ڇنڇر , 17 اپريل 2021
ensdur

وقت جي مجبوري آ، حفيظ شيخ ضروري آ | نصرت جاويد

تحرير: نصرت جاويد

هي ڪالم لکڻ تائين اميد آهي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اهو طئي ڪري وٺندي ته مارچ 2021ع ۾ سينيٽ جي خالي ٿيندڙ 48 سينٽن تي صاف ۽ شفاف چونڊون ڪهڙي انداز ۾ ڪرايون وڃن. حبيب جالب چواڻي ته “جَهَل ڪا نچوڙ” پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام کي “قيمي ڀريل ماني” کارائي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ آيل “چور ۽ لٽيرا” امڪاني فيصلي جي ڪري پنهنجا ووٽ وڪڻي نه سگھندا. صرف انهن اميدوارن جي حمايت ۾ ٺپا هڻندا جن کي انهن جي پارٽي قيادت نامزد ڪيو آهي. اهڙو بندوبست يقيني بڻايو ويو ته اسلام آباد مان تحريڪ انصاف جو نامزد ڪيل ڊاڪٽر حفيظ شيخ سولائي سان مٿئين ايوان جو ميمبر چونڊجي ويندو. يوسف رضا گيلاني جنهن کي اپوزيشن جي پارٽين عمران حڪومت کي رسو وجھڻ لاءِ “اتفاقي اميدوار” نامزد ڪيو آهي، شرمساري ۽ خواري کي منهن ڏيندو.

گيلاني صاحب لاءِ امڪاني شڪست عمر جي هن حصي ۾ وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ هوندي. 2008ع جي چونڊن کانپوءِ هو ملڪ جو وزيراعظم چونڊجي ويو هو. قومي اسيمبلي ۾ موجود سمورين پارٽين پاڻ ۾ اختلاف وساري کيس اعتماد جو ووٽ به ڏنو هو. اسان جي سياسي تاريخ ۾ اڻ ٿيڻي نظر ايندڙ اها حمايت به کيس سپريم ڪورٽ جي غضب کان محفوظ نه رکي سگھي.

“عوامي جدوجهد” جي ڪري جڏهن مارچ 2008ع ۾ افتخار چوڌري صاحب چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدي تي موٽيو ته هن وزيراعظم کي حڪم فرمايو ته سوئيس حڪومت کي چٺي لکي وڃي. ان چٺي ذريعي پتو لڳايو وڃي ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جي صدر مملڪت _آصف علي زرداري_ڪيترا ارب ڊالر ڪهڙين سوئيس بينڪن ۾ جمع ڪرائي رکيا آهن. اسان جو تحريري آئين واضح لفظن ۾ صدرِ مملڪت کي ان عهدي جي قدر ۾ عدالتي ڪارروائي کان ڇوٽ فراهم ڪندو آهي. ڄاڻايل قانون جو حوالو ڏيندي گيلاني صاحب هڪ پرڏيهي اداري کي پنهنجي ئي ملڪ جي صدر کي بدنام ڪندڙ چٺي لکڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان جو انڪار توهين عدالت سمجھۡيو ويو. ان جي پاداش ۾ وزارت عظميٰ تان برطرف ڪيو ويو. کيس برطرف ڪندي عالمي ادب جي دلداده ۽ تمام ئي جيءُ دار منصف جناب آصف سعيد کوسا پنهنجي قوم بابت “حيف” جو فرياد به ڪيو جيڪو گيلاني جهڙي شخص کي وزيراعظم جي عهدي تي ويهاري ٿو، پر“جھَل جو نچوڙ” اسان جو عوام سڌرڻ لاءِ تيار ناهي. ان جي “نمائندگي” جي دعويدار پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن جهڙين پارٽين گيلاني صاحب کي هاڻي ڊاڪٽر حفيظ جهڙي ذهين ۽ صاف سٿري ڪردار جي مالڪ ٽڪينوڪريٽ خلاف بيهاريو آهي. وقت جي مجبوري آهي جو سپريم ڪورٽ کي هڪ ڀيرو ٻيهر اسان کي سڌي رستي تي هلائڻ لاءِ سرگرم ٿيڻو پيو آهي.

