ڇنڇر , 17 اپريل 2021
ensdur

نوٽ ڏيکاري “موڊ” ٺاھڻ جي ڪوشش | نصرت جاويد

تحرير: نصرت جاويد

اڄ کان ڪجھه هفتا اڳ لنڊن ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني نسل جي “سينئر صحافي” ذريعي ڪاوي موسوي نالي جو شخص منظر عام تي آيو ته آئون گھٻرائجي ويس. پنهنجي ننڍپڻ ۾ ٻڌل اهي ڪهاڻيون ياد اچڻ شروع ٿي ويون جيڪي “طوطيا من موتيا” کي “ان گهٽيءَ” ۾ نه وڃڻ جي صلاح ڏينديون آهن. مون فرياد ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو ته همراهه ٺڳ آهي. ان کي چڱي ريت خبر آهي ته پاڪستان ۾ سادڙي عوام کي پڪ ڏياري وئي آهي ته سياستدانن جو روپ ڌاريل “چورن ۽ لٽيرن” قوم جي پگھر مان ڪمايل “رياستي خزاني” مان اربين رپيا چورائي ورتا آهن. لٽيل ان رقم سان پرڏيهه ۾ قيمتي جائيدادون خريد ڪيون ويون. ان رقم جو وڏو حصو عالمي بينڪن جي “ڳجهن” کاتن ۾ به جمع ڪرايو ويو آهي. “قوم جي لٽيل دولت” جي واپسي لاءِ ڪنهن دلاور جو انتظار هو. عمران خان صاحب جي صورت ۾ آگسٽ 2018ع ۾ آخرڪار هڪ مسيحا وزيراعظم جي عهدي تي مقرر ٿي ويو. هاڻي انتظار ٿي رهيو آهي ته اهو رياستي مشينري کي ڀرپور انداز ۾ استعمال ۾ آڻيندي قوم جي لٽيل دولت واپس آڻي. اها رقم واپس اچي وئي ته هر ٻئي مهيني اسان پنهنجي بجلي ۽ گيس جي بلن ۾ اذيت ڏيندڙ اضافي کان محفوظ ٿي وينداسين. آءِ ايم يف جي در تي ڪِستو کڻي صدا هڻڻ جي به ضرورت نه رهندي. اسان جو قومي وقار به بحال ٿي ويندو.

“چورن ۽ لٽيرن” جي نفرت ۾ مبتلا ٿي اسان جيڪي خواب ڏٺا هئا انهن اسان کي هڪ قوم جي حيثيت ۾ “گڊ گورننس” جو “لالچي” بڻائي ڇڏيو. هڪ پنجابي چوڻي تنبيهه ڪري ٿي ته لالچ آخر ڪار ڪوڙي شخص جو محتاج بڻائي ڇڏيندي آهي. موسوي اهڙو ئي نظر آيو. سڻڀين ڳالهين سان دل موهيندڙ “ٺڳ” جنهن جي دعويٰ هئي ته ان اسان جي ڪيترن ئي ناميارن سياستدانن جي ڳجھي رکيل دولت جو پتو لڳائي ورتو آهي. “نوٽ ڏيکاري” ان جو موڊ بڻايو وڃي ته بلي بلي ٿي ويندي.

موسوي جي ٺڳي واري ڳالهه ٻول سان اسان جا ڪيترائي معتبر ۽ عوام ۾ وڏا مقبول اينڪر به متاثر ٿي ويا. ايستائين جو جناب وزيراعظم به ساراهه وارا ٽوئيٽس لکي موسوي جي ڳالهه ٻول کي ساراهيو. ائين ڪندي اها حقيقت ڪمال جي درياهه دلي سان وساري وئي ته اهو ٺڳي جي تيار ٿيل هڪ معاهدي جي ڪري رياست پاڪستان کي صحيح طرح سان مدد ڪرڻ ۾ ناڪام رهڻ باوجود اسان کان پنهنجي “خدمتن” عيوض ڪروڙين رپيا ڀنگ” طور وصول ڪري چڪو آهي. ڀنگ وصول ڪري وٺڻ باوجود ان جي حوس ختم نه ٿي. “چورن ۽ لٽيرن” خلاف اسان جي دلين ۾ گڏ ٿيل نفرت کي اينگھايل ڪهاڻيون ٻڌائي وڌيڪ ڀڙڪائي رهيو آهي.

