اڱارو , 4 آگسٽ 2020
ensdur

ٿر جو سياسي مسيحا امر جڳديش ملاڻي | ڊاڪٽر دليپ ننداڻي

تحرير: ڊاڪٽر دليپ ننداڻي

ٿرپارڪر کي قدرت جا طرفان انيڪ تحفا مليل آھن جنهن هن خط جي عظمت کي اوچو رکيو آھي ٿرپارڪر جي عظيم اهڙن ڪردارن کي جنميو آھي جنهن پنهنجي مٽي جي مان کي مٿاهون رکيو آھي هتان جي دامن مان اهڙا ڪردار اڳتي وڌي نڪتا آھن جن پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي جي ماڻھن سان هڪ اهڙي ناتي کي برقرار رکيو آھي جنهن ۾ جياپي جا گس آھن ته اڏول ٿي مقابلي ڪرڻ جي سگهه سان گڏ هڪ عام پورهيت جي اندر جو آواز پڻ بڻيا آھن جن جي للڪار سان ڪيئي آمريت جي ديوارن ۾ ڏار ٿي پيا دنيا جي هن پرامن خطي کي بدقسمتي سان ڪجهه وقت آمراڻي ذھنن محدود بنائي ڇڏيو هو پر ڪجهه اهڙا ڪردار به انهن ذھنن لاءِ مقابلي لاءِ بيٺا جنهن جي لفظن جو ڪنڌ ڪڏهن به نه جهڪيو اهڙن تاريخ جي امير ۽ بهادر ڪردارن کي جنم ڏنو آھي جنهن ساهه ڏئي پنهنجي غريب عوام جو ويساهه بحال رکيو آھي اهڙن اڻموٽ ڪردارن مان سنڌ جي سياست ۾ نوان گس ۽ نوان لاڙا پيدا ڪندڙ ٿرپارڪر جي عوام جي دلين تي پنهنجي سياسي ذھانت سان راڄ ڪندڙ امر جڳديش ملاڻي پڻ ھڪ آھي جڳديش جو نالو ذھن ۾ آڻڻ سان ٿرپارڪر جي رڃ مان اٿيل پڙاڏي کي ٻڌجندي محسوس ٿيندو آھي هي هڪ اهڙي سگهه هو جنهن جي سهاري ڪيترن ئي دلين جي آٿت هئي جنهن جي لفظن جي ڀرم سنڌ جي صدين جي تاريخ جي چيخ هئي هو سماج جي گندي روايتن کي ٽوڙيندڙ اڳواڻ هيو
جنهن ٿرپارڪر جهڙي خطي ۾ جتي وڏيرشاهي جو ڌاڪو ۽ عوامي اظھار تي پابندي هئي اتي غريب ماڻھن جو آواز بنجي وڏن سياسي بتن جو مقابلو ڪري عوام سان گڏ ٿي بيٺو ته ماڻھن کي ڪير غلام نٿو بنائي سگهي ٿرپارڪر جي ڀٽن جي اوٽ مان پليل امر جڳديش ملاڻي ذولفقار علي ڀٽو جي سياسي نظرئي مان متاثر ٿي سندس قافلي جو حصو بڻيو ۽ آخري دم تائين انهي قافلي جو مڻيادار ڪردار ٿي رهيو هو ڀٽو خاندان جو وفادار ساٿي هو جنهن وقت جي جابرن سان منهن مقابل ٿي پيپلزپارٽي جي جهنڊي کي ٿرپارڪر جي ڀٽن ۽ ڪچن جهوپن تائين پهچائي فڪر ڀٽو جي پرچار ڪندي جهموري آواز کي پروان چاڙھيو اهو ئي سبب هو جو ڀٽو ۽ ملاڻي فيملي جو پوء هڪ گهرو لاڳاپو ٿي ويو امر جڳديش پڻ شھيد ڀٽو نصرت ڀٽو بينظير تائين نڀايو ۽ سندس خاندان اڄ به بلاول تائين انهي رشتي کي برقرار رکندو پيو اچي سياسي لاهه چاڙھن جتي ڪيترن وڏن ليڊرن کي خاموش ڪرائي ڇڏيو اتي ملاڻي خاندان ڏکين حالتن ۾ ڀٽو خاندان سان رڪ جي ديوار بنجي بيٺو رهيو.