ڊاڪٽر حفيظ شيخ خلاف يوسف رضا گيلاني کي ميدان ۾ لاهيندي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) ۾ گڏ ٿيل خود غرض پارٽيون اها حقيقت وساري ويٺيون ته 2008ع کان 2018ع جي وچ ۾ اقتدار ۾ وارا وٺندي هنن قومي خزانو خالي ڪري ڇڏيو هو. آگسٽ 2018ع ۾ جڏهن سپريم ڪورٽ پاران صادق ۽ امين قرار ڏنل عمران خان صاحب اقتدار سنڀاليو ته وطن عزيز کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچائڻ جو فڪر وٺي ويو. اسد عمر ناڻي واري وزير طور ان ڏس ۾ تمام گھڻا هٿ پير هنيا. عمران خان صاحب جهڙي خوددار وزيراعظم کي سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن جي شهزادن جون گاڏيون پاڻ هلائڻيون پيون. انهن جي دل وندرائڻ جي مُهابَي اسان جي خزاني ۾ ڪجھه ڊالر امانت طور رکرايا ويا، پر ڳالهه نه ٺهي. عالمي معيشت جي نگهبان اداري آءِ ايم ايف وٽ آخرڪار وڃڻو پيو. پر آءِ ايم ايف ۾ ويٺل مها ڄاڻن کي پنهنجي اعتماد جو ماڻهو به گھربل هو. انهن جي تسلي لاءِ حفيظ شيخ کي درخواست ٿي ته اهو پارليامينٽ جو ميمبر نه هوندي به صلاحڪار طور اسان جي ناڻي واري وزارت جي سربراهي قبول فرمائي. قوم جي وسيع تر مفاد ۾ شيخ صاحب تيار ٿي ويو. آءِ ايم ايف کان هن قسطن ۾ 6 ارب ڊالر جي “امدادي رقم” حاصل ڪرڻ جو معاهدو ڪري ورتو. ان معاهدي تحت سستي بجلي جي عادي بڻيل قوم کي تقريباً هر ٻئي مهيني پنهنجن گھرن کي روشن رکڻ لاءِ اضافي رقم ادا ڪرڻي پئجي رهي آهي.

عالمي معيشت جا نگهبان ضد تي آهن ته بجلي جي گھٽ ۾ گھٽ ايتري قيمت هر صورت ۾ ادا ڪريون جيڪا ان کي ٺاهڻ تي خرچ ٿيندي آهي. انگريزي ٻولي ۾ ان کي ڪاسٽ ري ڪوري چيو ويندو. ان کي پيٽرول ۽ گيس جي اگھن ۾ لاڳو ڪرڻ به لازمي آهي ۽ انهن سمورين شين جا اگھ طلب ۽ رسد جي عين مطابق طئي ڪرڻ لاءِ سيپٽمبر 2020ع تائين مهلت ملي آهي. آءِ ايم ايف سان طئي ٿيل شرطن تي شيڊول موجب عمل نه ٿيو ته 6 ارب ڊالرن جون باقي قسطون نه ملنديون. عرب ملڪن جا شهزادا به هاڻي مهربان ناهن رهيا. آءِ ايم ايف ئي اسان جي آخري اميد رهجي ويو آهي، پر ان حقيقت کي اپوزيشن جي “ظالم” پارٽين نظرانداز ڪري ڇڏيو.

ڊاڪٽر حفيظ شيخ صاحب جي اهميت ياد ڏيارڻ لاءِ ٻه ڏينهن اڳ اعلان ٿيو ته آءِ ايم ايف 500 ملين ڊالرن تي ٻڌل ٻي قسط ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. سينيٽ جي خالي ٿيندڙ سيٽن تي چونڊن کان ڪجھه ئي ڏينهن اڳ اهو اعلان واضح انداز ۾ اشارو ڏئي رهيو آهي ته عالمي معيشت جو نگهبان ادارو ڊاڪٽر حفيظ شيخ جهڙي ذهين ۽ صاف سٿري ڪردار جي مالڪ “ٽيڪنوڪريٽ” کي پاڪستان جو با اختيار ناڻي وارو وزير ڏسڻ چاهي ٿو. يوسف رضا گيلاني جيڪڏهن کيس سينيٽ جي اسلام آباد لاءِ رکيل سيٽ تي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته عالمي معيشت جي نگهبان ادارن کي پيغام ويندو ته عوام جي سڌي ريت ووٽن سان چونڊيل قومي اسيمبلي پاڪستان جي معيشت کي سڌارڻ لاءِ آءِ ايم ايف جي تيار ڪيل نسخي کي اعتماد جوڳو ناهي سمجھندي. حفيظ شيخ جي شڪست عمران خان تي ئي بي اعتمادي سمجھي نه ويندي پر اها آءِ ايم ايف کي به اکيون ڏيکاريندي نظر ايندي. ان ڪري وقت جي مجبوري آهي، حفيظ شيخ ضروري آهي.