بنيادي پيغام موسوي جو اهو هو ته ماضي ۾ جيڪو ٿيو ان کي وساريو وڃي، ساڻس هڪ نئون معاهدو ٿئي. ان ذريعي هو گھٽ ۾ گھٽ سنگاپور جي هڪ بينڪ ۾ مبينا طور نواز شريف جي کاتي ۾ موجود “هڪ ارب ڊالر” هٿ ڪرائي سگھي ٿو. منير نيازي جي وڏي تخليقي ذهن “سپني” جي به “حد” ڳولي ورتي هئي. ان جي دريافت سان مون کي سبق مليو ته “ٻه نمبري” جي به ڪا حد هوندي آهي. ڪوڙ جا هونءَ به پير ناهن ٿيندا. آخرڪار وائکو ٿي پوندو آهي. موسوي به نت نيون ڪهاڻيون گھڙڻ جي عادت کان مجبور ٿي اسان جي رياست جي اهڙن ادارن جي باري ۾ بدگمايون پکيڙڻ شروع ٿي ويو جن جي نيت ۽ ڪردار قومي مفاد ۾ بحث هيٺ نٿا آندا وڃن. موسوي جي مارڪيٽنگ لاءِ روايتي ۽ سوشل ميڊيا جي اسڪرينن تي جيڪو هَٽ کليل هو “اوچتو ” بند ڪرڻو پيو. پر ٺڳ پنهنجو ڌنڌو هلائڻ لاءِ نوان ٺڪاڻا ڳولي وٺندو آهي. هونءَ به لنڊن ۾ ترسيل هڪ محنتي رپورٽر _مرتضيٰ_ ان جي جان ئي نه ڇڏي رهيو هو.

سومر جي ڏينهن مرتضيٰ موسوي کي هڪ ٻي ڪهاڻي ۾ گھيري ورتو. هن ڀيري ان جي ٻڌايل ڪهاڻي جو اصل نشانو لنڊن جي هڪ “ڇَيت” سمجهي ويندڙ اخبار “ڊيلي ميل” جو نمائندو ڊيوڊ روز هو. هي صحافي به اسان وٽ ڪيترن ئي ڏينهن تائين پاڪستان جي غريب عوام جو حامي ۽ ناصر “هيرو” سمجھيو ويندو رهيو آهي. پنهنجي اخبار لاءِ ان اهو داستان هلايو ته برطانيه جي ٽيڪس ڏيندڙن پاران گڏ ٿيل رقمن مان جيڪو حصو پاڪستان جهڙن غريب ملڪن کي “خيرات” جي صورت ۾ ڏنو ويندو آهي ان ۾ خردبرد ٿي آهي. پنجاب ۾ “گورننس” جي علامت سمجهيو ويندڙ شهباز شريف مبينا طور اسان وٽ زلزلي جي متاثرن جي بحالي لاءِ آيل امدادي رقم کي به دولت جي حوس ۾ نه بخشيو.

هن ڪالم جا باقاعده پڙهندڙ چڱي ريت آگاهه آهن ته شهباز شريف صاحب جي حڪمرانيءَ جي انداز کان آئون ڪڏهن به متاثر ناهيان ٿيو. لاڳيتو زور ڀريندو رهيو آهيان ته روڊن، انڊر ۽ اوور هيڊ پاسز جهڙن “ترقياتي” ڪمن لاءِ هو ٽاپ ڊائون ماڊل جو جنوني پيروڪار آهي. اهڙي ماڊل ۾ عوامي خواهشن ۽ ترجيحن کي اهميت ناهي ڏني ويندي. ڪاموراشاهي پاڻ مرادو “ترقي” جا ڪجھه منصوبا سوچيندي آهي جيڪي آخرڪار تاج محل جيان “عجوبو” ته نظر ايندا آهن پر “انساني” ترقي کي ڊگھي مدي واري بنيادن تي يقيني ناهن بڻائيندا.

شهباز شريف صاحب جو سخت ناقد هوندي به ڊيوڊ روز جي ٻڌايل ڪهاڻي منهنجي لاءِ هضم ڪرڻ ممڪن نه هو. “ڊيلي ميل” بنيادي طور تي برطانيا جي گوري نسل پرستن جي بدزبان ترجمان آهي. برطانيا ۾ رهندڙ پناهگيرن کي هميشه ڏوهن جو عادي بڻائي ڏيکاريندي آهي. مسلمان ان ڏس ۾ ان اخبار جو خصوصي ٽارگيٽ آهن. جنوني “وطن پرستي” جي غلبي هيٺ آيل اها اخبار لاڳيتو اهو سوال اٿارنيدي رهي آهي ته برطانيا ۾ لاڳو ٽيڪسن ذريعي گڏ ٿيل رقمن مان پاڪستان جهڙن ملڪن کي “امداد” ڇو ڏني ويندي آهي جڏهن ان ملڪ جا حڪمران “چور ۽ لٽيرا” آهن.

ڊيوڊ روز شهباز شريف خلاف جيڪا ڪهاڻي گھڙي اها “ڊيلي ميل” جي اهم ايجنڊا کي اثرائتو بڻائي رهي هئي. عمران خان صاحب برطانيا کان چڱي ريت واقف آهي. هو ذاتي طور تي به ان “ڇيت” ۾ لڪل ڪيترين ئي ڪهاڻين جي وڪڙ ۾ رهيو آهي. پر شهباز شريف سان مڪمل نفرت کيس “ڊيلي ميل” جي اصل اوقات وساري ڇڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ڊيوڊ روز اسان جو “هيرو” بڻجي ويو. شهباز شريف ان خلاف عدالت ۾ هليو ويو. برطانوي جج ان جي درخواست کي عدالتي ڪارروائي جي قابل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. عزت کي ڇيهو رسائڻ جي دعويٰ جي هاڻ وڌيڪ جاچ ٿيندي. شروعاتي ٻڌڻي جيتوڻيڪ اشارو ڏئي رهي آهي ته ڊويڊ روز ۽ ان جي اخبار کي شايد عدالتي ڪارروائي مان جند ڇڏائڻ لاءِ شهباز شريف سان “ٺاهه” ڪرڻو ئي پوندو.

موسوي جي “شاهدي” ڊويڊ روز کي وڌيڪ ڏکيائي ۾ وجھي ڇڏيو آهي. مرتضيٰ سان ڪيمرا آڏو ٿيل ڳالهه ٻول ۾ ان دعويٰ ڪئي ته پاڪستانين جو “خير خواهه” بڻيل هن صحافي موسوي کان به پنهنجي گھر جي ملڪيت کي حتمي بڻائڻ لاءِ وڏي رقم جو مطالبو ڪيو. پنهنجي “خدمتن” جي بدلي ڊيوڊ روز ان کي عمران حڪومت تائين اثرائتي پهچ جا خواب ڏيکاريا. سڌن لفظن ۾ “چورن کي مور” ملي ويو. ڳالهه جيتوڻيڪ ٺهي ڪانه.

ڊيوڊ روز هاڻ ٽوئيٽس لکي پنهنجون صفايون ڏئي رهيون آهي. مون کي سمجھه ۾ نه پيو اچي ته هو لنڊن ۾ ترسيل هڪ “جھوني” صحافي هجڻ جو دعويدار آهي. موسوي به ان شهر ۾ رهندو آهي. پاڪستان جي ابتڙ برطانيا ۾ عزت کي ڇيهو رسائڻ جا قانون ڏاڍا سخت آهن. عدالتون به ان ڏس ۾ ڪافي تيز رفتاري ڏيکارينديون آهن. ٽوئيٽس لکڻ بدران هو موسوي کي پنهنجي وڪيلن ذريعي نوٽيس اماڻي ۽ پنهنجي “عزت ۽ وقار” جو تحفظ ڪري. اهو تحفظ ان ڪري به ضروري آهي جو شهباز شريف جي عزت کي ڇيهو رسائڻ وارو ڪيس اڃا به عدالت ۾ غور هيٺ آهي. موسوي جي دعويٰ جيڪڏهن درست ثابت ٿي ته ڊيوڊ روز ۽ “ڊيلي ميل” وٽ پنهنجي دفاع لاءِ ڪجھه به نه رهندو، پر اسان بدنصيب پاڪستانين کي ان سڄي جهيڙي ۾ ٽڪي جو به فائدو نه ٿيندو. “چورن ۽ لٽيرن” خلاف انڌي نفرت جي غلبي هيٺ اچي اسان جي رياست موسوي جهڙن ٺڳن کي اڳ ئي جھجھي رقم ڀنگ طور ادا ڪري چڪي آهي. اسان جي “لالچ” مان فائدو کڻي هاڻي موسوي ڊيوڊ روز جو “مور” بڻجڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.

 

بابت Nusrat Javed

سینئر صحافی، اینکر پرسن، تاریخ دان، محقق

ھيءُ پڻ چيڪ ڪريو

جنسي زيادتي جو ڪارڻ لباس؟ | فياض نوناري

تحرير: فياض نوناري اسان جو معاشرو هڪ ڍونڍ بڻجي چڪو آهي جنهن کي اسان هڪ …

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *