اڱارو , 4 آگسٽ 2020
ensdur

حڪومت خلاف قيادت کان فرار ٿيندڙ اپوزيشن | وفاگولو

تحرير: وفا گولو
عالمي وبا ڪورونا جي ڪري مثاثر ٿيل ملڪي سياست ۾ ڪجھ مهينن جي ماٺار بعد ملڪ ۾ وري سياسي سرگرميون نمودار ٿيون آهن جنهن جو پهريون ٽريلر لاهور ۾ گڏيل مخالف ڌر جي پارٽين جي گڏيل اجلاس سان ظاهر ٿيو آهي جنهن ۾ سڀني مخالف پارٽين ظاهري طور حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ اجلاس سڏايو آهي. پر مخالف ڌر جي ڳالهين مان هي اجلاس فرينڊلي اپوزيشن وارو لڳي رهيو هو. اپوزيشن جماعتن پاران موجوده حڪومت کي ملڪ ۽ عوام لاءِ خطرو قرار ڏنو ويو آهي.
گڏيل مخالف ڌر اهو پڻ اعلان ڪيو آهي ته هاڻي وقت اچي ويو آهي اسان کي گڏجي حڪومٿ جي خاتمي تي اتفاق ڪرڻو پوندو اپزيشن هن عيد بعد عوام کي خوشخبري ٻڌائڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي. اهڙيون ڳالهيون بلاول ڀٽو زرداري ڪيون سميت سڀني مخالف ڌر وارن ڪيون آهن هنن اهو چيو آهي ته سليڪٽڊ جي نيڪالي لاءِ عوام ۽ اپوزيشن پارٽيون هڪ پيج تي آهن پارليامينٽ اندر تبديلي ۽ مڊٽرم اليڪشن جو آپشن موجود آهي.
بلاول ڀٽو اپوزيشن جماعتن جي گڏجاڻي ۾ اهو پڻ چيو آهي ته اسين روڊن تي نڪتاسين ته ڌرڻي جي ضرورت ئي نه پوندي اسان دڳ ۾ هونداسين ته حڪومت هلي ويندي هن حڪومت جي ڪيرائڻ لاءِ شهبازشريف ان انقلاب جي قيادت لاءِ تيار  رهڻ جو چيو ته ڄڻ شهباز شريف جي جسم ۾ هڪ لرزش اڀري آئي هن اتي ئي جلد ۾ چئي ڏنو ته اها ذميواري بلاول جي جوان ڪلهن تي وجهان ٿو بلاول ڀٽو اسان جي انقلاب جي قيادت ڪندو اتي سوال اهو پيو اڀري ته ڇا مخالف ڌر جو ٻه مضبوط پارٽيون به حڪومت خلاف کليل طور سامهون نه پيو اچن ته پوءِ ٻيون پارٽيون يا انهن جا اڳواڻ ڪيئن کليل طور سامهون ايندا جڏهن کان هي حڪومت اقتدار ۾ آئي آهي ته مخالف ڌر هر گهڙي ورهايل نظر آئي آهي جڏهن گڏيل مخالف ڌر جي اڳواڻي جو وقت اچي ٿو ته هي وڏيون پارٽيون مسلم ليگ نون ۽ پ پ پ آخر ڇو ورهائجي وڃن ٿيون جنهن بعد اپوزيش ڪمزور بڻجي وئي ٿي رهي.
حڪومت خلاف ڪو به کليل طور سامهون اچڻ لاءِ تيار ناهي پهريان اپوزيشن مائينس ون فارمولا ڏنو پر ان تي به ڪو عمل ڏسڻ ۾ ڪو نه آيو مخالف ڌر حڪومت قيادت جو سهرو ڪنهن کي ٻڌندي اهو ايندڙ وقت ۾ ڏسڻ ۾ ايندو اصل ڳالھ اها آهي ته ٻلي کي گهنٽي ڪير ٻڌي جنهن لاءِ ڪو به مڪمل طور تيار ناهي عمران خان نيازي حڪومت جو وڌيڪ رهڻ ملڪ ۽ عوام لاءِ خطرناڪ آهي. لاهور ۾ موجود پ پ چيرمين بلاول ڀٽو زرداري نواز ليگ صدر شهبازشريف ۽ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومت خلاف سرگرم ٿي ويا آهن.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي يو آ ءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪري عيد بعد رٿيل اي پي سي تي مشاورت ڪئي آهي جڏهن ته مولانا فضل الرحمان سان ملڻ بعد بلاول ڀٽو ميان شهبازشريف سان به ملاقات ڪئي آهي جنهن دوران ملڪ ۾ مهانگائي، نيب قانون، حڪومت خلاف رٿيل اي پي سي ۽ ٻين معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو آهي ملاقات بعد ٽنهي اڳواڻن حڪومت جو خاتمو اڻٽر قرار ڏيندي عيد کانپوءِ رهبر ڪاميٽي ۾ ايجنڊا جوڙي بعد ۾ اي پي سي ۾ گڏيل مشاورت سان حڪمت عملي جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.گڏيل مخالف ڌر جي ان اجلاس جي موقعي نواز ليگ صدر شهبازشريف پڻ اهو چيو اهي ته ملڪي مسئلا حل ڪرڻ سليڪٽڊ حڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي پي ٽي آءِ حڪومت ٻن سالن ۾ ملڪ ۽ معيشت کي بي پناهه نقصان پهچايو ويو آهي، جنهن جو 70 سالن ۾ ڪو مثال ن ٿو ملي، مهانگائي عروج تي پهتل آهي، کنڊ اسڪينڊل سامهون آيو ته کنڊ 65 رپيا ڪلو هئي، جاچ ٿي ته هاڻي کنڊ 100 رپيا ڪلو ٿي وئي آهي، ڪمند جي ڪٽائي ختم ٿيندي ئي ملڪ ۾ کنڊ جو بحران پيدا ٿي ويو، اهو زندگي ۾ ڪڏهن ناهي ڏٺو. جڏهن ته ڪڻڪ ۽ اٽي جو بحران هڪ الڳ مسئلو آهي، هن اهو به چيو هو ته زراعت جو وزير چوي ٿو ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڪڻڪ ڪيڏانهن وئي، حڪومت وٽ مهانگائي جو ڪوبه جواب ناهي. لکين ماڻهو بيروزگار ٿي چڪا آهن، ڪاروبار تباهه ٿي چڪو آهي، حڪومت ايترا يوٽرن ورتا آهن جو هاڻي واپاري اعتماد ڪرڻ لاءِ تيار ناهن اپوزيشن ۾ اتفاق آهي ته عمران نيازي جي حڪومت جو وڌيڪ رهڻ ملڪ ۽ عوام لاءِ خطري کان گهٽ ناهي پ پ پ جي چيئرمين اهو پڻ چيو ته اپوزيشن جو آواز دٻائڻ لاءِ نيب، نيازي ڳٺ جوڙ سڄي دنيا ڏٺو احتساب جي نالي تي بدترين انتقام ورتو پيو وڃي، بي آر ٽي پشاور جو حشر ٿيو، 30 ارب مان 100 ارب کان به وڌي ويو پر اڄ به بي آر ٽي منصوبو کنڊرات بڻيل آهي، بالم جبا، کنڊ ۽ پيٽرول ٻيا اسڪينڊل موجوده حڪومت جا آهن، جن جي جاچ نه ٿي ٿئي. هن چيو ته نيب قانون سڀني لاءِ هجڻ گهرجي، حڪومت کان رليف جي خيرات ناهي گهري، عدالتي فيصلي مطابق ئي نيب قانون ۾ ترميم جون تجويزون ڏنيون آهن.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو اهو به چيو ته عوام ۽ اپوزيشن پارٽيون هڪ پيج تي آهن ته سليڪٽڊ کي ڪڍڻو پوندو، عيد کانپوءِ اي پي سي ۾ عوام کي خوشخبري ڏينداسين. هن چيو ته عمران حڪومت هر پاڪستاني لاءِ خطرو بڻجي وئي آهي، اسان عوام کي رليف ڏيارڻ چاهيون ٿا، تاريخ ۾ پهرين حڪومت آهي جنهن ۾ اٽي، کنڊ ۽ پيٽرول ۾ چوري ٿي، عيد کانپوءِ رهبر ڪاميٽي جو اجلاس ٿيندو ۽ اي پي سي ۾ حڪمت عملي تيار ڪنداسين، اسان چاهيون ٿا ته رهبر ڪاميٽي ۾ معاملا بحث هيٺ آڻجن جيئن اي پي سي ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ جڏهن کان پي ٽي آءِ حڪومت آئي آهي ان وقت کان رهبر ڪاميٽي قائم آهي. بلاول ڀٽو چيو ته قومي اسيمبلي ۾ چيو هو ته جيترا اين آر او پي ٽي آءِ حڪومت ڏنا ايترا ڪنهن ناهن ڏنا، پرڏيهي فنڊنگ، کنڊ، ڪڻڪ، پيٽرول، بجلي ٻين معاملن ۾ اين آر او ڏنا ويا، هاڻي ڪلڀوشن کي اين آر او ڏنو پيو وڃي، پي ٽي آءِ حڪومت جي ڪنهن به ڪرپشن اسڪينڊلز جي جاچ نه ٿي رهي آهي. اهو طئي آهي ته سليڪٽڊ کي وڃڻو پوندو، ان هائوس تبديلي ۽ مڊٽرم اليڪشن سميت مختلف آپشن موجود آهن. بلاول ڀٽو چيو ته رهبر ڪاميٽي يا اي پي سي ۾ جيڪو فيصلو ٿيندو، اسان ان مطابق هلنداسين لاهور ۾ ٿيل گڏيل اپوزيش جي اجلاس بعد اڳواڻن پريس ڪانفرنس مان لڳي رهيو هو ته هنن حڪومت خلاف ڪا منظم طور تياري ناهي ڪئي رڳو هو ڳالهين جي حد تائين اجلاس ڪري حڪومت کي ڏيکارين ٿا ته هو حڪومت کي ڪيرائڻ جي تياري ڪري رهيا آهن پر ڪو به مخالف ڌر اڳواڻ اڳتي اچي قيادت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جنهن مان اهو پيو ثابت ٿئي ته مخالف ڌر ڪمزور بڻيل آهي حڪومت خلاف ڳالهيون وقت پاس ڪرڻ ۾ پورا هوندا ڇو ته هو نيب مان ٿورو گهڻو رليف وٺي چڪا آهن هاڻي وري نيب قانون ۾ تبديلي جا خواهان آهن بحر حال گڏيل مخالف ڌر جي سرگرمين مان اهو پيو ظاهر ٿئي ته حڪومت کي ڪجھ ڪو نه ٿيندو هو مدو پورو ڪندي ۽ مخالف ڌر پنهنجي پنهنجي پارٽين لاءِ رليف وٺي خاموشي اختيار ڪنديون.ڇو ته اڳ به حڪومت مخالفين  رهبر ڪاميٽي جي صورت ۾ حڪومت خلاف ڪيترائي اجلاس پڻ ڪيا آهن پر انهن جو ڪو به خاطرخواه نتيجو ناهي نڪتو اوهان ڏسو ڪجھ ڏينهن اڳ جڏهن عمراني سرڪار بجيٽ پيش ڪئي هئي ته اهي ئي اپوزيشن وارا اها واويلا ڪندي ڪين پئي ٿڪيا ته هو اها بجيٽ رد ڪن ٿا ان بجيٽ کي قومي توڙي سينيٽ اسيمڀلي مان پاس نه ڪرڻ ڏيندا هر ڪنهن ڏٺو ته بجيٽ پيش ٿيڻ بعد ان ٻنهي ادارن مان پاس به ٿي وئي هن وقت ڏسجي ته اپوزيش جي سموري جماعتن کي رڳو پنهنجي بچاءُ جي لڳل آهي ته ڪيئن پنهنجن ليڊرن يا حمايتن کي ڪرپشن واري رقم ڦٻائڻ تي ڪم ڪري رهي آهي اپوزيشن جماعتون نيب جي ڪاروائين کان بچڻ لاءِ حڪومت مٿان دٻاءُ وجهي رهيون آهن ته جيئن هنن خلاف ڪجھ نرمي پيدا ٿي سگهي.
باقي عوام جو فڪر ڪنهن کي به ناهي عوام ساڳي مهنگائي سبب پيڙهجي رهيو آهي ان طرف ڪنهن جو به ڌيان ناهي انڪري اپوزيش کي گهرجي ته پنهنجي بچاءُ جي بجاءِ عوام جي مفادن کي ترجيح ڏي ته جيئن هنن جي حڪومت خلاف ٿيندڙ اتحاد ۾ مضبوطي اچي ۽ حڪومت هنن جا مطالبا جلد مڃي ته جيئن ملڪ جو غريب عوام ٿورو سک جو ساھ کڻي سگهي.

بابت Editor

ھيءُ پڻ چيڪ ڪريو

”نوجوان ۽ ڊپريشن“ | دانش مھدي ابڙو 

تحرير: دانش مھدي ابڙو نااميدي ھڪ اھڙي ذھني ڪيفيت آھي جيڪا ھڪ انسان کان ھن …

جواب ڏيو

توھان جي ايميل ايڊريس شايع نہ ڪئي ويندي. اھم خانن کي * جو نشان لڳايو ويو آھي