ڇنڇر , 17 اپريل 2021
ensdur

ڊسڪا اليڪشن: نتيجن تي آيل ڪوھيڙو | نصرت جاويد

تحرير: نصرت جاويد

گذريل جمعي جي شام وزيرآباد ۽ ڊسڪه ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ لاءِ ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿيندي ئي وزيراعظم هائوس کي “ڄاڻ” ڏني وئي ته وچ پنجاب جي انهن شهرن ۾ صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي خالي ٿيل ٻنهي سيٽن تي تحريڪ انصاف جو نامزد اميدوار کٽي ويندو. ڄاڻايل اطلاع جو گهرائي سان جائزو وٺڻ گھربو هو. جولاءِ 2018 جي چونڊن دوران هزارين ڏکياين باوجود اهي سيٽون نواز شريف جي نالي سان منسوب مسلم ليگ جي اميدوارن وڏي اڪثريت سان کٽي ورتيون هيون. ان پارٽي جي “ووٽ بينڪ” کي ڌڪ رسائڻ لاءِ اڃا  تائين ڪو معجزو ناهي ٿيو. ننڍي چونڊن لاءِ جيڪي عورتون مسلم ليگ ن جون نامزد ڪيل هيون اهي فوت ٿي ويل ميمبرن جون خانداني “وارث” هيون. وارثن کي سولائي سان همدردي جو ووٽ ميسر ٿي ويندو آهي ۽ چونڊ مهم به انهن ٻنهي وڏي جاندار انداز ۾ هلائي هئي.

پر حڪمرانن جي خوش فهم دل حقيقتن جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ تيار ناهي ٿيندي. تحريڪ انصاف جي ترجمانن جي فوج هونءَ به 13 ڊسمبر 2020ع جي شام لاهور ۾ اپوزيشن پارٽين جي اتحاد طرفان مينارِ پاڪستان جي پاڇي هيٺ ٿيل جلسي کي “ناڪام” قرار ڏئي ڇڏيو. ان جسلي جي “ناڪامي” جا اثر ننڍي چونڊ دوران ظاهر ٿيڻ جو بي تابي سان انتظار ڪري رهيا هئا. فيصلو ٿيو ته “هرپل جي خبر” ڏيندڙ ٽي وي چينلن کي “خوش خبري” ٻڌائڻ لاءِ تيار ڪيو وڃي.

پر هر حوالي سان “تابعدار” بڻيل ميڊيا کي پنهنجي “آزادي” ۽ ساک جي به لڄ رکڻي هوندي آهي. موبائل فون جي زماني ۾ فيلڊ ۾ سرگرم رپورٽرن وٽ پنهنجي “خبر” کي درست ثابت ڪرڻ جا کوڙ سارا ثبوت موجود هوندا آهن. جنهن تڪ جي باري ۾ اهي رپورٽنگ ڪري رهيا هئا اتي جا رهواسي به ننڍي چونڊ جي ڏينهن ۾ تمام “حساس” هوندا آهن. زميني حقيقتن جي ابتڙ ڪهاڻي کي وڌائي پيش ڪرڻ ناممڪن بڻائي ڇڏيندا آهن.

ووٽن جي ڳڻپ جو عمل ان کانپوءِ شروع ٿي چڪو هو. رات جو اٺين وڳي کانپوءِ اهو رجحان (ٽرينڊ) ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويو ته تحريڪ انصاف اها سيٽ کٽي نه سگھندي، پر حڪمران پارٽي لاءِ ان دوران “سٺي خبر” اها هئي ته اها پنهنجي مخالفن کي جولاءِ 2018ع جي ابتڙ ٽف ٽائيم ڏئي رهي آهي. مقابلو هڪ طرفو نه چوٽي جو نظر آيو. ان پاسي کي اجاڳر ڪندي تحريڪ انصاف جي حامين لاءِ خوشي ۽ تسلي جوڳو ماحول بڻائي پيو سگھجي. ميڊيا جي ٻولي ۾ ان کي فِيل گڊ ماحول سڏيندا آهن. پر اهڙي ماحول کي نوشهره مان آيل نتيجن ڪاري ضرب هنئي. پرويز خٽڪ صاحب جي اباڻي شهر مان خالي ٿيندڙ صوبائي اسيمبلي جي هڪ سيٽ مسلم ليگ ن جي اختيار ولي کٽي ورتي. پي ڊي ايم ۾ هوندي به پشتون قوم پرستي جي دعويدار اي اين پي ننڍي چونڊ دوران هتي پنهنجو اميدوار بيهاريو هو. ان جي موجودگي به حڪمران پارٽي جي ڪم نه آئي. ان صوبي ۾ جتي تحريڪ انصاف 2013ع کان اقتدار ۾ آهي نوشهره جي ننڍي چونڊ هارائڻ واري ڏينهن ئي مسلم ليگ ن کي وچ پنجاب ۾ هارائڻ جي دعويٰ کي اعتبار جوڳو نه پئي بڻائي سگھيو. وڏي انتطار کانپوءِ آخرڪار خبر اها به اچي وئي ته وزيرآباد جي صوبائي اسيمبلي واري سيٽ تحريڪ انصاف هارائي وئي آهي. ان شهر جي پاڙي ۾ موجود ڊسڪه مان “مختلف” خبر اچڻ جي ان ڪري گنجائش نه رهي.

