ڇنڇر , 17 اپريل 2021
ensdur

نامعلوم ڪوھيڙو ۽ غائب ضمير | حامد مير

تحرير: حامد مير

توهان گم ٿيل ماڻهن جي باري ۾ ته ٻڌو هوندو پر ڪنهن شاعر جي گم ٿيل ديوان جي باري ۾ نه ٻڌو هوندو. ٿورو سوچيو ته ڪنهن شاعر جو وڃايل ديوان ان کي ڪي ئي سالن کانپوءِ واپس ملي وڃي ته ان جي خوشي جو ڪهڙو حال هوندو؟

آئون گذريل ٻن ڏينهن کان اردو جي هڪ عظيم شاعر جو ديوان پڙهي رهيو آهيان جيڪو ٻه سو سالن کانپوءِ سامهون آيو آهي پر افسوس جو اهو شاعر دنيا ۾ ناهي رهيو. هي ڪو عام شاعر نه پر اهو شاعر آهي جنهن جي باري ۾ مرزا غالب چيو هو:

 

ريختَي ڪَي تمهين استاد نهين هو غالب

ڪهتَي هَين اگلَي زماني مين ڪوئي مير ڀِي ٿا

 

ته جناب اهو ديوان مير تقي مير جو آهي جنهن کي اردو ٻولي جي هڪ مشهور اسڪالر ڊاڪٽر معين الدين عقيل سامهون آندو آهي. سنگِ ميل پبلي ڪيشنز ان کي “مير تقي مير ڪا غير مطبوعه ديوان هفتم، دريافت و انڪشاف” جي نالي سان شايع ڪيو آهي. مير تقي مير جي ڪليات ۾ ڇهه ديوان شامل رهيا آهن پر ستين ديوان جو پتو ملائيشيا جي انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي ڪوالالمپور جي انسٽي ٽيوٽ آف اسلامڪ سولائزيشن جي لائبريري مان مليو.

هن لائبريري ۾ ڪينيڊا سان تعلق رکندڙ اردو اسڪالر عبدالرحمان بار جو ڪتابن جو ذخيرو موجود آهي ۽ انهن ڪتابن مان ڊاڪٽر معين الدين عقيل مير تقي مير جي اڻ ڇپيل ديوان هفتم جو پتو لڳايو.

اهو ديوان اصل ۾ مير تقي مير جي ڪلام جي چونڊ آهي. ڪجھه غزلون گذريل ڇهن ديوانن مان آهن پر ان ستين ديوان ۾ اهڙيون غزلون ۽ شعر به شامل آهن جيڪي ڇپيل يا ڪتاب جي شڪل ۾ ناهن. هڪ غزل جو هي شعر اهم آهي:

 

جو جو ظلم ڪِيئَي هين تم نَي سو هم نَي اٺائَي هَين

داغ جگر په جلائِي هَين ڇاتيِ په پراحت کائَي هين.

 

مير صاحب 1723 ۾ آگره ۾ پيدا ٿيو ۽ 1810 ۾ لکنئو ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس گھڻو وقت دهلي ۾ گذريو. هن وڏي افراتفري ۽ لاها چاڙها ڏٺا ۽ ان ديوان ۾ به اهڙيون غزلون شامل آهن جن جا شعر پڙهي اهو محسوس ٿيندو آهي ته ٻه سو سالن کانپوءِ به حالتون ناهن بدليون، فرمائي ٿو:

هم سَي تو تم ڪو ضد سِي پڙِي هَي خواه نه خواه رلاتَي هو

آنک اُٺا ڪر جب ديکَي هين اورون مين هستََي جاتََي هو.

مير تقي مير جي ديوانِ هفتم جي دريافت اردو ادب ۾ هڪ اهم اضافو آهي ۽ منهنجي لاءِ ان ديوان جو پتو ملڻ ان ڪري به اهم هو جو منهنجي پنهنجي ڏاڏي مرحوم عبدالعزيز جو به ديوان گم ٿي ويو هو.

هو اردو، فارسي ۽ پنجابي جو شاعر هو. هڪ دفعي سيالڪوٽ مان مشاعرو پڙهڻ لاهور آيو. مشاعرو رات دير تائين هليو ته اتي ئي اک لڳي ويس. اک کلي ته ديوان گم هو. والد صاحب ان ديوان کي ڳولڻ لاءِ اخبارن ۾ تمام گھڻيون خبرون ڇپرايون پر اهو نه مليو.

ٻه ڏينهن اڳ جڏهن هن خاڪسار مير تقي مير جي اڻ ڇپيل ديوان هفتم جو مطالعو شروع ڪيو ته ميڊيا تي ڊسڪه جي تڪ اين اي 75 ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ کانپوءِ گم ٿيندڙ پريزائڊنگ آفيسرنگ جو ذڪر هلي رهيو هو.

آئون هڪ دلچسپ صورتحال مان گذري رهيو هئس. منهنجي هٿ ۾ مير تقي مير جو ديوان هفتم هو جيڪو ٻه سئو سالن تائين گم رهيو ۽ منهنجي سامهون ٽي وي اسڪرينن تي اين اي 75 ۾ ٻه درجنين پرزيزائڊنگ آفيسرن جي گم ٿيڻ جو هُل هو.

ڇنڇر جي صبح ڇهين وڳي اهي گم ٿيل پريزائڊنگ آفيسر پنهنجي ريٽرننگ آفيسر وٽ واپس پهتا ۽ ٻڌايو ته ڌُند (ڪوهيڙي) جي ڪري ليٽ ٿي ويا هئا. ڪنهن جي طبيعت خراب هئي ۽ ڪنهن پنهنجي عينڪ گم ٿي وڃڻ جو بهانو ڪيو پر ڌند واري دلچسپ بهاني سان ڪيترائي افسانا ٺهي ويا. ساحر لڌيانوي چيو هو:

 

سنسار ڪِي هر شَي ڪا اتنا هِي فسانه هَي

اِڪ ڌُند سَي آنا هَي اِڪ ڌُند مين جانا هَي.

 

ڊسڪه جي ڪوهيڙي مان ظاهر ٿيندڙ گم ٿيل پرزائيڊنگ آفيسرن جيڪي ڪهاڻيون ٻڌايون اهي هڪ اهڙي ڌند (ڪوهيڙي) جو ڏس ڏين ٿيون جيڪو گھٽ ٿيڻ بدران وڌندو ئي پيو وڃي ۽ جنهن جي باري ۾ امجد اسلام امجد چيو هو:

 

مانا نظر ڪَي سامنَي هَي بَي شمار ڌُند

هَي ديکنا ڪَي ڌُد ڪَي اُس پار ڪون هَي.

 

ڌُند جو بهانو بڻائي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين گم رهندڙ پريزائڊنگ آفيسرن کان پڇيو ويوته ريٽرننگ آفيسرن طرفان توهان کي هر هر فون ڪيا ويا، ڇا فون به ڌند جي ڪري بند هئا؟ ويچارن وٽ ڪو جواب نه هو. اسان جي چونڊ عمل پهرين زراعت کاتي کي بدنام ڪيو ۽ هاڻي موسميات کاتي کي بدنام ڪري ڇڏيو آهي.

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اين اي 75 ۾ نامعلوم ڌند جي ڪري ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين گم رهندڙ پريزائڊنگ آفيسرن جي بازيابي لاءِ پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ اعليٰ پوليس آفيسرن سان به رابطو ڪيو پر ڪنهن اليڪشن ڪميشن سان سهڪار نه ڪيو.

ان معاملي تي اليڪشن ڪميشن پاران 20 فيبروري تي جاري ڪيل بيان صرف پنجاب حڪومت نه پر وفاقي حڪومت خلاف به هڪ چارج شيٽ آهي. اليڪشن ڪميشن جي بيان تي غور ڪريو ته محسوس ٿئي ٿو ته جڏهن گريڊ 22 جي ڪنهن وڏي آفيسر جو ضمير گم ٿي وڃي ته 21 ۽ 20 گريڊ جي پوليس آفيسر کان وٺي 19هين ۽ 18هين گريڊ جا ڪيترا ئي آفيسر اڻڄاتل ڌند ۾ ڦاسي پوندا آهن.

اهي ماڻهو پنهنجون نوڪريون بچائيندي آئين ۽ قانون کي تباهه ڪري ڇڏيندا آهن. جڏهن آئين ۽ قانون به لاپتا ٿي وڃي ته پوءِ عام شهرين جي نظر ۾ ڪنهن اداري جو احترام نه بچندو آهي ۽ جڏهن ادارن جو احتراب باقي نه رهي ته پوءِ قومي عيرت به گم ٿي ويندي آهي.

شڪر آهي جو نامعلوم ڪوهيڙي ۾ گم ٿيندڙ ضميرن جو انگ گھڻو نه هو ۽ پاڪستاني قوم متحد ٿي انهن ضمير فروشن کان ضرور نجات حاصل ڪندي.

بابت Hamid Mir

ھيءُ پڻ چيڪ ڪريو

جنسي زيادتي جو ڪارڻ لباس؟ | فياض نوناري

تحرير: فياض نوناري اسان جو معاشرو هڪ ڍونڍ بڻجي چڪو آهي جنهن کي اسان هڪ …

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *