خميس , 25 فيبروري 2021
ensdur

چار درجن کان وڌيڪ گل ايجاد ڪندڙ سائنسدان فرزانہ پنھور انتقال ڪري وئي

تحقيق ۽ تحرير: امر گرڙو

زراعت، کاڌن، ماحول سميت ڪيترن ئي موضوعن تي عالمي رسالن ۾ سئو کان وڌيڪ سائنسي مقالا لکندڙ سنڌ جي سائنسدان، محقق ۽ ماهر فرزانا پنهور 63 ورهين جي ڄمار ۾ گذريل اربع جي شام ڪراچي جي ضياءُ الدين اسپتال ۾ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري وئي.

فرزانا پنهور سنڌ ۾ انب جون ڪيتريون ئي جنسو، سڪل انب جي وڻڻ کي سائنسي طريقي سان بحال ڪري ٻيهر ڦل ڏيندڙ بڻائڻ، نامياتي ڀاڻ سميت ڪيترن ئي قسمن جي سائنسي ايجادون ڪندڙ ايم ايچ پنهور مرحوم جي گھر واري هئي. سندس تدفين خميس واري ڏينهن منجھند ٻه وڳي حيدرآباد ويجھو کيسانا موري وٽ فروٽ فارم ۾ ڪئي وئي.

فرزانا پنهور 15 سيپٽمبر 1957ع تي ڪراچي ۾ ڄائي، 1981ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان بايو ڪيمسٽري ۾ ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪندڙ فرزانا پنهور ٻوٽن ۽ جانورن جي غزا يعني نيوٽريشن اينزائمولاجي ۾ مهارت رکندڙ هئي. هن پنهنجي سائنسي تحقيق سان چار درجن کان وڌيڪ اهڙا منفرد ميوا ايجاد ڪيا جيڪي ڪٿي به نه ملندا هئا.

هن سائسندان جوڙي جي ايجادن کي ڪيترن ئي سالن تائين ڪروريج ڏيندڙ حيدرآباد جي صحافي اسحاق مڱريو موجب فرزانا پنهور ٻين ڪيترين ئي ايجادن سان گڏ ٿڌن علائقن جي ميون اخروٽ، ڏاڙهون، بادام ۽ انجير ۾ جينياتي تبديليون ڪري انهن کي سنڌ جهڙي گرم علائقي ۾ پوکڻ جي قابل بڻايو هو.

اسحاق مڱريو وڌيڪ ٻڌايو ته ايم ايچ پنهور ۽ فرزانا پنهور جي عمر ۾ ڪيترن ئي سالن جو فرق هو پر ان جي باوجود هو هڪ مثالي جوڙو هو.

فرزانا 1983ع ۾ پنهنجي عمر کان ڪيترائي سال وڏي ايم ايچ پنهور سان شادي ڪئي. 2007ع ۾ ايم ايچ پنهور جي وفات بعد هو ذهني بيماري ۾ وڪوڙجي وئي، جنهن بعد کيس ڪراچي جي هڪ ري هيبليٽيشن سينٽر ڪاروان حيات اسپتال ۽ شيلٽر هوم ۾ داخل ڪيو ويو هو.

انڊيپينڊنٽ اڙدو جي ٿورن سان

ترجمو سماچار سٿ

بابت Editor

ھيءُ پڻ چيڪ ڪريو

سيف الله ابڙو کي 35 ڪروڙ رُپين ۾ سينيٽ چونڊن لاءِ ٽڪيٽ ڏني وئي، لياقت جتوئي جو انڪشاف

پي ٽي آءِ اڳواڻ لياقت جتوئي طرفان سيف الله ابڙو کي 35 ڪروڙ رُپين ۾ …

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *