آچر , 28 فيبروري 2021
ensdur

تمام عمر ڪير خوبصورت ڪير جوان رھندو آ | نصرت جاويد

تحرير: نصرت جاويد

ڪيترن ئي سالن کان آمريڪا ۾ ڪنڊائتو ٿيل احمد مشتاق صاحب کوڙ سارا اهڙا بند لکيا آهن جيڪي سادا ۽ برجستا هوندي به غالب جي “پرڪاري” جو حيران ڪندڙ اظهار آهن. اردو ادب جي نهايت محنتي محقق ۽ نقاد شمس الرحمان فاروقي مرحوم ناول لکڻ چاهيو ته ان جو عنوان سندس ئي هڪ بند : “ڪئي چاند ٿَي سرِ آسمان” مان ورتو. اهو ناول پنهنجي جاءِِ تي دل موهي وجھندڙ آهي. پر منهنجي مهربان آغا ناصر محوم جي وڏي خواهش رهي آهي ته آئون غالب جي زندگي کي ذهن ۾ رکندي 1857ع جي دهلي کي بيان ڪندڙ ڪو ڊرامو لکان. هو ان کي پروڊيوس ڪندو. هن مون کي فاروقي صاحب جو ناول خاص طور تي ان مقصد سان پڙهڻ لاءِ مجبور ڪيو ته تڏهن دهلي ۾ مروج اردو ٻولي جي لهجي ۽ روزانو جي زندگي تي گرفت حاصل ڪري سگھان.

پيدائشي سست آئون جيتوڻيڪ ڊرامو نه لکي سگھيس. هڪ ٽاڪ شو جي “اينڪري” سان پاڻ کي “اسٽار” سمجھندو رهيس. ربّ جو صد شڪرانو جو آگسٽ 2018ع ۾ عمران خان صاحب وزيراعظم جي عهدي تي اچي ويو. منهنجي هڪ پراڻي دوست _فواد چوڌري صاحب_ کي هن اسان جي صحافتي ادارن کي انهن جي بزنس جو “جديد ماڊل” سمجھائڻ تي مقرر ڪيو. ان جي ڪاوشن سان تحقيق ٿي ته خبر پئي ته آئون جنهن صحافتي اداري جي اسڪرين تي ظاهر ٿيندو آهيان اهو “معاشي بحران” ۾ هليو ويندو آهي. هاڻي ڪنڊ ۾ ويهي ڌونرو کائي رهيو آهيان. ڪنڊائتو رهڻ وارن ڏينهن ۾ احمد مشتاق جو “عمر ڀر ڪون حسين ڪون جوان رهتا هَي” اڪثر ذهن ۾ گونجندورهيو. گذريل ٻن ڏينهن دوران اهو ضرورت کان گھڻو ياد آيو.

اسلام آباد ۾ ترسيل رپورٽرن کان “اندر جي ڳالهه” معلوم ڪرڻ جي ڪوشش هوندي آهي. ڪيترن ئي سالن جي تجربي جيتوڻيڪ سيکاريو اهو آهي ته “اندر جي ڳالهه” حقيقت ۾ ڪنهن “سازشي ڪهاڻي” جي تصدق لاءِ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. ڪنهن جاءِ تي ڪا “سازش” ٿي رهي هجي يا نه اقتدار جي راند تي نگاهه رکندڙ ان کي “سونگھڻ” جي ڪوشش ڪري وجھندا آهن. رپورٽرن مان اميد رکي ويندي آهي ته اهي پنهنجي “ڄاڻ” جي بنياد تي “شازش” ڳوليندي “مثال ڏئي واضح” ڪن. صرف چسڪي لاءِ سازشي ڪهاڻين کي “پڪو مواد” فراهم ڪرڻ جي عادت مون کي وڏي وقت تائين پيل رهي. اقتدار جي راند سان سلهاڙيل ڪا مزيدار ڪهاڻي هلي رهي هجي ته آئون ان جي نمايان ڪردارن جا “شجرا” ۽ “تعلق واسطا” بيان ڪندي رونق لڳائي ڇڏيندو هئس. قديم زماني جا “درٻاري مسخرا” به اهڙيون ئي “ڪڙيون” ڳنڍي ڌيان حاصل ڪندا هئا. پر وقت گذرڻ سان گڏ احساس ٿيو ته ٻٽاڪ پڻو وقت جو ٺپ زيان آهي. سياسي منظر نامي تي جيڪو نظر اچي رهيو هوندو آهي ان کي انگريزي ٻولي ۾ ٻڌايل اَيز اِٽ اِز ڏسڻ جي به ڪوشش ٿيڻ گھرجي.

تمهيد هروڀرو ڊگھي ٿيندي پئي وڃي. اصل موضوع ڏانهن موٽندي توهان کي اهو اطلاع ڏيڻو هو ته گذريل ڪجھه ڏينهن کان اسلام آباد جي ڪنهن محفل ۾ جڏهن به صحافي يا سياستدان گڏجي ويهن ٿا ته سڀني جو ڌيان ان سوال جو جواب ڳولڻ ڏانهن هليو ويندو آهي ته “اليڪشن ڪميشن کي ڇا ٿيو آهي؟” اهو ايڏو“ خودمختيار” نظر اچڻ ڇو شروع ٿي ويو آهي.

جنهن “سوال” جو ذڪر ڪري رهيو آهيان ان کي اٿارڻ جي شروعات اليڪشن ڪميشن پاران سپريم ڪورٽ کي فراهم ڪيل ان جواب ۾ ملي جيڪو مارچ ۾ سينيٽ جي خالي ٿيندڙ 48 سيٽن تي چونڊن بابت هو. عمران حڪومت جي خواهش آهي ته ڄاڻايل چونڊ “ڳجھي” ووٽنگ بدران کليل انداز ۾ ٿئي. اسان سڀني کي خبر هجي ته ڪهڙن قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن سينيٽ جي ڪهڙي اميدوار کي ووٽ ڏنو. اهڙو طريقو اختيار ٿي ويو ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ موجود ميمبر پنهنجو ووٽ “وڪڻي” نه سگھندا. هر سياسي پارٽي کي ان جي جسامت موجب حصو ملندو. اسان کي حيران ۽ پريشان ڪندڙ اڻ ٿيڻيون ظاهر نه ٿينديون.

پر ملڪ ۾ “صاف سٿري” سياست جي خواهش مند ماڻهن جي رستي ۾ اسان جي تحريري آئين جو آرٽيڪل 226 بيٺل نظر اچي رهيو آهي. اهو واضح انداز ۾ زور ڀريندو آهي ته چونڊ عمل ڳجھي راءِ شماري ذريعي ئي مڪمل ٿئي. آئين ۾ ترميم ذريعي اها رنڊڪ سولائي سان هٽائي سگھجي ٿي. پر اپوزيشن پارٽين تي حاوي “چورن ۽ لٽيرن” سان عمران حڪومت “هيلو هاءِ” ڪرڻ لاءِ به تيار ناهي. آئيني ترميم لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جو رستو ٺاهڻ ته پري جي ڳالهه آهي.

پارليامينٽ کان گھربل سهڪار نه ملڻ جي حقيقت کي ذهن ۾ رکندي عمران حڪومت صدر مملڪت ذريعي سپريم ڪورٽ آڏو اها اپيل کڻي وئي ته اها مارچ ۾ ٿيندڙ چونڊن دوران ووٽن جي وڪري جي روڪٿام جو بندوبست ڪري. سپريم ورٽ مان “خير” جي اميد رکندي هڪ صدارتي آرڊيننس به جاري ٿي چڪو آهي. سپريم ڪورٽ “کليل” طريقيڪار جي هدايت ڏئي ڇڏي ته اهو عمل ۾ اچي ويندو. پر پنهنجو فيصلوٻڌائڻ کان اڳ سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کان راءِ طلب ڪرڻ به ضروري سمجھيو. اليڪشن ڪميشن ادب واري انداز ۾ آرٽيڪل 226 جو حوالو ڏئي ڇڏيو. زور ڀريندو رهيو ته ان جي هوندي “کليو” ووٽ ممڪن ناهي.

اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي ايندڙ چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي آڏو جيڪو موقف اختيار ڪيو ان اسلام آباد ۾ “سازش” ڳوليندڙ پَيرين کي سرگرم ڪري وڌو. ان ڏس ۾ ٿيل “تحقيق” اڃا ڪنهن مطنقي انجام تائين نه پهتي هئي جو ڊسڪه ۾ ننڍي چونڊ اچي وئي. گذريل جمعي جي رات دير تائين منظر عام تي آيل نتيجن موجب نواز شريف جي نالي سان منسوب مسلم ليگ اها سيٽ کٽي رهي هئي. پر ڊسڪه ۾ ان کان پوءِ “ڪوهيڙو” ڇانئجي ويو. 23 پولنگ اسٽيشن ۽ انهن جا نتيجا ان ڪوهيڙي ۾ گم ٿي ويا. “ڪوهيڙو” هٽيو ته اطلاع آيو ته ڄاڻايل اسٽيشنن تي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ پيا آهن. راءِ ڏيندڙن جي اڪثريت آخرڪار بازي تحريڪ انصاف جي پاسي ۾ پلٽائي ڇڏي آهي. ان اطلاع مسلم ليگ ن کي ڌانڌلي جو هل ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ان پاران ٿيل واويلا ڪجھه وقت گذرڻ کانپوءِ پنهنجي اهميت وڃائي وجھي ها، پر ڇنڇر جو سج اڀرڻ کان اڳ اليڪشن ڪميشن هڪ پريس رليز جاري ڪري ڇڏي. ان ذريعي ڪوهيڙي ۾ گم ٿيل پولنگ اسٽيشن جا نتيجا “شڪي” بڻايا ويا. ڳالهه جيتوڻيڪ نتيجن تائين ئي محدود نه رهي. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ٿيل پريس رليز پنجاب انتظاميا ۽ پوليس جي ڪردار بابت به سنجيده سوال اٿاري رهي آهي.

ڪالم جي شروعات ۾ عرض ڪيو هئم ته اسلام آباد ۾ ترسيل اقتدار جي راند تي نگاهه رکڻ جا عادي ماڻهو خبرن کي اَيز اِٽ اِز وٺڻ لاءِ تيار ناهن هوندا. اسان وٽ شين کي معمول موجب ڏسڻ جي روايت موجود هجي ها ته سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن پاران ڏنل جواب هڪ تحريري آئين جي آرٽيڪل 226 جي موجودگي ۾ هرگز حيران ڪندڙ نه هجڻ گھربو هو. ڊسڪه ۾ نازل ٿيل “ڪوهيڙي” جي ڪري اٿيل سوال به حيرت جو سبب نه بڻجڻ گھربا هئا. پر تلخ حقيقت اها آهي ته پاڻ وٽ نظر ايندڙ سياسي بندوبست جي باري ۾ اسين ڪيترن ئي ڏهاڪن کان “ڪوئي تو هي” جو اسي “چلا رها هَي” واري وهم ۾ مبتلا ٿي چڪا آهيون. صحتمند معاشرن ۾ هٿ ٺوڪين پڙهيل لکيل ماڻهن کي اهڙي خوش يا بد گماني بابت فڪرمند ٿيڻ گھرجي ها. پر اسان جي پڙهيل لکيل ماڻهن جي اڪثريت اهو ڄاڻڻ جي پويان پئجي وئي آهي ته اليڪشن ڪميشن “ڪنهن جي اشاري” تي پاڻ کي “خودمختيار” ثابت ڪرڻ لاءِ “ڄمي” بيٺو آهي. ان سوال جو جواب ڳوليندي چيف اليڪشن ڪمشنر جي “مائٽن” جو پتو به لڳايو پيو وڃي. ان حوالي سان “مٽين مائٽين” جي تفصيل کان آئون ذاتي طور چڱي ريت آگاهه آهيان. نقطي سان نقطو ملايان ته نهايت چسڪي ڀريل ڪهاڻي گھڙي سگھان ٿو. پر دل ان تي راضي نه ٿي رهي آهي. “عمر ڀَر ڪون حسين ڪون جوان رهتا هَي”.

بابت Editor

ھيءُ پڻ چيڪ ڪريو

گڏائڻ جو گس | ڊاڪٽر عبدالرحمٰن پيرزادو

تحرير: ڊاڪٽر عبدالرحمٰن پيرزادو منھنجو اھو چوڻ آھي تہ آفتون پاڻ سان موقعا بہ کڻي …

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *