آچر , 20 سيپٽمبر 2020
ensdur

”نوجوان ۽ ڊپريشن“ | دانش مھدي ابڙو 

تحرير: دانش مھدي ابڙو
نااميدي ھڪ اھڙي ذھني ڪيفيت آھي جيڪا ھڪ انسان کان ھن جون سڀئي صلاحيتون کسي ھن کي ھر ڪم کان لاچار بڻائي ڇڏي ٿي۔ جڏھن اھا مايوسي واري حالت پنھنجي انتھا واري درجي تي پھچي ٿي ته پوء ڊپريشن (Depression) جھڙي خطرناڪ ذھني بيماري جنم وٺي ٿي جيڪا انسان کي مڪمل طور تي کوکلو بڻايو ڇڏي۔ انسان کي حقيقي معني ۾ زنده تڏھن ئي چئي سگھجي ٿو جڏھن ھو پنھنجي زندگي ۾ پنھنجا مقصد ٺاھي ۽ انھن جي حصول جي لاء وس آھر ڪوشش ڪري پر جڏھن ڪوئي ماڻھو ڪنھن به سبب جي ڪري ذھني دٻاء واري حالت کي منھن ڏيندو آھي ته پوء اھو ذھني دٻاء ھن کان ڪوشش ڪرڻ جي سگھ به کسي وٺندو آھي۔ ان ذھني دٻاء جي ڪري انسان زنده ھجڻ جي باوجود به شعوري طور تي مرده ھوندو آھي۔ اھڙي حالت ۾ انسان زندگي جھڙي خوبصورت نعمت کي به پنھنجي مٿان بار سمجھندو آھي جنھن مان ھو ھر صورت ۾ آجو ٿيڻ چاھيندو آھي۔ڊبليو-ايڇ-او (W.H.O) جي رپورٽ مطابق ھر سال پوري دنيا ۾ 8 لک ماڻھو خودڪشي سبب فوت ٿين ٿا۔ خودڪشي جي ان انگ جو بنيادي سبب ڊپريشن ئي آھي۔ جيڪڏھن اسان ڊپريشن جي بنيادي ڪارڻن کي ڏسون ته غربت، معاشري جو دٻاء، زندگي ۾ پيش ايندڙ ناخوشگوار تبديليون، ڪيرير ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتون، احساس ڪمتري، حرص، سماجي زندگي ۾ سٺن رشتن جي کوٽ، توقعات جو پورو نه ٿيڻ ۽ ٻيا به ڪيترائي ان جا ڪارڻ آھن۔
ان خطرناڪ ذھني ڪيفيت مان اڪثر ڪري ماڻھو پنھنجي نوجواني واري دور ۾ گذرندو آھي۔ ماھر نفسيات جي مطابق زندگي جو (Adolescence) وارو عرصو گھڻو ڪري ذھني پريشانين سان ڀرپور ٿئي ٿو ڇو ته ان وقت ۾ پيدا ٿيندڙ جسماني ۽ ذھني تبديليون نوجوانن لاء پريشاني جو باعث بڻجن ٿيون۔ ان دور ۾ والدين ۽ استاد ئي نوجوانن جا آئڊيئل ھوندا آھن تنھنڪري اھا انھن جي ذمه داري آھي ته اھي نوجوانن جي ان مسئلي ۾ رھنمائي ڪن پر اسان وٽ ان وقت ۾ نوجوانن ۽ انھن جي ذھني مشڪلاتن کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪريو ويندو آھي ۽ نوجوان پنھنجي شخصيت ۽ ذھنيت جي تشڪيل ٿيڻ وارن سالن ۾ اھڙي ماحول جو حصو ٿي ويندا آھن جنھن جا منفي نتيجا نوجوانن، انھن جي خاندان ۽ پوري معاشري کي برداشت ڪرڻا پوندا آھن۔ اھو حقيقت ۾ ذھني دٻاء جو اظھار ھوندو آھي، جيڪو صحيح وقت تي ختم نه ٿيڻ جي ڪري گھڻي عرصي تائين پنھنجا اثر ڇڏيندو آھي۔ اھڙي قسم جي ذھني پريشانين جو خاتمو تعليمي ادارا نصاب سان گڏوگڏ شاگردن جي ذھني تربيت تي به خاص توجه ڏيڻ سان ڪري سگھن ٿا۔
ان کان علاوه نوجوانن کي بحيثيت شاگرد تعليمي مشڪلاتن جي ڪري به پيدا ٿيندڙ ذھني پريشانين کي منھن ڏيڻو پوي ٿو۔ پڙھائي ۾ ناڪامين جي ڪري شاگرد احساس ڪمتري جو به شڪار ٿين ٿا۔ اھا احساس ڪمتري معاشري جي طرف کان مليل نوجوان شاگردن کي ھڪ تحفو آھي جيڪو ھر سال سالانه امتحان جي رزلٽ وارن ڏينھن ۾ نوجوان شاگردن کي ڏنو ويندو آھي۔ معاشري جي طرفان مليل ان ذھني دٻاء امتحانن کي اسٽريس ۾ بدلائي ڇڏيو آھي ۽ جيڪڏھن ڪوئي امتحانن ۾ گھٽ نمبر کڻي ٿو ته پنھنجو پاڻ کي نمبر ٻڌائڻ ته ڇا پر جيئڻ جي قابل به نٿو سمجھي۔ دنيا ھن وقت (Multiple Intelligence Theory) کي متعارف ڪرائي چڪي آھي۔ جنھن مطابق ھر انسان ۾ ھڪ نه بلڪه ڪيترن ئي قسمن جون ذھانتون آھن جن کي دريافت ڪري نوجوان ان مطابق پنھنجي پنھنجي ڪيرير جي چونڊ ڪري ان ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگھن ٿا۔ تنھنڪري ھاڻي اسان کي سمجھڻو پوندو ته تعليمي ادارن جا نصابي سوال جواب ياد ڪري لکڻ ئي ذھين ٿيڻ جي نشاني نه آھي بلڪه ٻين ذھانتن ۾ به پنھنجو پاڻ کي ڏسڻ گھرجي ۽ احساس ڪمتري کان ھر صورت ۾ بچڻ گھرجي۔
نوجوانن جي پنھنجي پروفيشنل زندگي ۾ ناڪامي ۽ مايوسين جي ٻئي وجه ڪاپي ڪلچر به آھي۔ ڪاپي ڪلچر جي ھڪڙي قسم جو مشاھدو ته سنڌ ۾ امتحانن وارن ڏينھن ۾ ڪريو ويندو آھي پر ھن وقت اسين ٻئي ڪاپي ڪلچر جي متعلق ڳالھائي رھيا آھيون۔ امتحانن ۾ ڪاپي کان علاوه اسين پنھنجي فيلڊ جي چونڊ ۾ به ڪاپي ڪندا آھيون۔ جيڪڏھن اسان جا ڪجھ دوست وڪيل ٿيڻ چاھن ٿا ته اسان به پنھنجي لاء وڪيل ٿيڻ کي واجب سمجھي ويھندا آھيون۔ اھڙي قسم جو ڪاپي ڪلچر انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل جي شعبن ۾ تمام گھڻو ڏٺو ويو آھي۔ پوء جڏھن اھڙي قسم جا سنگتي انجنيئر انٽري ٽيسٽ يا يونيورسٽي ۾ ڪارڪردگي نٿا ڏيکاري سگھن ته پوء ڊپريشن جو شڪار ٿين ٿا۔ اسان اھا ڳالھ وساري ڇڏي آھي ته اسڪوپ (Scope) ڪنھن شعبي جو نه بلڪه ماڻھو جو ھوندو آھي۔ فطرت اسان کي مختلف قابليتن سان نوازيو آھي، اسان سڀ مختلف آھيون۔ اسان جو ڪم انھن قابليتن کي دريافت ڪري ڪمال تائين پھچڻ آھي۔
اسان کي اھو ياد رکڻ گھرجي ته خوشي ۽ سڪون جو تعلق اطمينان سان آھي تنھنڪري اسان کي پنھنجي ذاتي، سماجي ۽ پروفيشنل زندگي ۾ ھميشه پنھنجي اندر جي آواز کي غور ۽ فڪر جي سانچي مان گذاري ٻڌڻ گھرجي۔ پر جيڪڏھن اسين شديد ڊپريشن جو شڪار ٿي وڃون ٿا ته پوء اسان کي پنھنجون پريشانيون اھڙن ماڻھن سان ونڍڻ گھرجن جيڪي انھن حالتن ۾ اسان جا مددگار ثابت ٿي سگھن۔ مشڪلاتون ھر انسان جي زندگي ۾ اينديون آھن جن سان وڙھڻ جي صلاحيت به ھر انسان ۾ موجود ھوندي آھي تنھنڪري زندگي ۾ ڊپريشن کان آجو رھڻ لاء ھر فيصلو جذبات کان وڌيڪ عقل کي ترجيح ڏئي ڪري ڪرڻ گھرجي۔ ڊپريشن جيڪو زندگي جا سڀ رنگ ڪڍي ڇڏي ٿو، ان جو خاتمو زندگي ۾ خوبصورت رنگ ڀرڻ سان ئي ٿيندو ۽ خودڪشي ته زندگي جو ئي خاتمو آھي۔ يقينا ھر مشڪل کانپوء آساني آھي۔

danishmahdi0@gmail.com

بابت Editor

ھيءُ پڻ چيڪ ڪريو

عرب اسرائيل تعلقات اڄ جا تہ نہ آھن | وسعت اللہ خان

تحرير: وسعت اللہ خان اڻيهه سئو اٺيتاليهه ۾ اسرائيل قائم ٿيڻ کانپوءِ جن عرب ملڪن …

جواب ڏيو

توھان جي ايميل ايڊريس شايع نہ ڪئي ويندي. اھم خانن کي * جو نشان لڳايو ويو آھي