اڱارو , 4 آگسٽ 2020
ensdur

سافٽويئر اپڊيٽ ٿي ويو؟ | مطيع اللہ جان

تحرير: مطيع اللہ جان
پاڪستان ۾ اغوا، گم يا عدالت کان مٿانهن قتلن متعلق نوجوان نسل جي هڪ مخصوص طبقي جي بي حسي شرمناڪ حدن کي ڇهي رهي آهي. مقتدر حلقن ۽ انهن سان ملي ڀڳت ڪري حڪومت ٺاهيندڙ سياسي گهراڻي جا پڙهيل لکيل چشم و چراغ ڏوراهن علائقن ۾ ٿيندڙ اغوا يا گم ٿيندڙ ماڻهن متعلق مڪمل بزدلانه خاموشي اختيار ٿا ڪن يا وري اهڙن واقعن کي ملڪي سلامتي سان ڳنڍين ٿا.

ائين ڪندي هو پنهنجي تعليم ۽ پنهنجي تعليمي ادارن جي ڪرندڙ معيار جو ڏس ڏين ٿا. ان بي حسي جو سبب اهو نصاب ۽ غير نصابي سرگرميون آهن جن تي اسانجي فوجي آمرانه تاريخ جو ٺپو لڳل آھي ۽ سياسي قيادتن جي حد درجه بزدلي ۽ مصلحت پسندي آھي.
نوجوان نسل کي فوجي حڪومتن جي دور ۾ جهڙي طرح سياست، سياسي عمل ۽ جمهوريت کان بيزار ڪيو ويو ۽ رياست کي سياست جي سامهون آندو ويو پوري قوم ان جو نقصان ڀري رهي آهي. انهن غير سياسي سياستدانن جي نئين کيپ ۽ سازشي عناصرن گڏجي اڄ ملڪ کي يرغمال بڻايو آ.
رياست، صحافت ۽ عدالت خودساخته رياستي محافظن جي ڄار ۾ ڦاسي چڪا آهن.

جمهوريت ۽ سياسي عمل خلاف اسلامي تعليمي مرڪزن ۽ مدرسن کي به خوب استعمال ڪيو پيو وڃي. ڪجھ مذهبي رهنمائن کي جيستائين ان جي سمجھ آئي تيستائين دير ٿي چڪي هئي جو انهن جي پنهنجي ڪارڪنن جو سافٽ ويئر اپڊيٽ ناقابل اصلاح حد تائين مڪمل ٿي چڪو هئو. ان صورتحال ۾ هاڻي بظاهر پوري قوم سافٽ ويئر اپڊيٽ ڏانهن وڃي رهي آهي.
نوجوان نسل جي سياسي ۽ نظرياتي بي شعوري جنونيت جي حدن کي ڇهي رهي آھي جيڪا اساننکي قومي سطح تي ٿيندڙ سافٽ ويئر اپڊيٽ جو ڏس ڏئي ٿي. بيانيي جي سافٽويئر اپڊيٽ کانپوء نظام جي هارڊويئر اپڊيٽ ٿيڻ جو امڪان آھي.

ان جي هڪ مثال اسان جي سياسي نظريات ۽ سوچ کان عاري نوجوان نسل آھي جن وٽ آئين ۽ قانون کان وڌيڪ اهم ملڪ يا رياست آھي، پو ڀلي آئين جو روح پرواز ڇونه ٿي وڃي.

سرڪاري نصاب پڙهندڙ نوجوانن جو هڪ وڏو گروھ آھي جيڪو ڪنهن جي غوا کي سافٽ ويئر اپڊيٽ جو نالو ڏئي ٿو. اهي نوجوان بنيادي انسناي حقن کي ملڪي سلامتي سان ڳنڍڻ ۾ دير ئي ڪونه ٿا ڪن.

ھاڻين تہ اسان کي انھن رياستي اصلاحات جي حوالي ڏيڻ بنا سمجھائڻ مشڪل ٿيندو پيو وڃين، رياستي ڏاڍ ۽ جبر کي سٺن لفظن ۾ پيش ڪرڻ خاطر اسٽيبلشمينٽ جو لفظ استعمال ڪرڻو ٿو پوي، جنھن جو آئين ۾ ڪٿي بہ ذڪر ٿيل ناهي. پر آئين ۽ قانون جي لاوارث غدارن کي ھي نالو ڏئي معاشري ۾ انھن جي پھچاڻ ڏني وئي آهي.
سافٽويئر اپڊيٽ جي اصلاح ڪرڻ وارا انسان ۽ انسانيت جي تذليل ڪندا آهن، ۽ ھي پيغام ڏيندا آھن تہ ھتي سڀ ھلندو آھي.
ڪجھ عرصي کان ملڪ ۾ لاپته ۽ وري بازياب ٿيندڙن لاءِ سافٽويئر اپڊيٽ جي اصطلاح استعمال ڪندي اھيو تاثر ڏنو ويندو آھي تہ ان شخص پنھنجي سوچ ۽ نظريي تبديل ڪري ڇڏيو آھي.
منھنجي اغوا ۽ بازيابي کانپوءِ بہ اھيا ئي اصطلاح استعمال ڪئي وئي، پر جڏھن ٺيڪيدار سياسي انجنيئرنگ ڪرڻ کانپوءِ پاڻ کي سافٽويئر انجنيئر سمجھڻ شروع ڪندا تہ ملڪ جون حالتون اھڙيون ھونديون، جيڪو ٽيھتر سالن کان ملڪ سان ٿيندو پيو اچي.
ٽي ڀيرا آئين پامال ڪيو ويو، عدالتن بوٽ چٽيا، ملڪ ٽٽي ويو، عسڪري ۽ عدالتي (ڪوڏو) ننڍي قد وارن ھڪ وزيراعظم جو قتل ڪيو، ملڪ ۾ دھشتگردي، ھيروئن ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر آندو، ملڪ ۽ آئين جي غدارن سازشون ڪيون، سابق وزيراعظم جي ڀاءُ کي ان جي حڪومت ۾ قتل ڪيو ويو، فوجي بغاوت ۾ ملڪ جي وزيراعظم کي جلاوطن ڪيو ويو ۽ عدالت جي ذريعي نااھل ڪيو ويو.
خودساخته سافٽويئر انجنيئر حضرات آر ٽي ايس جي سافٽويئر کي سُست ڪري اليڪشن چوري ڪيا، ھاڻين اھي پاڻ کي ھارڊويئر انجنيئر جي ماھر ھجڻ جي دعويدار آھن، ۽ ملڪ ۾ صدارتي نظام آڻڻ چاهين ٿا.
ان تاريخي انجنيئرنگ کان پوءِ ڪجھ ماڻھون ڊڄي ويا آهن، ان جو اھيو مطلب ناھي تہ ھو پنھنجي نظريي جو سودو ڪري چڪا آهن، اھيا ھنن جي خام خيالي ھوندي، اوڀر پاڪستان جي ماڻهن جو سافٽويئر بہ اپڊيٽ نہ ٿي سگھيو ھو، انھن جي ڊگھي خاموشي جو غلط مطلب ورتو ويو ھيو.
منھنجي اغوا ۽ مون تي ٿيندڙ تشدد کان پوءِ ھي سمجھن ٿا تہ مان ۽ منھنجا ساٿي خاموش ٿي ويندا اھا سندن جي غلطي ھوندي.
منھنجي آزادي کانپوءِ جڏھن مون کان اھيو سوال ڪيو ويو تہ مان چيو ته مون کي ڪاڪول ياد اچي ويو ۽ مان ھڪ ڏينھن لاءِ ڄڻ ڪيڊٽ بڻجي ويو ھيس، ان کان وڌيڪَ ڪجھ به نه، ھر عام فوجي وانگر مان به پنھنجي ملڪ لاءِ اھڙيون تڪليفون برداشت ڪرڻ جو عادي آھيان.
ھونئن به پوين ٻن سالن کان بيروزگار ڪري ڇڏڻ کانپوءِ منھنجي عزم ۽ حوصلي کي تقويت ملي آھي، مون کي ان وقت جو انتظار آھي ته ملڪ جي سافٽويئر انجنيئرن کي ملڪ تي رحم اچي، ۽ ھر وقت سرڪشي لاءِ تيار رھندڙ پنھنجي وائرس کي ھائيبرڊ سافٽويئر ۾ تبديل ڪري آئين ۽ قانون جي لائسنس يافتہ سافٽويئر کي انسٽال ڪن.
اللہ انھن کي ھدايت ڏي، ڇو جو انھن نادان محافظن سان، اسان بطور قوم محبت بہ ڪندا آھيون.

ڊي ڊبليو اردو جي ٿورن سان

اردو آرٽيڪل لاءِ ڪلڪ ڪريو

بابت Editor

ھيءُ پڻ چيڪ ڪريو

”نوجوان ۽ ڊپريشن“ | دانش مھدي ابڙو 

تحرير: دانش مھدي ابڙو نااميدي ھڪ اھڙي ذھني ڪيفيت آھي جيڪا ھڪ انسان کان ھن …

جواب ڏيو

توھان جي ايميل ايڊريس شايع نہ ڪئي ويندي. اھم خانن کي * جو نشان لڳايو ويو آھي