خميس , 29 آڪٽوبر 2020
ensdur

انعام عباسي جو فاروق ستار کان مائيڪ ڦرڻ | نواب علي راھو

تحرير: نواب علي راھو

اسان سنڌي بل خصوص پڙهيل لکيل ايڏا گجني ڇو آهيون؟ اسان کان ويجهڙائي واريون شيون، مامرا ڇو وسري ويندا آهن؟ بطور قوم اسان کي Short Memory Loss ويجهڙائي واري ڪرت، قومي معاملن ۽ سياسي، سماجي ماڻهن جي سنڌ دشمني ائين وسري وڃي ٿي جهڙوڪ اسين سڀ سنڌي عادي الزائمر (ويسر جي بيماري) جا مريض هجون!؟ جن کان سڀ ڪجهه وسري ويندو آهي!؟

۽ الميو وري اهيو آهي تہ جن کي آهي سڀ شيون، منافقيون، ويساھ گهاتيون، دشمنيون ۽ دشمنن سان ٻٽ ٿي بيهڻ وارو وقت ۽ مامرا ياد هوندا آهن ته انهن سان سنڌ جو شعور بيهندو ناهي يا وري ڪي عجيب عذر يا تاويلون پيو پيش ڪندو اهي!

چوندا آهن آزمايل کي آزمائڻ جهالت آ. فاروق ستار ميمڻ ڪميونٽي مان هئڻ ۽ سنڌ جناح جو گريجوئيٽ هئڻ باوجود ڪڏهن به اسان سان نه بيٺو پر سنڌ جي وحدت تي “شاھ کان وڌيڪ شاھ جو نوڪر” وانگر اڳتي وڌي نئين صوبي، ڪراچي جي مالڪي، ڊوميسائل ۽ ڪيترن معاملن ۾ هر سنڌيء کي جهير ڏيندو رهيو آهي. سندس جا اهڙا کوڙ وڊيوز ۽ ٽاڪ شوز رڪارڊ تي موجود آهن.

مون کي ته سندس جي ڪنوينر واري وقت جو اسان سنڌين کي ڏنل ڌمڪين ڀريو خطاب اڃا ڪنن ۾ ٻري ٿو. پوء اهڙي منافق، سنڌ دشمن ۽ نانگ کي ڇو خطاب ڪرڻ ڏنو وڃي ها؟ ان کي هي پليٽ فارم ڇو استعمال ڪرڻ ڏنو وڃي ها؟

هي پاڻ ڇٽل ڪارتوس “ڌوٻي جو ڪتو نه گهر جو نه گھاٽ جو” جي مثل هن احتجاج لاء ڪيترو ڪارائتو هو!؟

هي ته فقط پنهنجي پاڻ کي ميڊيا ڪوريج جي آڪسيجن ڏيڻ آيو هيو. هن جو پنهنجو سافٽ ويئر تبديل ٿيل آ! اهو ڇا ڳالهائيندو.؟ اهڙن مقررن کي ڏسي اصلي مالڪ ت کلندا ته ڪنهن کان پيا مطالبا ڪرايون … پوء ان همراه جي حمايت ۾ گهڻن جو هانَو ڇو ٿو ڦاٽي؟

هي ان سٿ جي سرواڻ رهيو آهي جنهن منظم طريقي سان اسان سان هر قسم جي ناجائزي، ظلم، بربريت ڪئي آهي ۽ سنڌ کي دائمي نقصان پهچايو آ، هنن سان اوائل ۾ اسان جا قوم پرست ڪيڏو نہ ويجهو رهيا، سندن جا استقبال ۽ اتحادي رهيا پوء وقت ثابت ڪيو ته “ڌريائين ڌاريا مٽ مئي جا نه ٿيا” ۽ سندن جو هنن کي ڏنل مان سمان ۽ اتحاد هميشه سنڌ جي ڳل تي پڇتاء جي ڳوڙهي طور ياد رکيو ويندو! ڇا پوء به انعام عباسي هن کي مائيڪ ڏي ها؟؟

آء انهن سڀني مهربانن کان جن فاروق ستار جي حمايت ڪندي انعام جي ان عمل تي تنقيد ڪئي آهي کان پڇڻ جي جسارت ڪيان ٿو ته فاروق ستار جي جاء تي جيڪر خواجه اظهار الحسن يا وسيم اختر وغيره اچي ائين مائڪ جهلي خطاب ڪري ها ته ڇا اوهان ان کي خطاب ڪرڻ جي اجازت ڏيو ها؟

يقينن گهڻائي نه ۾ جواب ڏيندي ڇو جو خواجه اظهار الحسن ڪراچيءَ ۾ سنڌين کي ڊوميسائل ڇو ٿو ٺاهي ڏنو وڃي جو ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچيءَ ۾ داخل ڪرايو آهي وغيره وغيره پر آسان کان وسري ويو آهي ته هي همراه به ان جو حصو هو يا خيال يا مائينڊ سيٽ ساڳيو آهي!

ان ڪري کري ۽ کوٽي، دشمن ۽ سڄڻ، زهر قاتل، منافق ۽ سنڌ دشمن سان ان ورتاء تي افسرده ٿيڻ بجاء ڪم ظرف ۽ ويڪائو سان اهيو حشر ڪيو ته جيئن مداري سياستدانن مان جان آجي ٿئي.

ان قسم جو اجتمائي عوامي رجحان ٺڳ، ڪوڙن، شبدي باز سياستدانن مان جان آجي ڪرائڻ جو نسخو اَٿوَ. ان جو ثبوت پ پ پ وارن جو 2012 آندل ٻٽو مڪاني نظام هيو جنهن تي سڀني پ پ پ جي ورڪرن، سنڌ دوستن ايڏو شديد ردعمل ڏيندي ميمبرن جي گهرن تي توا ٽنگيا ۽ کين کي ٻن ٽن پروگرامن ۾ ٽف تايم ڏنو جو ميمبر عوامي دٻاء کان اهڙا ڊنا جو پنهنجي ڳوٺن / حلقن ۾ اچڻ کان ئي نابري واري ڪراچيءَ ۾ لاپته ماڻهن وانگر گذارڻ لڳا.

بابت Editor

ھيءُ پڻ چيڪ ڪريو

ڪورونا جي صورتحال ۾ تعليمي ادارا بند هجڻ سبب ٻارن جي تعليم کي نقصان پهتو، سعيد غني

ڪورونا کانپوءِ اسڪولز ته کُلي ويا، پر ڪا خبر نه آهي ته ڪڏهن اسڪولز ٻيهر …

جواب ڏيو

توھان جي ايميل ايڊريس شايع نہ ڪئي ويندي. اھم خانن کي * جو نشان لڳايو ويو آھي