آچر , 29 نومبر 2020
ensdur

نااهل حڪمران ۽ سنڌ ۾ وڌندڙ خودڪشيون | منصور احمد نظاماڻي 

تحرير: منصور احمد نظاماڻي

نئين پاڪستان جوڙڻ واري هي تبديلي سرڪار جنهن ملڪ ۾ غربت ، مهانگائي، بدامني، ڪرپشن، دوائن، سون، چاندي، ڊالر، گئس، بجلي، پيٽرول ڊيزل، ۽ عام واهپي وارين شين جي اگھن کي وڌائي ملڪي تاريخ ۾ نوان ريڪارڊ قائم ڪيا آهن. جنهن جو مثال اسان کي  ويجهڙائي ۾ ڪنهن به حڪومت ۾ نٿو ملي، ٻيو وري رهي سهي قصر مٿان هي ڪورونا واري وبا پوري پئي ڪري ۽ ايئن سمجهو ته هاڻ ملڪ مڪمل وينٽيليٽر تي اچي ويو آهي، جنهن جي ڪري غربت ۾ تمام گهڻو واڌارو ٿيو آهي،  جڏهن ته غريب عوام اڳ ۾ ٻه ويلا پيٽ ڀري ماني کائيندو هو هاڻ ته ماني کڀي لاءِ تمام گهڻو پريشان آهي. پاڪستاني عوام پي ٽي آءِ کي اهڙي نئين پاڪستان لاءِ ووٽ قطعي طور تي نه ڏنو هو. انهن ته عمران خان جي جلسن جلوسن ۾ ورجايل قولن، واعدن تي ووٽ ڏنا هئا. مگر اقتدار جي اهڙي هوا لڳي جو وزيراعظم عمران خان کي شايد غريب عوام ڪٿي ڏسڻ ۾ ئي نٿي اچي، اسان جي وزير اعظم بار بار اهو چيو ته ’’آئون سال 2021ع ۾ پاڪستان مان غربت جو مڪمل خاتمون ڪندس.‘‘ جي هاڻ ڏٺو وڃي ته آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ مهانگائي، ۽ وڌندڙ بي روزگاري ملڪ ۾ غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ وارن جو جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏيو آهي. ۽ اهي خودڪشي جهڙو انتهائي سخت قدم کڻڻ تي تمام گهڻا مجبور آهن. ۽ جنهن جي ڪري لڳي ائين ٿو ته غربت هن ملڪ مان ختم ٿئي يا نه ٿئي پر غريب هن ملڪ مان ضرور ختم ٿي ويندو.  پاڪستان ۾ خودڪشي ڪرڻ جا اهم ڪارڻ جيڪي ٻڌايا وڃن پيا اهي هي آهن، بي روزگاري، وڌندڙ مهانگائي، ذهني دٻاءُ، بيماريون ۽ گهريلو جهيڙن جي ڪري ماڻهن ۾ بي چيني وڌڻ سان خودڪشي ڪرڻ واري انتهائي سخت قدم کڻڻ تي مجبور ٿي پون ٿا.

پاڪستان ۾ هر سال خودڪشين جا واقعا وڌي رهيا آهن، پر خاص طوري تي تبديلي سرڪار جي هن ٻن سالن جي طرز حڪمراني ۾  جيڪي افسوس ناڪ خودڪشين جا واقعا رونما ٿيا آهن. اهي واقعا ڪنهن کان لڪيل ڇپيل ناهن، انهن واقعن کي اليڪٽرانڪ ميڊيا، سوشل ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا  ڏيکاريو آهي. ۽ تصويرن سميت ڇاپيا به آهن. جي اسان انهن جي انگ اکرن جو ڪاٿو  لڳايون ته اهي تمام گهڻا ڀوائيتا ۽ ڇرڪائيندڙ آهن. جيڪو پاڪساني حڪومت جي لاءِ هڪ سواليا نشان آهي. جنهن جو حل شايد هن تبديلي سرڪار وٽ نه آهي. صحت جي عالمي اداري جي رپورٽ موجب دنيا ۾ 40 سيڪنڊ ۾ هڪ ماڻهو خودڪشي ڪري ٿو. ان حساب سان سڄي دنيا ۾ هر سال 8 لک ماڻهو خودڪشيون ڪن ٿا. سال 2019ع موجب صحت جي عالمي اداري  جي دنيا جي  200 جي لڳ ڀڳ ملڪن ۾ آپگهات ٿيڻ جون رپورٽون شايع ڪيون آهن. ۽ ايئن دنيا جي انهن ملڪن جي لسٽ ۾ پاڪستان جو 53 نمبر ٿئي ٿو. ۽ سنڌ ۾ خودڪشين بابت جيڪا صحت جي عالمي اداري  هلندڙ سال 2020ع جي ڇهن مهينن جي  هڪ رپورٽ شايع ڪئي آهي. اها تمام گهڻي خوفناڪ آهي، سنڌ ۾ ڇھ مهينن جي دوران  خودڪشي ڪرڻ وارن جا انگ اکر هي آهن. جنوري جي مهيني ۾ 38، جنهن ۾ 6 عورتون ۽ 32 مرد، فيبروري جي مهيني ۾ 44، جنهن 12 عورتون ۽ 32 مرد، مارچ جي مهيني ۾ 31، جنهن ۾ 14 عورتون ۽ 17 مرد،  اپريل جي مهيني ۾ 41، جنهن ۾ 12 عورتون ۽ 29 مرد،  مئي جي مهيني ۾ 69، جنهن ۾ 29 عورتون ۽ 40 مرد، جون جي مهيني ۾ خودڪشين جا ڪل 80 واقعا ٿيا، جنهن ۾ 31 عورتون  ۽ 49 مرد شامل آهن. انهن سڀني خودڪشين جو  ڪل ڳاڻيٽو 303 ٿئي ٿو، جيڪو هڪ تمام وڏو آڪڙو ٿئي ٿو.

سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ خودڪشين جو تعداد ڪجھ هن ريت آهي. جنهن ۾ سڀني ضلعن کان وڌيڪ خودڪشين جا واقعا عمر ڪوٽ ۽ ٿر پارڪر ۾ 38 ۽ 26 رپورٽ ٿيا آهن. جن ۾ اڪثريت عورتن جي آهي. ايئن بدين ضلعو ٽين نمبر تي آهي. جنهن ۾ 20 ماڻهن خودڪشي ڪئي. خيرپور ۾ 19، دادو ۾ 18، ڪراچي ۾ 16، لاڙڪاڻي ۾ 17،  نوشهرو فيروز ۽ سانگهڙ ۾ 14-14، ميرپور خاص ۾ 12 قمبر شهدادڪوٽ ۾ 11، ڪشمور، ۽ ڄامشورو ۾ 9-9، سکر، مٽياري، ۽ ٽنڊوالهيار ۾ 8-8، حيدرآباد، ٺٺو، جيڪب آباد ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ 7-7، ۽ 6 شڪارپور ۾ 5 خودڪشين جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن. ۽ ان کان علاوه سنڌ جي مختلف شهرن مان 7 خودڪشين جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن. ۽ سڀي کان گهٽ ضلع سجاول مان فقط 3 واقعا رپورٽ ٿيا آهن.  پر هي مٿي ڄاڻايل خودڪشين جا اهي واقعا آهن جيڪي رپورٽ ٿيا هئا پر اسان وٽ کوڙ سارا واقعا اهڙا آهن. جيڪي ڪٿي رپورٽ ئي ڪون ٿين جن جو تعداد به ٻيڻ تي ٿئي ٿو.

سنڌ ۾ خودڪشين جي وڌندڙ واقعن ۾  حڪومت طرفان ڪورونا وبا جي ڪري لڳايل لاڪ ڊائون جي دوران تيزي آئي، جنهن ۾ خاص طور تي بيروزگار جي ڪري ماڻهو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿيا. جن ماڻهن لاڪ ڊائون جي دوران بي بيروزگاري، گهريلو جهيڙن، مالي پريشاني، ذهني دٻاءُ، مهانگائي ۽ بيماري جي سبب پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، انهن افسوس ناڪ واقعن جون خبرون سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ ڇپجي چڪيون آهن. ان جو تفصيل ڪجھ هن ريت آهي.

مارچ جي آخري هفتي ۾ لڳندڙ لاڪڊائون ۽ اپريل جي مهيني دوران ملڪاڻي شريف واسي نوجوان حاڪم هيسباڻي، ننگر پارڪر واسي مارڪ ڪنڀار، جهڏي واسي عورت پاني ڀيل، بدين واسي فياض ملاح، ٽنڊو حيدر واسي پورهيت انور لغاري، ڀلڙي شاه ڪريم واسي پنجن ٻارن جو پيءُ بيکو ڪولهي، لاڳيتو لاڪ ڊائون جي ڪري بيروزگاري ۽ مهانگائي جي ڪري پنهنجي زندگي مان مايوس ٿي خودڪشيون ڪيون. مئي ۽ جون جي مهيني دوران ڏاهلي ۾ عورت متي بجير، ميهڙ ۾ عورت بختاور مهيسر، جهڏي ۾ علاج جا پئسا نه هجڻ ڪري عورت ديا، ٽنڊو ڄام واسي بي بيروزگار منو ڀيل مينگهواڙ، گمبٽ واسي ڪورونا جو شڪار ٿيل شاهزيب سهتو، جيڪب آباد واسي بيروزگار بڻيل پيءُ عبدالغفار ڌي جو علاج جا پئسا نه هجڻ جي ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. ڪنڌ ڪوٽ واسي نوجوان آصف بروهي، سجاول واسي ماءُ ۽ پيءُ ٻارڙن جو ماني گهرڻ تان پنهنجي زندگي مان بيزار ٿي خودڪشي ڪئي. ٽنڊو باگو واسي پنجن ٻارن جي ماءُ ۽ پيءُ شرمتي ۽ همير ٻارڙن پاران ماني ڳڀي گهرڻ تان خودڪشي ڪري ڇڏي، ڪنري ۾ ترٿ ڪولهي، دادو ۾ جاويد ملاح، چمبڙ ۾ ٻن نوجوان ڀائرن چندر جامن ڪولهي بيروزگاري سبب پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهايو. ڪڙيوگهنور واسي نوجوان علي ڇانهيو، مبارڪپور ۾ علي اصغر ، ٺٺي واسي نوجوان  محمد حسن، سن ويجهو پورهيت سجاول خاصخيلي، ساماري ۾ پورهيت ڪرمچند، لاڙڪاڻي ۾ پورهيت وقار ڪوريجو بي بيروزگاري جي سبب آپگهات ڪيو. عمرڪوٽ واسي آنبو ڪولهي، ساماري مولچند، دادو ۾ 17 سالا نوجوان مالي مشڪلاتن سبب خودڪشي ڪئي. ٽنڊو آدم ۾ منير عباسي، ڄام صاحب ۾ شير محمد شر لاڪ ڊائون دوران بي بيروزگاري جي ڪري پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو.

مٿيان هانءُ ڏاريندڙ واقعا حڪومت پاڪستان ۽ سنڌ حڪومت ۾ ويٺلن کان وڏي واڪي سوال ٿا ڪن ته  ڪٿي آهي حڪومت جيڪا عوام جي جان، مال، عزت، جي حفاظت سان گڏ ، زندگي گذارڻ جون اهي سڀ بنيادي سهولتون جنهن ۾ روزگار، تعليم، صحت، پاڻي، بجلي، گئس، روڊ رستا ۽ عام واهپي وارين شين جا مناسب اگھ ڏيڻ جي پابند آهي. جيڪي هن دنيا ۾  جمهوري ملڪ پنهنجي عوام کي ڏئي رهيا آهن،  پر هتي اقتدار ۾  ويٺل ظالم حڪمران اليڪشن کان اڳ ۾ جلسن جلوسن ۾ عوام سان کوڙ سارا وعدا ۽ وچن ڪن ٿا. پر انهن مان ڪو هڪ واعدو به وفا اڄ ڏينهن تائين ٿي ناهي سگهيو. ۽ افسوس ان ڳالھ جو آهي ته جڏهن به ڪو اهڙو افسوس ناڪ واقعو رونما ٿي جڏهن به ميڊيا تي اچي ٿو ته هنن ظالم حڪمرانن جي ڪن تي ڪا جونءَ ئي نٿي سري جهڙوڪ انهن جي اندر ۾ ڪا ڌهڙڪندڙ دل ئي ناهي،  ان رويئي تي اسان  جي عوام ۾ مايوسي ۽ بي چيني آهي. هاڻ ظاهري طور ڏٺو وڃي ته هنن خودڪشين جي واقعن ۾ اڃان به تيزي اچڻي آهي. جي اسان جي وفاقي ۽ صوبائي سرڪار ان اهم نوعيت واري مسئلي بابت ڪو تحرڪ نه وٺندي. ته پو جيڪي اڄ ڇهن مهينن ۾ خودڪشين جا واقعا 303 رپورٽ ٿيا آهن، اهي واقعا پوءِ سون ۾ نه پر هزارن ۾ ٿيندا جيڪي ملڪ مٿان سوين سوال ڇڏيندا، جنهن جو تدارڪ پوءِ شايد نه به ٿي سگهي،

بابت Editor

ھيءُ پڻ چيڪ ڪريو

ڪرپشن جا ڪيس ۽ ميڊيا جي ذميواري | قاضي آصف

تحریر: قاضي آصف 2008ع ۾ ڪجھ پاڪستاني صحافين جو ھڪ وفد، جنھن ۾ آءُ بہ …

جواب ڏيو

توھان جي ايميل ايڊريس شايع نہ ڪئي ويندي. اھم خانن کي * جو نشان لڳايو ويو آھي