خميس , 28 جنوري 2021
ensdur

اساما آپريشن کانپوءِ مستند اوباما جو فرمان | نصرت جاويد

تحرير: نصرت جاويد

گذريل ٻن هفتن دوران راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي اهم ترين پاليسي ساز ادارن ۾ هڪ ڀيرو وري اهو سوال غور هيٺ آهي ته وطن عزيز جي صحافين کي “قومي نظريي” کي هٿي ڏيڻ جي قابل ڪيئن بڻايو وڃي. ان ڏس ۾ هڪ ڪورس جو اهتمام ٿيو. ڪجھه بريفنگز به ٿيون جتي رياستي قوت جي حوالي سان “اقتداري” ماڻهن پنهنجي ڳالهين سان ويٺلن کي خوش گوار حيرت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو.

عملي صحافت کان وقت ٿيو آهي رٽائر ٿئي. ڪنڊائتو ٿي هن ڪالم ذريعي صرف لکڻ جي عادت کي سڪون پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهيان. مون کي اهو وهم ڪڏهن به ناهي رهيو ته منهنجي تحرير “ذهن سازي” جي ڪم اچي ٿي. هونءَ به موجوده دور ۾ اسان وٽ اهو فرض ڪيو ويو آهي ته لانگ فرم واري پرنٽ صحافت جو دور ختم ٿي چڪو آهي. “عام راءِ” اڄ ڪلهه ٽي وي اسڪرينن تي ظاهر ٿيندڙ دانشور ئي جوڙين ٿا. ان کان سواءِ يوٽيوب آهي. ان ذريعي پگھار ۽ لفافي جي حوس کان آزاد ٿيل حق گو ماڻهن کي حقيقتون جرئت سان ٻڌائي ڇڏين ٿا. ذهن سازي جي حوالي سانInfluence  تي هاڻي انهن جي حڪمراني آهي. هزارين ماڻهن يو ٽيوب تي انهن جي ڳالهه ٻول کي وڏي چاهه سان فالو ڪندا آهن. انهن جي هوندي اخبارن لاءِ اگر مگر سان لکندڙ ڏنگ ٽپائو ڪالم نگارن جي بي اثر خيالن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت ئي ناهي رهي. هاءِ اسڪول جي زماني کان ئي مون کي صحافت کي پيشي طور اختيار ڪرڻ جو مرض ٿي پيو هو. لکڻ ۽ ڳالهائڻ کان سواءِ روزي ڪمائڻ جي ڪنهن ٻئي طريقي کان ان ڪري واقف ئي نه ٿي سگھيس. عمر جي آخري حصي ۾ داخل ٿي ڄاڻيو اٿم ته آئون خبرن جي هنر کان ٺپ محروم آهيان. سڄي ڄمار “لفافا” وٺي ڪوڙ پکيڙڻ ۾  لڳائي ڇڏيم. اسان وٽ جيڪڏهن ايمانداراڻي صحافت ٿي رهي هجي ها ته سياستدانن جو روپ ڌاريل مبينه طور “چور ۽ لٽيرا” آصف زرداري ۽ نواز شريف جهڙا “مني لانڊرر” اقتدار ۾ واريون نه وٺندا رهن ها. ڪرڪيٽ مان نالو ڪمائيندڙ هڪ “هيرو” عمران خان صاحب کي اڪيلو انهن ماڻهن خلاف 22 سالن جي جدوجهد ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿئي ها، پر پوءِ به پاڪستان جي خوش قسمتي آهي جو آخرڪار آگسٽ 2018ع ۾ اهو اسان جو وزيراعظم چونڊجي ويو. پنهنجو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ هو ثابت قدميءَ سان 70 سالن کان گڏ ڪيل گند صاف ڪرڻ ۾ مصروف آهي. ملڪي سياست هاڻي سڌي رستي تي اچڻ شروع ٿي وئي آهي. حرام خوري جي عادي “مافيا” کان جيتوڻيڪ جند ڇڏائڻ لاءِ “صرف ڪجھه ڏينهن باقي…” گھٻرائڻ کان سواءِ صبر کان ڪم وٺڻ جي ضرورت آهي، پر خبرن جي حوالي سان ڏکيائي اها درپيش آهي ته دنيا هيل تائين اهو تسليم ڪندي نظر نه پئي اچي ته پاڪستان “بدلجي” چڪو آهي. پاڪستاني صحافين لاءِ ان ڪري اهو لازمي قرار ڏنو پيو وڃي ته اهي پنهنجي هنر کي “تبديلي” واري حقيقت اجاڳر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪن. مون کي پڪو يقين آهي ته خبرن جي علم جي گهرائي ۽ اصولن کي مون کان ڪافي بهتر سمجهندڙ منهنجا سينئر ۽ جونيئر ساٿي ان حوالي سان قوم کي مايوس نه ڪندا.

