اڱارو , 13 اپريل 2021
ensdur

ترقي پسند ۽ روشن خيال شاعر ۽ اديب مظھر لغاري سان آن لائين سرھي سانجھ، سڄي دنيا مان شرڪت

ڪرونا جي ڪري پابند ڪيل ملڻ-جلڻ ۽ ڪچھرين  کي آن لائين قائم رکڻ ۽ خوشگوار بنائڻ لاء رميش راجا ۽ منظور اڄڻ پاران شروع ڪيل سلسلي جي نائين گڏجاڻي ھڪ ترقي پسند ۽ روشن خيال شاعر ۽ اديب مظھر لغاري سان ھڪ سرھي سانجھ طور ٿي گذري. جنھن ۾ جامي چانڊيو، حسين جروار، مھيش ڪمار، ڪئناڊا مان نديم احمر، آمريڪا کان آيل ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي، نيدرلينڊ مان تسليم مظھر، جرمني مان ڪاڪا سنگھ، ھنگري مان دانش پرمار، روس مان زيشان جتوئي، بحرين مان منظور سيٺار، دبئي مان دودو کٽياڻ ۽ ٻين ساڃاه وندن مظھر لغاري جي فن ۽ فڪر تي ڳالھايو ۽ نوجوان فنڪار سعيد عابد ڦل سندس شاعري ڳائي خوب داد حاصل ڪيو.

تفصيل موجب مھمان شاعر جو تعارف ڪرائيندي رميش راجا چيو ته مظھر لغاري مقدار نه پر معيار ۾ وشواس ڪندڙ ليکڪ آھي. گھڻو پڙھي ٿو ۽ ٿورو پر سٺو لکي ٿو. سندس شاعري عالمي توڙي مقامي رجحانن جو سنگم آھي. سمورن ترقي پسند ۽ لبرل ماڻھن جو پسنديده ۽ ترجيحي ڪالم نگار ۽ شاعر آھي.

عالمي سطح تي رچايل ورچوئل سرھي سانجھ ۾ روشن خيال ۽ ترقي پسند شاعر مظهر لغاري چيو ته “ ادب صرف سماج جو عڪس نه پر عوام کي شعور ۽ گس ڏرندڙ به ھجڻ کپي. شاعر جي ذميداري ڪافيي ۽ رديف جو جوڙجڪ کان گھڻي مٿي آھي. اديب کي سرڪاري نه، پر عوامي ھجڻ کپي. سرڪار ايجندا بدران عوام جي اھنجن ۽ تڪيلفن تي لکڻ گھرجي. ھڪ سچي اديب لاء سرڪاري انعام نه، پر عوامي داد ئي تمغو آھي”.

ھن وڌيڪ چيو ته “سنڌ جو مسئلو گھڻو ڪري طبقاتي آھي وڏيرو ۽ جاگيردار ئي سڄي تباھي جو ذميدار آھي. وقت گذرڻ سان ڦريندڙن پنهنجي طريقه واردات ۾ جدت آندي آهي. هو پنهنجو ۽ پنهنجي آقائن جي حصي پتيءَ جو حساب رکي اڳي کان وڌيڪ ڌاڙا هڻي رهيا آهن ۽ کانئن جهڙو تهڙو پڇاڻو به گهٽجندو پيو وڃي. اهڙي ماحول ۾ وائرس ۽ وبائون بنا روڪ ٽوڪ جي انڌاڌند پکڙجنديون.

ھن وڌيڪ چيو ته منھنجي شاعري ڦرجي ويل، وڏيرن جي غلام ۽ بزگر بنايل پورهيت عورتن ۽ مردن لاءِ آهي. پر جڏھن هڪ وڏي پالتو خلق سرڪاري نظرئي جي پرچار جي ڊيوٽي تي فائز ھجي ته هي شاعري سڌيءَ طرح عوام تائين پهچڻ جي ڪابه اميد ڪانھي پر رميش راجا، منظور اڄڻ ۽ سندن ساٿي ڪوشش ڪري رهيا آهن، کين جس ھجي. جديد ڊجيٽل وڊيو گرافي واري دور اٻھرائپ ۽ عارضي پڻي جي گنجائش ڪانھي يوٽرني ۽ غير سنجيده اديب خوار ٿيندا. آئون نظرياتي طور ساڳئي بر ۾ بيٺل آهيان ۽ پنهنجي پراڻي شاعريءَ جي لفظ لفظ سان متفق آهيان.

سياست ۽ شاعري بابت پڇيل ھڪ سوال ۾ هن چيو ته “اديب لاء عوامي ڀلائي ۽ سجاڳي جو ڪارج کڻي ھلڻ ضروري آھي. ان ڏس ۾ شاعري پنهنجو ڪم ڪيو آهي ۽ ڪري رھي آھي پر سياست به جيڪڏهن صحيح رخ ۾ ڪم ڪري ته شايد ڪنهن ننڍڙي تبديليءَ جي شروعات ٿي سگهي ٿي. ڀتاخوري، قبضاخوري، مفت خوري ۽  ٽولي بازي بند ڪرڻي پوندي”.

حالات حاضره متعلق پڇيل سوال تي ھن چيو ته “انتھاپسندي سان نه، پر رواداري سان ئي اسان سڀ ڌرتي تي سڪون سان رھي سگھون ٿا، اھڙا تجربا مغرب وارن ويجھي ماضي ۾ ڪيا ۽ سڪون ۾ آھن. ان معاملي ۾ اسان جي ته صدين جي تاريخ آھي جن کي سمجھندي رواداري قائم رکڻي پوندي. مذھبن، نظرين، ثقافتن، لاشن ۽ جيئرن جي توھين ڪرڻ حيواني عمل آھن سنڌ ۾ اھڙيون حرڪتون ٻاھرين  پيوندڪاري آھي. سنڌ جي تاريخي ورثي، روايتن ۽ تقافت جي حفاظت ۽ پاسداري اڄ جي ليکڪ جو پھريون فرض ۽ سماجي ڪارج ھئڻ گھرجي”.

ترقي پسند دانشور جامي چانڊيو چيو ته مظھر جي شاعريءَ ۾ سنڌي عوام جي ڏکن جو سچو داستان به آهي ته سنڌ جي انقلابي ماڻهن جي بي مثال جدوجهد به ڊاڪيومينٽ ڪيل آهي. غلامي، غلاميءَ جي رکوال سياست، پوليس اسٽيٽ، ڪرپٽ رياستي نظام، گندي حڪمراني، انساني حقن جي ڀڃڪڙي، پاڻيءَ جي کوٽ ۽ قدرتي آفتون ھن جي لکڻين ۽ شاعري جا موضوع آھن.

حسين جروار چيو ته “مظھر لغاري ھوائون نه روڪيو جھڙن نظمن وسيلي آپيشاھي ۽ ٻوسٽ واري آمراڻي نظام کي چيلينج ڪيو. ھن جي شاعري ٣٠ سيپٽمبر جھڙين واقعن کي انسانيت جو قتل سمجھي مذمت ڪري ٿي. سندس شاعري جي ڪينواس تي خوشين, غمن, رومانس , ملڻ وڇڙڻ, ڌرتي, سونھن ۽ فطرت جا رنگ چٽيل آھن “.ـ

پروگرام جو اختطام ڪندي منظور اڄڻ چيو ته “مظهر لغاري جي شاعري ۾ عوام جا درد ۽ ڌرتيءَ جا عڪس موجود آھن ھن جي شاعري ڏاڍ کان نفرت ۽ مزاحمت سان ڀرپور آهي”.

ان موقعي تي پاڪستان جي مختلف شهرن مان عبدالرزاق سروھي, ڊاڪٽر سريش جي سراڻي، ذوالفقار بھڻ، شڪيل احمد شيخ ، جميل احمد شيخ، عبيد الله سولنگي، پروفيسر سريش ڪمار واڌواڻي، حاجي خان بوزدار، مرتضي گوھر، ساھ شيخ ، نذير سروھي، انيس نور ميمڻ، عشرت حسين ميمڻ، حق نواز شيراز چانڊيو، چانڊيو انور عزيز، راجيش جئپال، علي دوست اڄڻ، انتظار عامر ڪلهوڙو،  آصف ابڙو، حسين سھتو، بابر علي انصاري، وحيد جسڪاڻي، ممتاز خادم ميمڻ، علي محمد ناريجو، اياز جروار،  واجد سنڌي، امجد شر، ساحل ڪمار لوڍا، محمد بخش سومرو، الاھي مھر، بابو ھرداس، سعيد چنو، ڊاڪٽر فرخ ڀنڀرو، آصف علي ابڙو، سي خان، مشتاق احمد، گھنشام داس، اياز سارنگ،ڪيسراج ڀيل، نور الدين پنهور، انيس ڀنگر، الهرکيو ڪوري، ڊاڪٽر شھزاد شيخ ،خالد حسين ميتلو، نيرج جوشي، دریا خان شيخ، سانول ڳاھو، ظهيرالدين بابر ڀيو، فيصل نظر مورائي، وفا جاويد مڪئي معين گلال احسان علي سھتو، محمد تلحه انصاري جان شير سومرو، ذوالفقار جامڙو ۽ ٻين آن لائين شرڪت ڪئي.

آخر ۾ وڌندڙ ڪرونا وبا جي احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ تي زور ڀريو ويو.

بابت Editor

ھيءُ پڻ چيڪ ڪريو

فيلڊ جي سليڪشن سوچي سمجهي ڪيو | نواب علي راھو

نواب علي راھو غالبََا اها 1993 جي ڳالھہ آ جڏهن آئون بِي اِي ايگريڪلچر (BE …

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *