اڱارو , 4 آگسٽ 2020
ensdur

ٻہ جج ھڪ ڪھاڻي | حامد مير

تحرير: حامد مير

ان ڏينهن سخت حبس هئي، آئون برسات جي دعا گھري رهيو هئس، اوچتو ٽيليويزن جي اسڪرين تي هڪ بريڪنگ نيوز ظاهر ٿي ۽ منهنجي چهري تي مسڪراهٽ پکڙجي وئي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي هڪ انتظامي ڪميٽي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي ست سال قيد جي سزا ٻڌائيندڙ احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ کي نوڪري تان هٽائي ڇڏيو هو.

گذريل سال نواز شريف جي نياڻي مريم نواز هڪ پريس ڪانفرنس ۾ جج ارشد ملڪ جي ڳجھي نموني رڪارڊ ڪيل هڪ وڊيو جاري ڪئي هئي جنهن ۾ ارشد ملڪ اهو اعتراف ڪري رهيو هو ته ان العزيزيه اسٽيل مل جي ڪيس ۾ نواز شريف سان ناانصافي ڪئي، ڇو جو ان تي دٻاءُ هو.

جڏهن انڪوائري شروع ٿي ته جج الزام لڳايو ته مسلم ليگ ن ان کي هڪ اعتراض جوڳي وڊيو ذريعي بليڪ ميل ڪيو. همراهه اهو اعتراف به ڪري ورتو ته هن نواز شريف سان جاتي امرا ۽ ان جي پٽ حسين نواز سان سعودي عرب ۾ ملاقات ڪئي هئي. جج ارشد ملڪ کي معطل ڪيو ويو ۽ هڪ سال تائين ان جو معاملو لٽڪندو رهيو.

هڪ سال کانپوءِ کيس نوڪري تان هٽايو ويو ۽ هاڻي مسلم ليگ ن جي قيادت ارشد ملڪ جي برطرفي کي پنهنجي تمام وڏي ڪاميابي قرار ڏئي رهي آهي. هاڻي منهنجي دل چاهي ٿي ته ٽهڪ ڏيان، ڇو جو جڏهن به جج ارشد ملڪ جي جوڊيشل مس ڪنڊڪٽ جي مذمت ٻڌندو آهيان ته مونکي هڪ ملڪ صاحب ياد اچي ويندو آهي.

هي هو جسٽس ملڪ محمد قيوم جيڪو 1998ع ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي احتساب بينچ جو جج هوندو هو ۽ پرويز مشرف جي دور ۾ اٽارني جنرل بڻايو ويو.

ملڪ قيوم اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري کي پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي پر سزا کان ڪجھه عرصو پوءِ پيپلزپارٽي ان جون آڊيو ٽيپس جاري ڪيون، جن ۾ هن جي ان وقت جي قانون واري وزير خالد انور، احتساب بيورو جي سربراهه سيف الرحمان ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان ڳالهه ٻول موجود هئي ۽ ان ڳالهه ٻول موجب جسٽس ملڪ قيوم وزيراعظم نواز شريف جي خواهش ۽ دٻاءُ تي محترمه بينظير ڀٽو کي سزا ٻڌائي هئي.

جڏهن ملڪ قيوم کي احتساب بينچ ۾ شامل ڪيو ويو ته پيپلزپارٽي تمام گھڻو هل ڪيو، ڇو جو ملڪ قيوم جو ننڍو ڀاءُ پرويز ملڪ مسلم ليگ ن جو ايم اين اي هو.  

ان دوران ملڪ قيوم ۽ نجم الحسن ڪاظمي تي ٻڌل هڪ ڊويزن بينچ محترمه بينظير ڀٽو کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، جنهن تي سيف الرحمان تمام گھڻو ڪاوڙيل هو.

کيس شڪ هو ته ملڪ قيوم آصف علي زرداري سان ڪا ڳجھي ڊيل ڪري ورتي آهي ان ڪري ملڪ قيوم جي گھر ۽ آفيس تي استعمال هيٺ رهندڙ ٽيلي فون ٽيپ ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا. نواز شريف ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جو وزيراعظم هو ۽ سيف الرحمان ٽيلي فون تي ملڪ قيوم کي باس بڻجي حڪم ڏيندو هو. ان دوران نواز شريف لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس راشد عزيز خان کي فون ڪيو ۽ چيو ته ملڪ قيوم کي سمجھايو ته ان کي بينظير ۽ زرداري خلاف ڪيس جلد اڪلائجڻ گھرجي.

 27 اپريل 1998 تي ملڪ قيوم محترمه بينظير ڀٽو ۽ ان جي مڙس کي سزا ٻڌائي ڇڏي. ان فيصلي تي شهباز شريف سندس ٿورو مڃيو ۽ اهو ٿورو مڃڻ به رڪارڊ ٿي ويو. سيف الرحمان عدليه کان سواءِ ميڊيا ۽ فوج جي اهم شخصيتن تي به رعب وجھڻ شروع ڪري ڇڏيو.

هن فرعونيت جي رد عمل ۾ ملڪ قيوم سان ان جي ڳالهه ٻول جون ٽيپس محترمه بينظير ڀٽو تائين پهچي ويون. ان ۾ اهي ٽيپس به هيون جن ۾ ملڪ قيوم جي پنهنجي گھر واريءَ سان ڳالهه ٻول رڪارڊ ٿيل هئي ۽ هو زال کي حڪومت تي دٻاءُ کان آگاهه ڪري رهيو هو. پوءِ بيگم جي ملڪ قيوم پرويز ملڪ سان ڳالهه ٻول جي ٽيپ به هئي پر محترمه بينظير ڀٽو صرف سيف الرحمان، خالد انور ۽ شهباز شريف جون ٽيپس رليز ڪيون، خاندان جي ٻين ماڻهن جون ٽيپس صرف سپريم ڪورٽ کي فراهم ڪيون. سپريم ڪورٽ انهن ٽپيس ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻول تي ڪو فيصلو نه ڏنو ڇو جو ملڪ قيوم پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏيو، پر ملڪ قيوم طرفان محترمه بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري کي ٻڌايل سزا جو  فيصلو سپريم ڪورٽ معطل ڪري ڇڏيو هو.

ملڪ قيوم ڪافي سمجھدار هو، هن نوڪري بچائڻ بدران استعيفيٰ ڏئي انڪوائرين کان جند ڇڏائي ورتي. جج ارشد ملڪ آخري وقت تائين نوڪري بچائڻ جي ڪوشش ۾ هو. ان جو خيال هو ته ڪجھه طاقتور ماڻهو ان جي مدد ڪندا پر طاقتور ماڻهن ان جو فون ٻڌڻ ئي ڇڏي ڏنو هو. ملڪ قيوم ۽ ارشد ملڪ جي ڪهاڻين ۾ هڪ سبق موجود آهي.  

سبق اهو آهي ته جج صاحب جڏهن دٻاءُ ۾ اچي نا انصافيون ڪن ٿا ته پنهنجي لاءِ خواري جا دروازا کولي ڇڏين ٿا. خواري صرف انهن ڪمزور ججن جو مقدر ناهي بڻجندي پر انهن کي به رسوا ڪندي آهي جيڪي اقتدار جي نشي ۾ ڌُت ٿي ججن کي بليڪ ميل ڪندا آهن.

تاريخ کڻي ڏسي وٺو، مولوي تميز الدين ڪيس ۾ چيف جسٽس محمد منير نظريه ضرورت کي ايجاد ڪيو ۽ اسيمبلي ٽوڙڻ جي فيصلي کي درست قرار ڏنو. جسٽس اي آر ڪارنيلئس هن فيصلي سان اختلاف ڪيو. جسٽس منير رٽائرمينٽ کانپوءِ جنرل ايوب خان جو قانون وارو وزير به بڻجي ويو پر ان جو نالو پاڪستاني عدليه لاءِ هڪ طعنو ۽ جسٽس ڪارنيلئس جو نالو عزت جو سبب بڻيو.

گورنر جنرل غلام محمد کان فوجي ڊڪٽيٽر پرويز مشرف تائين جنهن ڪنهن به عدليه تي دٻاءُ وڌو ان کي عزت نصيب نه ٿي. ٿي سگھي ٿو ته العزيزيه ڪيس ۾ جج ارشد ملڪ واقعي نواز شريف سان نا انصافي ڪئي هجي پر جيڪو نواز شريف جي حڪومتي دور ۾ ملڪ قيوم محترمه بينظير ڀٽو سان ڪيو ان جي سزا به ته ڪنهن نه ڪنهن کي ملڻي هئي. سزائون عدالتون نه قدرت ڏيندي آهي.

منهنجون هي گذارشون نواز شريف جي حامين کي سخت اڻوڻندڙلڳنديون پر اڄ منهنجو مخاطب نواز شريف نه عمران خان آهي. نواز شريف خلاف ڪيس ٺهيا ته عمران خان وزيراعظم نه هو پر نواز شريف خلاف ارشد ملڪ جي فيصلي جو فائدو عمران خان کي ٿيو. ارشد ملڪ ته نوڪري تان فارغ ٿي ويو پر اڄ نه ته سڀاڻي اهي ماڻهو به وائکا ٿي ويندا جن ارشد ملڪ کي نا انصافي تي مجبور ڪيو.

ملڪ قيوم ۽ ارشد ملڪ جي ڪهاڻين ۾ عمران خان لاءِ اهو سبق آهي ته ججز تي سڌي يا اڻ سڌي ريت اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ طاقتور ماڻهن کي آخر ۾ صرف خواري ملندي آهي. ملڪ قيوم جي ڪهاڻي مڪمل ٿي چڪي آهي پر ارشد ملڪ جي ڪهاڻي به تمام جلد مڪمل ٿي ويندي. ٻنهي ڪهاڻين جو انجام هڪ جهڙو ٿيندو. 

بابت Hamid Mir

ھيءُ پڻ چيڪ ڪريو

”نوجوان ۽ ڊپريشن“ | دانش مھدي ابڙو 

تحرير: دانش مھدي ابڙو نااميدي ھڪ اھڙي ذھني ڪيفيت آھي جيڪا ھڪ انسان کان ھن …

2 تبصرا

  1. بينظير جوڻيجو

    حامد مير صاحب جو سنڌي ۾ لکيل ليک پڙھي ڏاڍي خوشي ٿي

  2. Haqeeqat te mabni article!

جواب ڏيو

توھان جي ايميل ايڊريس شايع نہ ڪئي ويندي. اھم خانن کي * جو نشان لڳايو ويو آھي