پر رات گھاٽي ٿيندي ئي ڊسڪه ۾ “ڌند”(ڪوهيڙو) پکڙجڻ شروع ٿي ويو. 23 پولنگ اسٽيشنن جو چونڊ عملو ۽ اتي وڌل ووٽ ان ۾ “گم” ٿي ويا. “ڌند” جي شدت مبينا طور موبائل فونز کي به ناڪاره بڻائي ڇڏيو. ڊسڪه ۾ وڌل ووٽن جي ڳڻپ مڪمل نه ٿي سگھي. مسلم ليگ ن جي سرگرم اڳواڻن رات دير تائين فرياد ڪندي “ڌاندلي” جو ماحول بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو. شايد انهن جي دانهن ڪنهن ڪم نه اچي ها، پر آئيني لحاظ کان مڪمل “خودمختيار” اليڪشن ڪميشن  ڇنڇر جي صبح جو سج اڀرڻ کان اڳ ئي باقاعدي طور تي جاري ٿيل هڪ پريس رليز ذريعي “ڌند” جي ڪري رنڊڪ جو شڪار ٿيل چونڊ نتيجن بابت سنگين سوال اٿاري ڇڏيا. پنجاب پوليس ۽ ضلعي انتظاميا انهن سوال جي ڪري “شڪي ڪردار” ادا ڪندي محسوس ٿيا. لطيفو اهو به ٿيو ته جيڪي پولنگ اسٽيشنون “ڌند” ۾ گم ٿي ويون هيون، اتي ووٽ وجھڻ جي شرح 80 سيڪڙو کان ٽپندي نظر آئي. جڏهن ته 300 جي لڳ ڀڳ ٻين جاين تي شرح 40 سيڪڙو کي ڇندي به نظر نه آئي. ڊسڪه جي ننڍي چونڊ جا نتيجا ان جي ڪري وڌيڪ “شڪي” ٿي ويا.

چونڊ نتيجن جو “شڪي” ٿيڻ وطن عزيز ۾ “اڻ ٿيڻي” ناهي سمجھي ويندي. انڌي نفرت ۽ عقيدت ۾ ورهايل معاشري ۾ حقيقتن کي کليل دل سان تسليم ناهي ڪيو ويندو. “جمهوريت” اسان لاءِ هونءَ به ڪي ئي حوالن سان هڪ “پرائي” شيءِ آهي. پر دنيا جي طاقتور ترين جهوريت طور مشهور ٿيل آمريڪا جي گذريل سال نومبر ۾ ٿيل صدارتي چونڊن جا نتيجا به ٽرمپ جي جنوني حامين تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، پر چونڊ نتيجن بابت جھيڙا سياسي ڌرين تائين ئي محدود رهندا آهن. اسان جي تاريخ ۾ سايد پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو چونڊ عمل جو حتمي ذميوار قرار ڏنل اليڪشن ڪميشن باقاعدي انداز ۾ لکيل هڪ پريس رليز ذريعي ڊسڪه ۾ ٿيل چونڊن بابت سوال اٿاري ڇڏيا آهن. انهن سوالن کان منهن موڙڻ ممڪن ناهي.

پنجاب پوليس ۽ ضلعي انتظاميا پاڻ کي معصوم ثابت ڪرڻ تي ڄمي رهي ته قضيو فقط سياسي ڌرين تائين ئي محدود نه رهندو. رياست جو هڪ آئيني ادارو يعني اليڪشن ڪميشن بادي جي لحاظ کان پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي جي “عير سياسي” انتظاميا جي غير جانبداري کي شڪي بنائيندي نظر انيدو. رياستي ٿنڀن جي وچ ۾ اهڙي ڇڪ ڇڪان انڌي نفرت ۽  عقيدت کان هارايل پاڪستان ۾ هرگز خير جي خبر نه آهي. ان جو انجام سوچيندي ڊپ ٿيندو آهي.

مهاراجه رنجيت سنگهه جي موت کانپوءِ پنجاب ڪيترن ئي سالن تائين “سکا شاهي” جي پکيڙيل ڏڦيڙ جو شڪار ٿي ويو هو. برطانوي سامراج ان جو فائدو کڻندي 1840ع جي ڏهاڪي ۾ ان صوبي جو مالڪ به ٿي ويو. هتي قبضو ڄمائڻ کانپوءِ ان مشهور زمانه لارنس ڀائرن ذريعي ٿيل ضلعي انتظاميا ۽ پوليس جو جيڪو نظام قائم ڪيو هو ان کي اسٽيل فريم چيو ويندو آهي. اهو رعايا جي هر شهري کي هڪ جيترو سمجهڻ جو دعويدار هو. فقط “ميرٽ” جي بنياد تي فيصلي سازي جي وهم ان نظام کي تابعدار ۽ وفادار “جي حضوري” فراهم ڪئي. ان جي ڪري پنجاب ۾ سامراج کان آزادي جي تڙپ ڪڏهن شعلو نه بڻجي سگھي. اقبال رح “خوئَي غلامي” بابت ڪڙهندي جهانِ فاني مان هليو ويو، پر 1946ع جي آخري ڏينهن ۾ تازي خبر اچي وئي، “خضر ساڊا ڀائي” ٿي ويو. ان جي ڪري قيامِ پاڪستان يقيني نظر آيو ته پنجاب ۾ فرقيواراڻا وڳوڙ پکڙجي پيا. انگريز جو ٺاهيل اسٽيل فريم ان تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ٺپ ناڪام رهيو.

ڊسڪه ۾ “ڌند” جيڪو ماحول بڻايو آهي ان موجوده دور جي اسٽيل فريم بابت به پريشان ڪندڙ سوال اٿاري ڇڏيا آهن. هڪ ڀيرو وري ياد ڏياري رهيو آهيان ته اهي سوال تحريڪ انصاف جي سياسي مخالف ناهن اٿاري رهيا. “لفافه صحافي” به ان جا ذميوار ناهن. شڪ ۽ شبي جو اظهار رياستِ پاڪستان جي هڪ “آئيني اداري” پاران ٿيو آهي. اهو ادارو جڏهن اها دعويٰ ڪري ته جمعي جي رات ٽين وڳي تائين هو پنجاب جي چيف سيڪريٽري سان رابطو نه ڪري سگھيو ته مون ۽ توهان جهڙو بي آسرا شهري پاڻ کي وڌيڪ بي وس سمجھڻ تي مجبور ٿيندو. بي وسي ڀِت سان لڳائيندي نظر اچي ته ٻلي جهڙو ڪمزور ۽ بزدل جانور به مُڙي پنهنجي جند بچائڻ لاءِ زور آزمائي تي مجبور ٿيندو آهي. رياستي مشينري کي ان ڪري پنهنجي ئي وسيع تر مفاد ۾ صدين کان تابعدار رهڻ جي عادي رعايا جي دلين ۾ لاوارث هجڻ جو احساس اجاڳر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي. ڊسڪه مان قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ جيڪڏهن مسلم ليگ ن کٽي به وڃي ٿي ته اها وفاق ۽ پنجاب ۾ تحريڪ انصاف جي اقتدار لاءِ خطري جي گھنٽي هرگز نه وڄائيندي. نه ڄاڻ ڇو هن حڪومت سان واڳيل ڪجھه هٿ ٺوڪيا “نورتن” اهو ثابت ڪرڻ جي پويان آهن ته وچ پنجاب ۾ نواز شريف سان واڳيل “ووٽ بينڪ” جا ڏينهن پورا ٿي ويا آهن. ضلعي انتظاميا جي بي ڊپي استعمال ذريعي “بادشاهه” جي دل موهي وٺڻ واريون “حقيقتون” گھڙي وجھڻ اڄ تائين ڪنهن به حڪومت جي ڪم نه آيو آهي. پر تاريخ جو الميو اهو آهي ته ان مان سب سکڻ لاءِ ڪير تيار ئي ناهي ٿيندو.

بابت Nusrat Javed

سینئر صحافی، اینکر پرسن، تاریخ دان، محقق

ھيءُ پڻ چيڪ ڪريو

جنسي زيادتي جو ڪارڻ لباس؟ | فياض نوناري

تحرير: فياض نوناري اسان جو معاشرو هڪ ڍونڍ بڻجي چڪو آهي جنهن کي اسان هڪ …

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *