اڱارو , 4 آگسٽ 2020
ensdur

عيد جون خوشيون ۽ مسنگ پرسن | حماد وساڻ

تحرير: حماد وساڻ

جئين ئي عيد ويجهو اچي رهي آهي.تئين ئي عيد جي شاپنگ ۽خريداري ۾ زبردست اضافو ٿيو آهي.هر ماڻهو پنهنجي وس آهر عيد جي خريداري پيو ڪري.ٻارن جون خوشيو ڏسڻ وتان آهن .ٻارن کي عيد جي ڏينهن جو سڀ کان وڌيڪ انتظار آهي .سندن هر پلُ عيد واري ڏينهن کي ياد ڪندي گذري پيو. عيد جي ڏينهن ٻار پنهنجي والدين کان عيد جي خرچي وٺي خوب لطف اندوز ٿيندا.
ته ٻئي پاسي عيد جي ڏينهن مسنگ پرسنز جون فيمليز آهن.جيڪي عيد ڏينهن به پنهنجي پيارن جي آزادي لاء پريس ڪلبن تي احتجاج ڪندي نظر اينديون…زوري جبري گم ڪيل ماڻهن کي پنهنجا ڀائر ڀينر آهن .انهن جو عيد ڏينهن سندن ڀائرن کان سواء ڪئين گذريندو .اُنهن ٻارن کي عيد جي ڏينهن ڪير پيار ۽ عيد جون خرچون ڏيندو!
پاڪستان جي تاريخ جبري گمشدگين سان ڀري پئي آهي.ڪين نه هتان جا ليکڪن قومي ڪارڪن شاگرد، صحافين ،سياسي سماجي ڪارڪنن کي جبري طور لاپتا ڪيو ويندو آهي.جنهن جي خبر ڪنهن کي به ناهي پئجي سگهندي ته کين آسمان کڻي ويو يا زمين ڳڙڪائي وئي…..
عيد جو ڏينهن به خوشي جو ڏينهن هوندو آهي .هر ماڻهو جي منهن تي مرڪ هوندي آهي.سڀ ڪو پنهنجي پيارن سان عيد جون خوشيون ملهائيندو آهي.پنهنجي دوستن عزيزن ۽ مائٽن سان ملاقاتون ۽ ڪچھريون ڪندو آهي پر مسنگ پرسنز جون فيمليون ان خوشي واري ڏينهن عيد تي پنهنجي پيارن جي بازيابي لاء پريس ڪلبن تي احتجاج ڪندو آهن .عيد جي ڏينهن انهن جي اکين مان وهندڙ لڙڪن جي درد ۽ تڪليف جو ڪو به اندازو لڳائي نه ٿو سگهي ،ته هو ڪهڙي ڪرب مان ٿيون گذرن. انهن جو وقت ڪئين پيو گذري جن جي اکين کان سندن ڀائر دور آهن .سندن پيارا دور آهن.
هن ملڪ جون عدالتون جن کي صرف ان ڪري قائم ڪيو ويو آهي.ته جئين ڏوهي ۽ بي ڏوهي جي سڃاڻپ ڪري سگهجي.ڏوهي کي سندس ڪيل ڏوھ جي سزا ملي سگهي.بي ڏوهي کي جي سندس مٿان ڪو ڏوھ ثابت نه ٿو ٿئي ته کيس آزاد ڇڏي ڏجي.ملڪ جي هر شهري کي هڪجهڙو عدل ۽ انصاف فراھم ڪيو وڃي.پر افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته هت نظام ابتو آهي…..هت ڏوهي آزاد ۽ بي ڏوهي سزا پيا ڀوڳن.
مسنگ پرسنز جا ڪيس به عدالت ۾ پيل آهن جتان اڄان تائين انصاف ناهي ملي سگهيو.نه اها خبر پئجي سگهي آهي کين ڪهڙي طاقتور ڌڙ زوري کنيو آهي اهي ڪٿي آهن .سندن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي.
مسنگ پرسنز جون فيمليز پريس ڪلبن تي احتجاج ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهن .ڪورٽن جا در کڙڪائي کڙڪائي بيوس بڻجي ويو آهن.ڪو به سندن ڌانهن ٻڌڻ وارو ناهي ،ڪو به سندن سان انصاف ڪرڻ وارو ناهي.
مسنگ پرسنز جي فيمليز جون اهو موقف ۽ مطالبو آهي سندن پيارن کي آزاد ڪيو وڃي. اگر اهي ڪنهن ڪرمنل سرگرمي ۾ ملوث آهن ته کين عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ قانون موجب سزا ڏئي وڃي.باقي ائين زوري گم ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي .ڇو جو هي طريقو غير آئيني ۽ غير اخلاقي آهي.

بابت Editor

ھيءُ پڻ چيڪ ڪريو

”نوجوان ۽ ڊپريشن“ | دانش مھدي ابڙو 

تحرير: دانش مھدي ابڙو نااميدي ھڪ اھڙي ذھني ڪيفيت آھي جيڪا ھڪ انسان کان ھن …

جواب ڏيو

توھان جي ايميل ايڊريس شايع نہ ڪئي ويندي. اھم خانن کي * جو نشان لڳايو ويو آھي