جنهن هنر جي چاهت هجي اهو قابو ۾ نه اچي ته مون جهڙا ناڪام ماڻهو يخي هڻڻ شروع ٿي ويندا آهن. پهاڄن جيان چڙ وارا سوال اٿاريندا آهن. ٻين جي هر ڪم مان نقص ڪڍندي ماڻهن جي دلين کي اميد کان محروم ڪري ڇڏيندا آهن. اڱاري جي رات کان آئون اهڙن ئي سوالن جي وڪڙ ۾ آهيان. انهن جا جواب ڳولهي ناهيان سگھيو. شايد هي ڪالم ڪجھه ماڻهن کي مون کي تسلي جوڳا جواب ڏيڻ تي اتساهي.

 موجوده دور ۾ دنيا جي واحد سپر طاقت سمجھيو ويندڙ هڪ ملڪ آهي، آمريڪا. باراڪ حسين اوباما نالي جي هڪ ڪاري رنگ واري 2008ع جي صدارتي چونڊ کٽي ان ملڪ جي تاريخ جوڙي هئي. ان کانپوءِ هو اٺن سالن تائين هڪ طاقتور ترين صدر رهيو، پر 2016ع ۾ وائيٽ هائوس ڇڏڻ کان اڳ هن آمريڪي  پارليامينٽ کي الوداعي خطاب ڪندي واضح لفظن ۾ ان خدشن جو اظهار ڪيو هو ته “ايندڙ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين” اسان جو خطو يعني ڏکڻ ايشيا جنهن ۾ پاڪستان، ڀارت ۽ افغانستان جهڙا ملڪ به شامل آهن، سياسي عدم استحڪام ۽ ڏڦيڙ جو شڪار رهندو.

اوباما جي ڄاڻايل خطاب کانپوءِ اڪثر هن ڪالم ذريعي فرياد ڪندو رهيس ته وائٽ هائوس مان موڪلائڻ کان اڳ اوباما صرف ڏکڻ ايشيا بابت ئي پريشان ڪندڙ ڳالهه ٻول ڇو ڪئي. ان آفريڪا يا لاطيني مريڪا جو ذڪر ڇو نه ڪيو؟ غريب ملڪ دنيا جي هر خطي ۾ هزارين ڏکياين کي منهن ڏئي رهيا آهن. هٿ ٺوڪيو “مهذب” يورپ به هاڻي وحشياڻي نسل پرستي جي وڪڙ ۾ آهي. برطانيا پنهنجي “سڃاڻپ” برقرار رکڻ جي ضد ۾ يورپي يونين کان ڌار ٿي چڪو آهي. جرمني ۾ کوڙ سارن ماڻهن کي هٽلر جي ياد اچڻ شروع ٿي وئي آهي. فرانس جو صدر جنوني ٿي اسلام خلاف جنگ جو اعلان ڪري چڪو آهي. پولينڊ ۽ هنگري ۾ آمراڻو نظام  پنهنجي عوج تي آهي. اڳوڻي سوويت يونين کان ڌار ٿي هڪ ملڪ “بيلارس” گذريل ٽن مهينن کان عوامي احتجاج کي منهن ڏئي رهيو آهي. اتان جي عوام تازو ئي صدارتي چونڊن جي نتيجن کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. حالتون بدلائڻ جي ڪا صورت نظر نه پئي اچي.

سياسي معاملن کان هٽي ڪري ڪرونا به آهي، جنهن 2020ع کي عالمي تاريخ جو ڀوائتو سال بڻائي ڇڏيو آهي جيڪو سڄي دنيا ۾ ڪيترن ئي صدين کان موجود رياستي ۽ انتظامي ڍانچن جي بقاءَ بابت هزارين سوال اٿارڻ جو سبب بڻيو. وائٽ هائوس کان موڪلائڻ وقت صدر اوباما انهن سمورين حقيقتن جي نشاندهي نه ڪري سگھيو. ان جي سُئي ڏکڻ ايشيا تي ئي اٽڪيل رهي. آئون ان جي “دانشوري” کي سنجيدگي سان وٺڻ ۾ وقت زيان ڇو ڪريان؟ پر اڱاري جي رات خبر اها پئي ته اوباما جي خيالن کي ان جي ملڪ ۾ ئي نه پر سڄي دنيا ۾ به کوڙ سارن پڙهيل لکيل ماڻهو هاڻي به سنجيدگي سان وٺندا آهن. اقتدار کان واندڪائي کانپوءِ ان ساڍا ٽي سال لڳائي هڪ ڪتاب لکيو آهي. A Promised Land  ان جو عنوان آهي. اڱاري جي رات ان ڪتاب جو مهورت ٿيو آهي.

ان ڪتاب جي بازار ۾ اچڻ کان اڳ ئي ڏيڍ لک ماڻهن ان کي خريدڻ جا آرڊر ڏنا هئا. ان انگ کي ذهن ۾ رکندي ڄاڻايل ڪتاب جي پبلشر فيصلو ڪيو ته شروعات ۾ ان جون 32 لک ڪاپيون شايع ڪيون وڃن. ان کي خريدڻ جي خواهش جو اظهار ڪندڙن جي انگ ۾ حيران ڪندڙ حد تائين اضافو ٿيندو رهيو. پبلشر آخرڪار امڪاني طلب پوري ڪرڻ لاءِ جرمني جي هڪ پريس کان ڏهه لک اضافي ڪاپين جي تياري لاءِ رابطو ڪيو. اڱاري جي رات ان ڪتاب جون 50 لک ڪاپيون مارڪيٽ ۾ پهچايون ويون.

ساڍا ست سئو کان وڌيڪ صفحن تي ٻڌل ان ڪتاب جي قيمت 45 ڊالر آهي، پر پنجاهه لک ماڻهو ان کي خريد ڪري پڙهندا. ان ڪتاب ۾ اسامه بن لادن خلاف ٿيل مئي 2011ع واري آپريشن جو ذڪر به آهي. ان حوالي سان اوباما جي بيان ڪيل ڪهاڻي کي 50 لک پڙهندڙ ڏاڍو سنجيدگي سان وٺندا. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته اوباما پنهنجي ڪتاب م اها ڳالهه ٻول به تفصل سان لکي وڌي آهي جيڪا اساما خلاف ٿيل آپريشن کانپوءِ پاڪستان جي صدر ۽ انهن ڏينهن جي آرمي چيف سان ٿي هئي. اوباما تي اعتبار ڪريون ته اسان جي حڪمرانن کي ڄاڻايل ڪتاب موجب آپريشن مڪمل ٿيڻ کانپوءِ صرف ان جو “اطلاع” ڏنو ويو هو. اسان جا “مائي باپ” ان کان “معاملو سنڀالڻ” جو مطالبو ڪندا رهيا. الله الله خير صليٰ.

اوباما جو تازو ڪتاب اساما بن لادن جي حوالي سان پاڪستان جي باري ۾ جنهن تاثر کي هٿي ڏيندو ان کي نيويارڪ ٽائمز ۽ سي اين اين جهڙا ادارا لوڻ مرچ لڳائي ڇاپيندا. ڀارتي ميڊيا کي به ان جي ڪري پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇڻ لاءِ وڏي مقدار ۾ مواد ملندو. سوال اٿي ٿو ته 50 لک ماڻهن پاران پڙهيل هڪ ڪتاب پاڪستان جي باري ۾ جيڪو تاثر پکيڙيندو ان جو ٽوڙ منهنجا کوڙ سارا هنرمند ساٿي پنهنجي يوٽيوب چينلن ذريعي ڪيئن جوڙي سگهندا. جيڪي پنجاهه لک پڙهندڙ اوباما جو ڪتاب 45 ڊالر خرچ ڪري پڙهندا انهن مان شيد هڪ به اردو ٻولي پڙهي نٿو سگھي. يوٽيوب تي ان ٻولي ۾ بيان ٿيل قصا به انهن تائين پهچي نه سگھندا. اساما بن لادن جي حوالي سان ان ڪري ڳالهه اها ئي تصديق ٿيل سمجھي ويندي جيڪا آمريڪا جي اٺ سال اڳ اقتدار ۾ رهندڙ “تاريخ جوڙيندڙ ڪاري رنگ واري” صدر اوباما بيان ڪئي هوندي.

اساما آپريشن کانپوءِ اسان وٽ جاويد اقبال صاحب جي سربراهي ۾ حققتن جي تلاش لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميشن قائم ڪيو ويو هو. “سڀني تي بالادست” هجڻ جي دعويدار پاڪستان جي “چونڊيل” پارليامينٽ هڪ گڏيل اتفاق سان قرارداد ذريعي ان ڪميشن جي قيام جي منظوري ڏني هئي. ڄاڻايل قرارداد اهو “حڪم” به صادر فرمايو هو ته ڪميشن جي رپورٽ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ منظر عام تي آندي ويندي. 2013ع جي شروعات ۾ گھربل رپورٽ تيار ٿي وئي، پر ان کانپوءِ کان وٺي هيل تائين وزيراعظم جي آفيس ۾ موجود ڪنهن الماڙي ۾ بند آهي. اها رپورٽ اسان جي علم ۾ آندي وڃي ها ته ان جي بنياد تي اوباما جي اساما آپريشن بابت ڪهاڻي تي سوال پڪ سان اٿاري ٿي سگھياسين. ان کان سواءِ ته “مستند آهي اوباما جو فرمايل” وارو معاملو ئي رهندو.

بابت Nusrat Javed

سینئر صحافی، اینکر پرسن، تاریخ دان، محقق

ھيءُ پڻ چيڪ ڪريو

بي وس پي ڊي ايم ۽ با اختيار پيپلزپارٽي | شوڪت علي جلباڻي

تحرير: شوڪت علي جلباڻي نيب چيئرمين ، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي سڌو سنئون …

جواب ڏيو

توھان جي ايميل ايڊريس شايع نہ ڪئي ويندي. اھم خانن کي * جو نشان لڳايو ويو آھي