آچر , 20 سيپٽمبر 2020
ensdur

اسان بابت

ان وقت جڏهن سماجي ويب سائيٽن تي ”جيڪو اڳي سو ئي تڳي“ جيان بغير ڪنهن تصديق جي خبرن جي هڻ هڻان هجي، جنهن وقت پوري سماج ۾ ”جديديت پڄاڻان“ جا پاڇا لامارا ڏيندا هجن، جنهن ۾ مارڪيٽ ئي بس اهم هجي، جتي ڀٽائيءَ جي بيت: ”اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي“، جڏهن سياست جهڙو مقدس ۽ انساني مسئلن جا نامياتي حل ڪڍڻ وارو حقيقي ادارو به بس کيل تماشو ڪري اهڙو ڪيل هجي جو هر جڳه تي سياستدانن کي بڇڙو ڪرڻ ئي مقصد هجي، اتي اهو بي انتها ضروري سمجھيو ويو ته هن ٻڙڌڪي دور ۾ ٻه اکيائيءَ کان پاڪ، هڪ اهڙو خبرون پهچائيندڙ ادارو هجي جيڪو مارڪيٽ جي رڃ جيان سينگاريل ڪوڙن کي سچ ڪري ڏيکاريندڙ خبرن مٿان حقيقي طور پڙهندڙن کي ”اصل سببن ۽ واقعن تي مشتمل“ خبرون رَسائي.

ان اداري جو نالو ئي سماچار انڪري رکيو ويو آهي جيڪو نالو هزارين سالن کان سنڌي ٻوليءَ جو بڻ لفظ آهي جنهن جو مطلب آهي: خبرچار، حال احوال، نِياپو، پاراپو، واءُ سُئاءُ، سُڌ، اطلاع، آگاهي، سَماءُ، روُئداد، حالتن جو احوال. هي لفظ بنيادي طور تي سنڌي ٻوليءَ جي ٻن لفظن جو ڳٽڪو آهي جيڪي آهن سم ۽ چار.

سم جو مطلب آهي: برابر، پورو، هم وزن، هڪ جهڙو، يَڪسان، هَمسَر، مَٽ، ثاني، هڪ جيترو، هڪ جيڏو، سڀ ۽ چار جو مطلب آهي واههَ، حيلو، وسيلو، علاج، تدبير. گهڻو ڪري ٻين لفظن سان مرڪب ٿي ڪم ايندڙ جهڙوڪ لاچار، بيچار، خبر چار، سماچار وغيره. مطلب ته ڪنهن کي واقعي، لقاءَ يا ڪيفيت جي سموري ڄاڻ يا حال احوال ۽ خبرچار.

هن اداري جي سڀني ساٿين جو هڪ اهڙو ڳنڍ جوڙ ٺاهيو ويو آهي جنهن ۾ ڪوبه ساٿي نه ته ننڍو آهي نه ئي وري وڏو. اسان سڀ هڪ ازم دل ۽ دماغ ۾ کڻي نڪتا آهيون جنهن ۾ اسان اهو سانڍي ڇڏيو آهي ته پنهنجن ماڻهن کان ويندي ڏيهان ڏيهي ماڻهن تائين هن سماج جون حقيقي خبرون پهچايون ۽ اهو به ته اسان هن سڄي دنيا تي ٿيندڙ تبديلين کي ڪيئن سمجهي رهيا آهيون اهي خيال ڏاهن ماڻهن کان ويندي عام لوڪ جي واتان به سڀني کي ٻڌايون. انڪري سماچار جو فورم اسان سڀني لاءِ کولي رکيو آهي. جنهن ۾ اوهان سڀني کي به کليل نينڍ ڏيئي رهيا آهيون ته بغير ڪنهن تعصب جي، حقيقي دل جو حال اهڙي نموني سان پيش ڪري اسان تائين پهچايو جنهن سان ڪنهن به بني بشر جي ڪا ذاتي آزادي نه ڪچلجي پر سماج جي روڳن کي پڌرو ڪجي. سماچار جو هڪ اهو به ازم آهي ته سماج ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، اهو ته پڌري پٽ ڪجي ئي پر اهو سڀ ڪجھ ڇو ٿي رهيو آهي ان کي به وائکو ڪجي ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو حقيقي لقائن جا ڄاڻو ٿين.

سماچار ڪنهن به طور تي ڪنهن خاص سياسي، سماجي ۽ معاشرتي ڌر جو ڪو نمائندو ادارو ناهي، پر سڀني ڌرين کي پنهنجو سمجھي سندن نمائندگي ڪرڻ پنهنجو مقصد سمجھي ٿو.

سماچار هر ان آواز کي پنهنجو سمجهي ٿو جيڪو ڪنهن به ڌر پاران دٻائجي رهيو هجي، اسان هر ان ”آه“ کي پنهنجي آه سمجھون ٿا جيڪو دنيا جي ڪنڌ ڪڙڇ تي ايذائجي نڪري ٿي. اسان کي اوهان سڀني جي ساٿ جي انڪري ئي وڌيڪ ضرورت آهي ته جيئن پوري دنيا سامهون اسان ”پنهنجا خواب“ پيش ڪري سگهون. اهو ئي سبب آهي جو سماچار کي اٿندي سان ئي اسان ٽن ٻولين (سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ) ۾ ٺاهيو آهي ۽ اسان صرف انهن ٽن ٻولين تائين نه بيهنداسين پر ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ ٻوليون به شامل ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا، جن ۾ سرائڪي، پنجابي، بلوچي، هندڪو ۽ پشتو شامل آهن.

سماچار ۾ اسان مارڪيٽ جي چڪاچوند خبرن سان گڏ راند روند، نين ٽيڪنالاجين سان گڏ، سماج جي مک هٿ سرتين جي سرگرمين کي به اجاگر ڪرڻ لاءِ جدا وٿيون رکيون آهن.

ان سلسلي ۾ اسان جي اوهان سڀني کي اها منٿ آهي ته پنهنجو پاڻ اسان سان سلهاڙي، يا اسان کي پاڻ سان سلهاڙي، اچو ته گڏجي سماجي  ناسورن کي سامهون آڻي انهن جي تدراڪن تي آواز بلند ڪريون.

ساٿ سلامت

سماچار سٿ