1959 ۾ مٺي جي مهاديو مهراج جي گهر ۾ جنم وٺندڙ جڳديش ملاڻي 1988 ۾ پ پ ٽڪيٽ تي پهريون ڀيرو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر بنيو ۽ جڏھن ڪاميابي بعد مٺي پهڇي رهيو هو ته مٺي جي هزارين ماڻھن سندس تاريخي استقبال ڪري اهو ثابت ڪيو هو ته غريب ٿري ماڻھن کي ھڪ مڊل ڪلاس جو ليڊر ملي چڪو آھي انهي استقبال ٿر جي سياسي تاريخ کي تبديل ڪري ڇڏيو هو جنهن ۾ سوين ماڻھن پيرين پنڌ استقبال ڪري کيس پوري شھر جو گشت ڪرايو هو. مٿس عوامي سياست جي ڏوهه مٿس ڪيترائي ڏينهن جيلن جي سلاخن ۾ رهيو آمري عقوبتن هيٺ رهيو ڪلاشنڪوف جا ڪيس پڻ ٿيا پر هن پ پ جي جهنڊي کي هٿن مان ڇڏيو ۽ اڏول ٿي بيٺو رهيو اهو ئي سبب هو جو شھيد بينظير جڳديش کي ڀاءُ چوندي هئي ۽ هن کي هنڌو ڌرم مطابق ڀيڻ هئڻ جي ناتي راکي پڻ ٻڌائي هئي ملاڻي خاندان اڄ به انهي ناتي کي برقرار رکيو اچي اڄ به ملاڻي خاندان ۽ ڀٽو فيملي جو هڪ گهرو لاڳاپو آھي آمريت جا دور انهي کي ڇني ناهن سگهيا جڏھن آمر مشرف جي دور ۾ ڪير اليڪشن بيهڻ لاء تيار نه هئي ته امر جڳديش ملاڻي جو ڀاءُ ڊاڪٽر مھيش ملاڻي انهي سينو ساهي پارٽي جي جهنڊي جي ڇانوءُ ۾ انهي وقت جي وزيراعظم جي اميدوار شوڪت عزيز جو مقابلو ڪري اهو ثابت ڪيو ته ڀٽو خاندان سان امر جڳديش جي ڪيل واعدي تان ڪڏھن به هٽي نٿو سگهجي
جڳديش ملاڻي اهو ماڻهو هو جنهن ٿر مان وڏيرن ۽ گهوڙن تي توڙي چٺين تي ووٽ وٺڻ وارن کان نجات ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ هن ساڳي وقت سماجي فرسوده رسمن کي للڪاري ۽ مهاڏواٽڪايو ۽ ارباب اختيارن کي ن صرف عوام جي وچ ۾ آندو پر ٿر جي مسڪينن کي ووٽ ۽ ووٽ جي اهميت سمجهائي.
اڄ ب مٺي جي هر گهر ۾ توهان کي امر جڳديش جو فوٽو نظر ايندو اها سندس محبت ۽ حب هئي جيڪا اڄ تائين قائم دائم آهي.
جڳديش ملاڻي آخري دم تائين پيپلزپارٽي سان پنهنجو جدوجهد جاري رکي ۽ آخر ۾ به جڏھن محترمه جي اڳواڻي ۾ اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ڪيو پي ويو ته جڳديش ملاڻي سان رستي ۾ حادثو پيش آيو جنهن جڳديش پنهنجي ساٿين ڊاڪٽر اسماعيل اڍيجو،صحافي فقير محمد لاشاري جيڪي انهي وقت ئي شھيد ٿي ويا ۽ جڳديش زخمي ٿيو جنهن بعد هو سگهو ئي ديهانت ڪري ويو جيڪو ڏينهن ٿر لاءِ بدنصيب ڏينهن هو جنهن تي ٿر کان هڪ سهارو کسجي ويو
امر جڳديش جو خاندان اڄ به سندس واٽ تي هلندي پيپلزپارٽي سان پنهنجو لاڳاپو برقرار رکندو پيو اچي سندس پٽ سشيل ملاڻي ونود ملاڻي پڻ سياسي ميدان ۾ سرگرم بڻجي عوام جي وچ ۾ آھن سندس ڀاءُ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي هن وقت به پيپلزپارٽي جو اعتماد وارو ساٿي آھي انهي کانسواء پورو ملاڻي پريوار ڀٽو خاندان سان وفا کي ورجائيندي پنهنجي عوام جي خدمت ۾ مصروف آھي
امر جڳديش ملاڻي جسماني طرح ته جدا ٿي ويو آھي پر سندس جدوجهد ۽ فڪر صدين تي قائم ۽ دائم رهندو سندس خاندان اڄ به سندس ئي روپ ۾ ٿر جي عوام جي دلين تي راڄ ڪري رهيو آھي.

بابت Editor

ھيءُ پڻ چيڪ ڪريو

”نوجوان ۽ ڊپريشن“ | دانش مھدي ابڙو 

تحرير: دانش مھدي ابڙو نااميدي ھڪ اھڙي ذھني ڪيفيت آھي جيڪا ھڪ انسان کان ھن …

جواب ڏيو

توھان جي ايميل ايڊريس شايع نہ ڪئي ويندي. اھم خانن کي * جو نشان لڳايو ويو آھي