آئون حيران ۽ پريشان آهيان ته صرف ووٽن جي خريد ۽ وڪري خلاف پِِٽڪو ڪندڙ اسان جا ذهن ساز اينڪر ان پهلو ڏانهن ڌيان ئي نه ٿا ڏين. اهي اهو به نه پيا سمجھي سگھن ته “قيمي ڀريل ماني” جي بدلي “چورن ۽ لٽيرن” هٿان يرغمال بڻيل “جهل جو نچوڙ” قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ ويٺل ماڻهن کي پنهنجو ووٽ وڪڻڻ کان روڪڻ جي “اخلاقي جرئت” کان محروم آهي. ان ڪري سپريم ڪورٽ کي اسان کي سڌي رستي تي ڌڪڻ لاءِ سرگرم ٿيڻو پئجي رهيو آهي، پر پاڪستان جي اعليٰ ترين عدالت جي مداخلت به عالمي معيشت جي نگهبان ادارن کي مطمئن نه ڪيو. اعلان ڪري ڇڏيو ته پاڪستان کي 500 ملين ڊالر جي ٻي قسط فراهم ڪئي ويندي. ڄاڻايل اعلان ۾ اهو پيغام به لڪل آهي ته جيڪڏهن اها رقم گھرجي ته حفيظ شيخ صاحب جي سينيٽ ۾ آمد يقيني بڻائي وڃي.

عالمي معيشت جا نگهبان ادارا پاڻ کي دنيا آڏو جمهوريت جا “ماما” بڻائي به پيش ڪندا آهن. عوام جي سڌي ريت ووٽ سان چونڊيل قومي اسيمبلي جڏهن شيخ صاحب جي حمايت ۾ ووٽ وجھندي ته آءِ ايم ايف سينو تاڻي اها دعويٰ ڪري سگھي ٿو ته پاڪستان جي معيشت سنوارڻ لاءِ ان جيڪو نسخو تيار ڪيوآهي ان کي اسان جي پارليامينٽ به دل ۽ جان سان قبول ڪيو آهي. ان کي سامراج جو مڙهيل “نسخو” قرار نه ڏنو وڃي جنهن “اڻ چونڊيل ٽيڪنوڪريٽ” ذريعي “قيمي واري ماني” کائڻ ۽ سستي بجلي جي عادي بڻيل قوم کي “بدهضمي” کان بچائڻ لاءِ ڪڙي گوري يا وقتي تڪليف پهچائيندڙ سوئي جيان استعمال ڪيو پيو وڃي.

يوسف رضا گيلاني بد نصيب هو. ان جي وزيراعظم هوندي به آءِ ايم ايف کيس حفيظ شيخ صاحب جي ذهانت مان فائدو وٺڻ جو موقعو فراهم ڪيوهو. پر ناڻي واري وزير طور ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ شيخ صاحب جيڪي تجويزون ڏئي رهيو هو “عوامي رد عمل” جي خوف کان گيلاني صاحب انهن تي عملدرآمد کان هٻڪائيندو رهيو. سياسي لحاظ کان “غير مقبول” فيصلن کي اون ڪرڻ جي همٿ ۽ جرئت وطن عزيز ۾ صرف عمران خان صاحب جهڙي دلاور کي نصيب ٿي آهي. ان جي ڪري اسان جي رياست جا ٻيا ادارا ۽ عالمي معيشت جا نگهبان ان جي مدد لاءِ هر وقت راضي رهندا آهن. “قيمي واري ماني” جي ڏڍ تي هلندڙ “جمهوريت” جا ڏينهن پورا ٿيا. هاڻي اهو ئي ٿيندو جيڪو منظورِ آءِ ايم ايف هوندو. رات سمهڻ کان اڳ خدارا گھر جون سموريون بتيون وسائي ڇڏيو. ايئرڪنڊيشنڊ جهڙي “عياشي” کان پاسو ڪريو. وڻن جي ڇانوَ هيٺ ڏينهن گذارڻ ۽ رات جو کليل ڇت تي سمهڻ جي عادت اختيار ڪريو. “ارطغرل” جهڙن دلاورن جي ڪاميابي ۽ ڪامراني بجلي ۽ گيس جي محتاج نه هئي. اسان کي ان جي دور ۾ واپس موٽڻو پوندو.

بابت Nusrat Javed

سینئر صحافی، اینکر پرسن، تاریخ دان، محقق

ھيءُ پڻ چيڪ ڪريو

جنسي زيادتي جو ڪارڻ لباس؟ | فياض نوناري

تحرير: فياض نوناري اسان جو معاشرو هڪ ڍونڍ بڻجي چڪو آهي جنهن کي اسان هڪ …

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *