اربع , 25 نومبر 2020
ensdur

جڳ جو جگديش | دليپ چوهاڻ

تحرير: دليپ چوهاڻ

شخص ته سڀ شخص ئي هوندا آهن پر ڪي شخص شخصيت نماء ادارا بڻبا آهن، مٺي ڄائو پشڪرڻا برهمڻ گهراڻي مان امر جگديش ملاڻي ئي اهو ادارو بڻجي اڀريو جنهن جي وسيع يونيورسٽي هزارين جاکوڙي ڪردار جا شاگرد بڻايا. 86 واري ضياء آمريت جي دور ۾ جهموريت جي ڳالهه ڪرڻ به ڪنهن غذاب کان گهٽ ڪونه هئي، انهي آمراڻي دور ۾ مخصوص وڏيرا ضياء شاهي آشيرواد سان خطي جي مڙني ماڻهن تي ڏاڍ جابر سان ٿافيل هئا، ان وقت وڏيرڪي ڀوتارڪي سوچ کي للڪار بڻجڻ لاء مٺي جو جگديش رڪ جي ديوار بڻجي ميدان ۾ ڪاهي پيو، ڏسندي ڏسندي ان قافلي ۾ وينجهڻياڻي جي بلالاڻي فقير گهراڻي جو شهزادو موجود MPA فقير شير محمد بلالاڻي امر جگديش جي سٿ جو ساٿي بڻو،،انهن ٻنهي جوڌن جي ڏاهپ ۽ ارڏي جاکوڙ ٿر جي واهڻ وستي ۾ هڪ اميد ٿي اڀري آئي، جڏهن ضياء آمريت جو تختو اٿليو، ان کان پوء 88 ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي سرڪار محترم بينظير ڀٽو جي اڳواڻي ۾ پورو ملڪ سوئيپ ڪيو ۽ صوبي سنڌ جي اقليتي سيٽ تان امر جگديش ملاڻي ڪامياب ٿي سنڌ جي با مقدص ايوان ۾ پهچي ٿري ماروئڙن جي نمائندي ڪئي، بدقسمتي سان اها بينظير سرڪار فقط اڍائي سال ئي هلي سگهي انهي مخصتر عرصي ۾ جگديش ملاڻي ٿري ماروئڙن جي دل ۾ پنهنجي هڪ الڳ سڄاڻپ ٺاهي، جڏهن هندو مسلم ووٽ الڳ هئا ان وقت جگديش مٺي جي مسلم ڀائرن ۾ نوڪرين جا آرڊر پئي ورهايا ان وقت جگديش جي هڪ واپاري صلاحڪار چيو ته پنهنجا ووٽ ئي الڳ آهن پوء مسلمانن کي آرڊر ڇو ٿا ڏيون. انهي مهل جگديش انهي واپاري صلاحڪار کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته مون کي سرڪار رڳو آرڊر ڏئي ٿي انهي تي اهو لکيل ناهي ته هي آرڊر رڳو هندوئن کي ڏيڻا آهن، هي مسلم منهنجي پاڙي جا آهن هنن سان ذاتي واسطا پنهجائپ آهي، اڄ آئون پنهنجي پاڙي ۽ پنهنجي شهر نواسين لاء ڪجهه ئي ڪري نه سگهيس ته منهنجي MPA شپ جو مقصد ڪهڙو، جگ جو جگديش واقعي ئي پنهنجي منفرد اسٽائل سان علائقي نواسين لاء مسيحا هيو، جگديش جا ٽهڪ ۽ تقريرون اڄ به مٺي توڙي ٿر نواسين لاء پڙاڏو بنجي مٺي گڊي واري ڀٽ کان ٽڪرائيندي محسوس ٿينديون آهن. هو ڇا ته انسان هو جنهن وٽ ماڻهپو ۽ انسانيت ئي سڀ کان اتم ذات هئي. اول مٿ ڀيڊ جي بدبودار رسم جي پاڙ پنهجي ئي گهر کان پٽي آجي ڪئي. اڄ به ملاڻي گهراڻي ۾ اهي ساڳيا برتن استعمال ٿين ٿا جنهن ۾ عام ماڻهون توڙي سندس گهر ڀاتي استعمال ڪندا وتن ٿا، امر جگديش پنهنجي سموري ڄمار جا پل ٿر جي محروم ماڻهن جي خوشحالي تي گهوري ڇڏيا. هن جا نيڻ ڪڏهن به ستا ڪونه، جگديش ٿر جي خوشحالي جي آس لڳائي ميلا مچائيندو رهيو. ڪراچي جي ايوانن کان ويندي اسلام آباد تائين ۽ هر نگري ۾ ٿرين جي خوشحالي جون ڳالهيون ڪندو رهيو ۽ پنهنجو جيون هنن مٿان گهوري ويو پر سندس يادون اڄ به ٿر جي گهر گهٽي ۽ وستي ۾ ماڻهن جي اندر جهاتي پائن ٿيون.
جگديش خطي جي محبتن جو ٿر جي لوئي ۽ لڄ جي وڏي واڪي ڳالهه ڪندڙ هڪ ڏاهو هيو هو ڀٽي ازم جو حقي پرستار هو ڀٽي خاندان سان ان جي بي پناهه محبت ارپيندي هئي. وڏي ڳالهه ته سندس شهادت تي نصرت ڀٽو مٺي اچي بي انتها نيڻ آلي روڻهڪاري ماحول ۾ سندس هڪ پرجوش تقريب کي خطاب ڪيو هو. ان وقت کان وٺي اهو چوڪ سندس سر شاهنواز ڀٽو چوڪ سان سڄاتو وڃي ٿو جگديش محلن کي ڇڏي جهوپڙين جي ڳالهه ڪئي ۽ اهي جهوپڙا لانڍيون هن جي سياست جو محور هيون. هو انهن چوئرن ۾ ويهي ٿرين کي سجاڳي جا گيت ٻڌائيندو هو، جگديش جي اندر ۾ ٿر جي ماڻهن لاءِ انتها جو درد سمايل هيو، هو غريب ٿرين جي نالي ٿيل هو. پ پ سان عشق هئڻ سبب جگديش ملاڻي کي ڪيئي سختيون ڀوڳڻيون پيون. جيلن ۾ وڃڻو پيو پر پاڻ پنهنجي ازم تان ڪڏهن به پٺتي نه هٽيو. هر سختي برداشت ڪئي پر پنهنجي پارٽي سان ڪيل عشق جو ڀرم رکيو، هن ٿر جي اندر نفرتن جو خاتمو آندو، ٿري ماڻهن کي سندن ووٽ جي اهميت محسوس ڪرائي ۽ ماڻهن ۾ سجاڳي آندي، هن ٿري ماڻهن ۾ شعور پکيڙڻ ۽ پنهنجا حق ڪيئن وٺجن جو سبق ڏنو. هو ٿر جي سڃاڻپ هيو. اڄ انهي مهان ڪردار جي ورسي آهي جنهن کي خطي جا رهواسي اڄ به ساري نيڻ آلا ڪندا وتن ٿا،
او جگديش موٽي آ موٽي آ خطو ٿر پيو توکي ياد ڪري..

بابت Editor

ھيءُ پڻ چيڪ ڪريو

پنجاب ڪابينا شهبازشريف ۽ حمزه کي 5 ڏينهن لاءِ پرول تي آزاد ڪرڻ جي اجازت

پنجاب ڪابينا شهبازشريف ۽ حمزه شهباز کي 5 ڏينهن لاءِ پرول تي آزاد ڪرڻ جي …

جواب ڏيو

توھان جي ايميل ايڊريس شايع نہ ڪئي ويندي. اھم خانن کي * جو نشان لڳايو ويو آھي