريو يا ‘الڪوحل’ جو محلول ھٿن تي مليو.
③ کنگھ، زڪام، بخار يا ساھ جي تڪليف ڀانئيو تہ ڪنھن مستند ڊاڪٽر سان جلدي مشورو ڪريو.
④ گھر کان ٻاھر ھڪ ٻئي کان گھٽ ۾ گھٽ 3 فوٽ وٿيرڪا رھو.
⑤ گھر کان ٻاھر جيڪڏھن ڪنھن دڪان، بئنڪ يا مارڪيٽ وڃو تہ ڪپڙي جو ‘ماسڪ’ استعمال ڪريو.

بابت Editor

ھيءُ پڻ چيڪ ڪريو

ڪرپشن جا ڪيس ۽ ميڊيا جي ذميواري | قاضي آصف

تحریر: قاضي آصف 2008ع ۾ ڪجھ پاڪستاني صحافين جو ھڪ وفد، جنھن ۾ آءُ بہ …

جواب ڏيو

توھان جي ايميل ايڊريس شايع نہ ڪئي ويندي. اھم خانن کي * جو نشان لڳايو ويو آھي