اڱارو , 4 آگسٽ 2020
ensdur

قرباني ۽ اسلامي فلسفو | ظھير حسين

تحرير: سردار ظھير حسين ملوڪاڻي

اللہ سائین سورہ الحج جي آيت نمبر 34 ۾ ارشاد فرمائي ٿو.
( ترجمو ) ۽ سڀ ڪنھن ٽوليءَ لاءِ قرباني جي طرح ھن لاءِ مقرر ڪئي سون ته کين ڍورن مان جيڪي روزي الله ڏني تنھن تي الله جو نالو ياد ڪن،
پوءِ اوھان جو معبود ھڪ خُدا آھي تنھنڪري سندس حُڪم مڃيو، ۽ انھن عاجزي ڪندڙن کي خوشخبري ڏي.
قرآن شريف ۾ قرباني جي لاءِ ٽي لفظ آيا آھن. نمبر ھڪ نسڪ ، نمبر ٻہ نحر ، نمبر ٽي قرباني.
نسڪ ؛ ھيءَ لفظ قرآن شريف ۾ مختلف جڳھن تي ، مختلف معانن ۾ استعمال ٿيو آھي. ڪٿي عبادت لاءِ استعمال ٿيو آھي. ڪٿي وري اطاعت لاءِ. ۽ ڪٿي وري قرباني لاءِ استعمال ٿيو آھي.
۽ جھڙي طرح سان سورہ الحج جي آيت نمبر 34 ۾ آيو آھي. (ترجمو) يعني اسان ھر امت لاء قرباني کي مقرر ڪري ڇڏيو آھي. ھِت اھيو لفظ جانور جي قرباني لاءِ استعمال ٿيو آھي.
ڇو جو ان کان ڦورن بعد ۾ ” بھيمہ الانعام ” جو لفظ آيو آھي. يعني پنھنجي چُوپائي تي رب سائين جو نالو کڻي قرباني ڪريو. جيڪو مال توھان کي رب سائين عطا ڪيو آھي.
ٻيو لفظ قرباني جي لاءِ ’نحر ‘ قرآن شريف ۾ آيو آھي. جيڪو سورہ الڪوثر ۾ استعمال ٿيو آھي. (ترجمو) يعني پنھنجي پالڻھار جي لاءِ نماز پڙھو ، ۽ قرباني ڪريو.
۽ ٽيون لفظ خُد قرباني آھي. ھيءَ لفظ قرآن شريف ۾ سورہ مائدہ آيت نمبر 27 ۾ آيو آھي. جتي حضرت آدم عليہ السلام جي ٻنھن پٽن ھابيل ، ۽ قابيل جو واقعو بيان ٿيو آھي.
يعني توھان انھن کي حضرت آدم عليہ السلام جي ٻنھن پٽن جو سچو واقعو ٻڌايو.
جڏھن ٻنھن قرباني ڪئي. ھڪ جي قرباني قبول ٿي وئي. ۽ ٻئي جي قبول نه ٿي.

اسان پنھنجي ٻولي ۾ لفظ قرباني کي عام طور استعمال ڪندا آھيو. پر اسلامي اصطلاح ۾ قرباني جو ھڪ خاص مفھوم آھي.
جنھن جو ذڪر ’راغب اصفھاني’ پنھنجي ڪتاب مفردات القرآن ۾ ھن طرح سان ڏنو آھي.
قرباني ھر ان شيءَ کي چيو ويندو آھي. جنھن جي ذريعي سان اللہ سائین جو قرب حاصل ڪيو وڃي. پوءِ چاھي اھو جانور کي ذبع ڪري حاصل ڪيو وڃي. چاھي اھو صدقو ڏي حاصل ڪيو وڃي. چاھي اھو خيرات ڪري حاصل ڪيو وڃي.
ھڪ ڳالھ تہ اسان جي اڳيان واضع آھي ، عرف عام ۾ قرباني جو لفظ جانور جي لاءِ ئي استعمال ٿيو آھي. قرآن شريف جي مطابق ڪنھن حلال جانور کي اللہ تعالي جو قرب حاصل ڪرڻ لاء ذبع ڪرڻ جي شروعات حضرت آدم عليہ السلام کان ٿي.
جڏھن نبي (صلي اللہ عليہ والہ والسلم) يھودين کي ايمان کڻي اچڻ جي دعوت ڏني ، انھن ڪھڙو جواب ڏنو. جنھن کي اللہ سائين سورہ آل عمران جي آيت نمبر 183 ۾ ھن طرح سان بيان ڪيو آھي.
جيڪي چون ٿا ، تہ رب سائین اسان سان انجام ڪيو آھي ، تہ ڪنھن بہ پيغمبر تي ايستائین ايمان نہ آڻيو. جيستائین (ھو اھڙي) قرباني اسان وٽ (نہ) آڻي جو ان (قرباني) کي باھي کائي.

حالانڪہ اھيا يھودين جي انتھائي غلط بياني ھئي. ليڪن امت محمديہ تي اھو رب سائين جو خاص ڪرم آھي. تہ قرباني جو گوشت انھن لاءِ حلال ڪيو ويو آھي. ۽ ان سان گڏو گڏ اھيا بہ وضاحت ڪئي وئي . تہ
قرباني جو مقصد ، ۽ ان جو فلسفو فقط گوشت واپرائڻو نہ آھي. بلڪ ھڪ شرعي حڪم جي تعميل ، ۽ سنت ابراھيمي تي عمل ڪندي ، ھڪ جان ( يعني ڪنھن حلال جانور ) کي رب سائين جي راھ ۾ قربان ڪرڻ آھي.
جيئن ھيءَ واضع لفظ آھن.
تہ يعني رب سائین وٽ توھان جي قرباني جو گوشت نٿو پھچي ، نہ ئي ان قرباني جو رت پھچي ٿو ، بلڪي رب سائين وٽ توھان جي تقوي پھچي ٿي. يعني قرباني جو گوشت واپرائڻ ڪو مقصد نہ آھي. بلڪي سنت ابراھيمي تي عمل ڪندي ، خالصن رب سائین لاءِ ڪنھن حلال جانور جي قرباني ڪرڻ اصل مقصد آھي.
جيئن قران مجيد ۾ آيو آھي.
يعني جڏھن حضرت ابراھيم عليہ السلام جو پٽ حضرت اسماعيل عليہ السلام ، ايترو قابل ٿي ويو تہ پنھنجي پيءَ سان ڪم ڪار ۾ ھٿ ونڊارئڻ لڳو. تہ حضرت ابرھيم عليہ السلام چيو. اي منھنجا پيارا پٽ
مون خواب ۾ ڏٺو آھي تہ مان تونکي ذبع ڪري رھيو آھيان.
ھاڻ ٻڌائي تنھنجي ڇا رائي آھي. تہ حضرت اسماعيل عليہ السلام چوڻ لڳو. اي بابا جان توھان اھو ڪم انجام ڏيو جنھن جو توھان کي حڪم مليو آھي.
اِن شاء اللہ توھان مونکي صبر وارن مان پائیندو.
جڏھن ھيءَ ٻئي پيءَ پُٽ قرباني لاء تيار ٿيا. تہ رب سائين جو ارشاد ٿيو.
اي ابراھيم (عليہ السلام) تو خواب کي سچو ڪري ڏيکاريو. ۽ ان سان گڏو گڏ اللہ سائين حضرت اسماعيل (عليہ السلام) جي بدلي ۾ ھڪ گيٽي کي قرباني لاءِ نازل ڪيو.
اللہ سائين پنھنجي محبوب پيغمبر ابراھيم عليہ السلام جي ان عمل کي ايترو پسند ڪندي. قيامت تائين ان ياد کي زندا رکڻ لاءِ قرباني ھر ان شخص تي واجب قرار ڏي ڇڏي. جيڪو شخص صاحب استطاعت ھجي.

چُناچہ اسان جي آخري نبي (صلي اللہ عليہ والہ والسلم)
۽ سندس اھلبيت عليہ السلام ۽ سندس پوري امت ھر جڳھ تي ۽ ھر ملڪ ۾ سنت ابراھيمي تي عمل ڪندي رھي آھي.
ان جي ڪري قرآن مجيد جي تعليم مطابق قرباني جو فلسفو ۽ ان جي حقيت ھيءَ معلوم ٿي آھي ، تہ قرباني جي ذريعي انسان رب سائین لاءِ ھڪ جان جي قرباني ڪري ٿو.
ان ۾ فقط گوشت کائڻ مقصود نہ آھي. نہ ئي ان ۾ ڪا ريا ڪاري ، نه ئي ڪو ڏيکاءُ آھي. نہ ئي ان ۾ ڪو شيطاني وسوسو اچڻ کپي.
جيئن رسول اڪرم کي حڪم ٿيو. توھان چئي ڇڏيو تہ منھنجي نماز ، منھنجي قرباني ۽ منھنجي زندگي ۽ منھنجو مرڻ فقط رب سائين لاء آھي. جيڪو تمام جھانن جو پالڻھار آھي.

بابت Editor

ھيءُ پڻ چيڪ ڪريو

”نوجوان ۽ ڊپريشن“ | دانش مھدي ابڙو 

تحرير: دانش مھدي ابڙو نااميدي ھڪ اھڙي ذھني ڪيفيت آھي جيڪا ھڪ انسان کان ھن …

جواب ڏيو

توھان جي ايميل ايڊريس شايع نہ ڪئي ويندي. اھم خانن کي * جو نشان لڳايو ويو آھي