خميس , 28 جنوري 2021
ensdur

غدارن جي شڪست تي جشن ملھائڻ وارو موسم | نصرت جاويد

تحرير: نصرت جاويد

جان جي پناهه گھرندي حڪمرانن کي هٿ ٻڌي فرياد اها ڪرڻي آهي ته موبائل فون جي بندش امن امان کي هرگز يقيني ناهي بڻائيندي. سينو تاڻي پاڻ کي آزاد، ايماندار، بي باڪ ۽ حب الوطني جا حتمي نگهبان سڏرائيندڙ اينڪر ٿورڙي پشيماني محسوس ڪرڻ بنا جيڪڏهن هر حوالي سان اهم ترين “خبر” کي بحث هيٺ به نه آڻين تڏهن به “مسلمان امت جي واحد ايٽمي قوت” جي راڄڌاني موجوده دور تائين احتجاجي ميڙ هٿان يرغمال بڻجي وڃي ٿي. آخرڪار وڏي ميڙ منٿ کان پوءِ هڪ ٻئي “تحريري معاهدي” تي صحيحون ڪرڻيون پون ٿيون. مون جهڙا ٽڪي جا صحافي ان “معاهدي” جي بنيادي شقن کي “وسيع تر قومي مفاد” ۾ بحث هيٺ نه به آڻين ته به عالمي ميڊيا ذريعي اهي هر صورت ڪيترن ئي اهم ترين ملڪن جي پاليسي سازن جي غور هيٺ اينديون. امڪاني غور سنجيده نتيجي کي يقيني بڻائيندو.

ڇنڇر جي رات کان سومر جي شام تائين راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي لکين شهرين جا موبائل فون بند ڪندي اها سخت حقيقت به نهايت بي رحميءَ سان وساري وئي ته اسان وٽ ڪرونا جي ٻي لهر وحشت سان ظاهر ٿي آهي. گذريل لهر صرف ربّ ڪريم جي مهرباني سان اسان جي صحت جي نظام کي ان حد تائين بي وس نه بنايو هو جنهن جا خطرناڪ اثر اٽلي ۽  آمريڪا جهڙن خوشحال ۽ جديد ترين ملڪن ۾ نظر آيا هئا. ٻي لهر کي سنڀالڻ لاءِ صحت جي نظام کي وڌيڪ مضبوط نه بڻايو ويو هو. خوش فهمي ۾ اهو فرض ڪيو ويو ته وبا ٻوڏ جيان آئي هئي ۽ گذري وئي. ٿورو اطمينا اهو سوچيندي محسوس ٿئي ٿو ته اسان جي عوام جي اڪثريت هاڻي ڪرونا جي وڪڙ ۾ اچڻ کانپوءِ پاڻ کي گھرن ۾ آئسوليٽ ڪرڻ سکي ورتو آهي، ان ڪري گھر جي ڪنڊ ۾ محدود ٿيندڙ مريضن جي هڪ وڏي انگ کي ان ڪري ساهه روان رکڻ لاءِ آڪسيجن سلينڊرن جي مستقل فراهمي گهربل هوندي آهي. گذريل ٻن ڏينهن ۾ موبائل فونز ۽ اهم شاهراهن جي بندش جي ڪري راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي “وچ وارن علائقن” ۾ آباد ڪيترائي شهري مڪمل بي وسي جي حالت ۾ آڪسيجن سلينڊر ڳوليندا رهيا. احتجاج شهرين جو بنيادي حق آهي ان ڪري لازمي هو ته احتجاج جو اهتمام ڪندڙ اڳواڻن کي پرخلوص ۽ سنجيده ڳالهين ذريعي ڪجھه ايس او پيز طئي ڪرايا وڃن ها. احتجاج سان گڏ روزانو جي زندگي به ان جي ڪري جاري رهي ها، پر هن ڀيري رياستي قوت کي وڏائي سان آزمائڻ جو فيصلو ٿيو، پر پنجابي چوڻي واري “کودِي” آخرڪار هڪ ٻئي “معاهدي” تي مجبور ٿي.

2006ع ۾ جڏهن اسرائيل حزب الله جو “صفايو” ڪرڻ لاءِ لبنان تي هوائي حملن جي برسات وسائي ته چئن کان وڌيڪ هفتن تائين آئون ان ملڪ ۾ موجود رهيس. بيروت جي ڏکڻ ۾ واقع هڪ اهڙي هوٽل ۾ رهڻ تي ضد ڪندو رهيس جتي مون کان سواءِ صرف ٻه ٻيا “مهمان” ترسيل هئا. روڊ جي هن پاسي پاڪستان جو سفارتخانو هو. اهو سوچيندي ان هوٽل ۾ ڄمي ويٺس ته خدا نه خواسته جيڪڏهن اسرائيلي فوج لبنان ۾ داخل ٿي وئي ته هڪدم سفارتخاني ۾ وڃي پناهگير ٿي ويندس. حزب الله جي اثر هيٺ علائقا اتان کان 15 کان 20 منٽن جي مفاصلي تي هئا. منهنجي رهائش دوران هوائي حملن جي شدت وارن ڏينهن ۾ هڪ سيڪنڊ لاءِ به منهنجو موبائل فون بند نه ٿيو. سخت بمباري جا نظارا جڏهن پاڪستان ٽيليويزن جي اسڪرينن تي هلي رهيا هئا ته آئون فون ذريعي پنهنجي زال ۽ ٻارن کي کلي مسڪرائيندي حوصلو ڏيڻ ۾ مصروف رهندو هئس. انهن جي دل پنهنجي ڪمري ۾ گجندڙ گونج ۽ کڙڪين جي آواز جي آڊيو_وڊيو رڪارڊنگ سان وندرائيندو هئس. لبنان ۾ منهنجي رهائش دوران حزب الله جي ترجمان “المينار” ٽي وي به هڪ لمحي لاءِ بند نه ٿي. حسن نصر الله ٽئين چوٿين ڏينهن ان ذريعي دونهيندار خطاب فرمائيندو هو. آچر جي ڏينهن اسلام آباد ۾ ٿيل احتجاج ڄاڻايل سلسلي ۾ هرگز “خوفناڪ” نه هو. موبائل فونن جي بندش به ان کي بي اثر نه ڪيو، بلڪه يوٽيوب تي حاوي بڻيل “حق گو” ماڻهو مظاهرين سان گڏ ويهي “هر پل جي خبر” پنهنجي وِي لاگ ذريعي اپلوڊ ڪندا رهيا. روايتي ميڊيا جي ريٽنگز جي حوالي سان “اسٽار” بڻيل ڪيترن ئي اينڪرن کي انهن هٿ ٺوڪين سٽيزن جرنلزم ذريعي “فدوي” ۽ “ويڪائو” ثابت ڪيو، پر عام شهرين جو وڏو انگ موبائل فون جي بندش جي ڪري رلي ويو. خوف ۽ هراس انهن جا ٻه ڏينهن برباد ڪري ڇڏيا، پر صدين کان اسان جي عادت بڻيل “غلامي” جي ڪري اسان پنهنجي پريشاني جو سبب بڻيل فيصلن جي باري ۾ ڪو سوال اٿارڻ جي جرئيت بلڪه سگھه کان به محروم آهيون. سرمائيداراڻو نظام پنهنجي منافعي جي حوس کي لڪائڻ لاءِ واهپيدارن جي حقن جو فخر سان ذڪر ڪندو آهي. جنهن ڪمپني جي سم منهنجي موبائل فون ۾ آهي اها هن نظام تحت سروس پرووائيڊر يعني “خدمت گذار” سڏرائڻ جو ڊرامو ڪندي آهي. واهپيدار کي خدمت گذار جو ماسٽر يعني “آقا” ڄاڻايو ويندو آهي. آئون بازار کان پنهنجي استعمال هيٺ سم کي جاري رکڻ لاءِ پري پيڊ ڪارڊ خريد ڪندو آهيان. اهو ڪارڊ هڪ قسم جي ڪانٽريڪٽ يا معاهدي تحت جاري ٿيندو آهي. سادن لفظن ۾ ائين چئجي ته جيڪڏهن منهنجي فون ۾ گھربل بيلنس موجود آهي ته مون کي “خدمت گذار” پاران هر اها سهولت فراهم ڪرڻي پوندي جنهن جو واعدو ٿيو آهي. ٻن کان وڌيڪ ڏينهن تائين “خدمت گذار” ڄاڻايل معاهدي جو احترام نه ڪيو، پر اسان جي ملڪ ۾ اهڙو ڪو ادارو موجود ئي ناهن جنهن جي آڏو مون جهڙا لکين شهري پنهنجي فرياد کڻي وڃن. هي ادارو ان لاءِ قائم نه ٿيو هو ته اسان جي حڪمرانن ۽ انهن جي سرپرستي ۾ پلجندڙ “خدمت گذار” اسان “ ذلتن جي ماريل” انسانن کي ڪنهن جمهوري ملڪ جو “شهري” ناهن سمجھندا. “شهرين” جي ذميوارين کان سواءِ ڪجھه حق به هوندا آهن. اسان جي وڏي اڪثريت پنهنجي ذميوارين کي غلامي جيان نڀائيندي رهندي آهي، پر حقن جي باري ۾ حڪمران ڪا ذميواري کڻڻ لاءِ تيار ناهن. اها حقيقت لاڳيتو ياد ڏياري ويندي آهي ته اسان 22 ڪروڙ پاڪستاني “شهري” نه سلطانن جي “رعايا” آهيون. پُلين تي ٽول ٽيڪس جي ادائگي کانپوءِ هڪ لطيفي موجب پار ڪرڻ کانپوءِ اسان کي جوتا لڳائڻ جو به فيصلو ٿي وڃي ته اسان هٿ ٻڌي حڪمرانن کي فرياد ڪندا آهيون ته جوتا هڻڻ واري اهلڪارن جي “نفري” وڌائي وڃي ته جيئن اسان کي پنهنجي منزل تائين پهچڻ ۾ دير نه ٿي وڃي. اهڙي اجتماعي رويي سان به مون جهڙي ٽڪي جي صحافين مان اميد ٻڌي ويندي آهي ته “دليري” ڏيکاريون. “لفافا” وٺڻ ڇڏي ڏيون. صرف سچ بيان ڪرڻ جي عادت اختيار ڪريون، پر اسان “سچ” بدران ٿورو “پِٽڪو” به ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون ته جن صحافتي ادارن لاءِ لکندا يا ڳالهائيندا آهيون انهن جو “بزنس ماڊل” خطري ۾ پئجي وڃي ٿو. ان جي ڪري نازل ٿيل فائنينشل ڪرنچ جي ڪري اسان بي روزگار ٿي وڃون ته ڪو توهان جي خبر وٺڻ لاءِ به تيار ناهي هوندو. نوجوان فصيح الرحمان رزق جي پريشاني جي ڪري فوت ٿي ويندو آهي. دل جي ٻُوسٽ ارشد وحيد چوڌري کي ڪرونا مان نڪرڻ نٿي ڏئي. “سٺي خبر” ان باوجود اها آهي ته عمران خان صاحب جي تحريڪ انصاف گلگت_بلتستان اسيمبلي جي 23 سيٽن تي ٿيل سڌي ريت چونڊن ۾ 8 سيٽون کڻي “کٽي” وئي آهي. ان جي ڪاميابي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته پي ڊي ايم جو “غدار نظريو” ناڪام ٿي ويو آهي. “غدارن” جي شڪست تي جشن ملهائڻ جي موسم آهي. ٻن ڏينهن تائين موبائل فونن جي بندش سرمستي جي جشن ۾ ڪا حيثيت نٿي رکي.

بابت Nusrat Javed

سینئر صحافی، اینکر پرسن، تاریخ دان، محقق

ھيءُ پڻ چيڪ ڪريو

بي وس پي ڊي ايم ۽ با اختيار پيپلزپارٽي | شوڪت علي جلباڻي

تحرير: شوڪت علي جلباڻي نيب چيئرمين ، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي سڌو سنئون …

جواب ڏيو

توھان جي ايميل ايڊريس شايع نہ ڪئي ويندي. اھم خانن کي * جو نشان لڳايو ويو آھي